مير پور خاص ۾ گلن جي نمائش
ميرپورخاص باغن، فروٽ فارمن، پارڪن جو شھر ھو. ھتي ھر سال ميونسپل جي آفيس جي وسيع اڱڻ ۾ گلن جي ھڪ عاليشان نمائش منعقد ٿيندي ھئي. مون پھريون ڀيرو جڏھن اھا نمائش ڏٺي، ان ۾ موجود رنگ برنگي گلن جي بھار لڳي پئي ھئي. آئون جيڪو ڪئمپ ۽ قيد ڪلچر جو ٻار ھئس، مون ھن کان اڳ صرف قيد و بند جا ڪنڊا ڏٺا ھئا يا پوءِ جھنگ جا گُل، پُسيءَ جا ڳاڙھا گل، سرينهه جي وڻ جا نازڪ خوشبودار گل، نمن جي ٻور جھڙا گل ضرور ڏٺا ھئا. پر ھن نمائش کي ڏسڻ کان پوءِ، فطرت طرفان تخليق ڪيل حسن ڏسي حيرت ۽ خوشيءَ جا جذبا پيدا ٿي ٿيا. ياد رھي ته قاضي فيض محمد پنھنجي داستانِ حيات واري ڪتاب ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته جرمنيءَ جي ھڪ پارڪ ۾ گلن جي رنگا رنگي جھرمر ڏسي، سندس طبيعت ايتري ته جذباتي ٿي وئي جو چوي ٿو ته ان منظر جي وجدان ۾ نيٺ زمين تي ويھي رھيس. ڇاته فطرت جو حسن ۽ ان جو نظارو ھو.
ھن نمائش ۾ مختلف سرڪاري کاتن ۽ دفترن طرفان گلن جون ڪونڊيون موڪليون وينديون ھيون، مگر ھر سال ھڪ پرائيويٽ واپاري ڪمپني ”والڪرٽ برادرز“ طرفان موڪليل گل نمائش ۾ پھريون انعام کٽندا ھئا. اھي ”والڪرٽ برادرز“ وارا سنڌ ۾ ڪپھه جي ايڪسپورٽ جا تمام وڏا واپاري ھئا. ميرپور خاص ۾ ڀان سنگھه آباد واري ڦاٽڪ جي پريان والڪرٽ برادرز جي ھڪ وڏي ڪاٽن فيڪٽري ھوندي ھئي. جنهن وٽ ميرپور خاص جو پاور ھائوس واقع ھو.
والڪرٽ برادرز اصل ۾ برطانيھ جي ڪمپني ھئي، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪپھه برطانيه ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندي ھئي. ياد رھي ته ان وقت برطانيھ جو شھر مانچسٽر سموري دنيا ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽري جو وڏو مرڪز ھو. برطانيه سرڪار ھندستان مان ڪپھه گھرائي سموري دنيا کي ڪپڙو وڪڻندي ھئي. ان لاءِ انگريز جڏھن سنڌ ۾ وارد ٿيو، انهيءَ وقت اھا سوچ کڻي آيو ھو ته نوابشاھه ضلعي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي بئراج ايريا کي ”ڪاٽن بيلٽ“ بنايو وڃي، ان لاءِ سرڪار نارا ڪئنال جي ري ماڊلنگ ڪري، ان مان منڍ جمڙائو وٽان جمڙائو ڪئنال ڪڍيو، جيڪو سانگھڙ ضلعي مان گذرندي، ٿرپارڪر ضلعي تائين ٻارھن مھينا زراعت لاءِ پاڻي پھچائي پئي سگھيو. ياد رھي ته جمڙائو ڪئنال 1901ع ۾ مڪمل ٿي وھڻ لڳو. ھتي حر تحريڪ ھلندڙ ھئي. ان ڪري انگريز ڪمشنر مسٽر لوڪاس ان جو بھانو بنائي، خاص ڪري جمڙائو ڪئنال جي تمام ڊگھي پيچ واري ايراضيءَ ۾ سنجھوري تعلقي کان وٺي ڊگھڙي، جيمس آباد تائين لڌيانه، امرتسر، مشرقي پنجاب کان آباد ڪار طبقو لڏائي اچي انهن علائقن ۾ زمينون ڏئي آباد ڪيو. انگريز جو اھو خيال ھو ته اھي پنجابي لوڪ ڪپھه جا ڪاريگر آبادگار آھن، جيڪي مانچسٽر جي ٽيڪسٽائيل ملن لاءِ جام ڪپھه پيدا ڪري سگھن ٿا. ان لاءِ انگريز سرڪار تمام وڏي پلان سان انهن علائقن ۾ ڪپھه ٽاڻڻ جي ڪارخانن جو بندوبست ڪرايو. جنهن لاءِ ھندو ۽ مارواڙي سرمائيدارن کي مائل ڪيو ويو ته انهيءَ راجا واري ريلوي لائين تي موجود ھر ھڪ ريلوي اسٽيشن وٽ ھڪ ”ڪاٽن جننگ فيڪٽري“ قائم ڪن، جتي ڪپھه کي ٽاڻي انهيءَ ساڳي ريلوي لائين وسيلي وڃي ڪراچي بندرگاھه تي پھچائجي، جتان کان اھا چمڪندڙ چاندي وڃي مانچسٽر پھچي. انگريز سرڪار جي ان رٿابندي بھرحال 1901ع کان پوءِ ھن علائقي ۾ زراعت کي وڏي ھٿي ڏني. ياد رھي ته حرتحريڪ جو جيئن ته ٽڪراءُ برطانيھ سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سان ھيو. تنهنڪري پاليسي موجب حرن کي ڪابه نئين زمين ڏيڻي ڪونه ھئي. ان تي پنجابي آبادگارن کي ترجيح ڏني وئي.
ميرپورخاص شھر پنھنجي نالي ۾ ته برابر ميرصاحبان جي حاڪميت وارو شھر ھيو، پر ان ۾ اھي واپار، بازاريون، دوڪانن جون رونقون گھڻو ڪري سنڌي ھندن سان لاڳاپيل ھيون. ميرپور خاص ۾ ان زماني ۾ پراڻا محلا ۽ ان ۾ موجود محل ماڙيون، گھر ۽ گھٽيون انهن ڀائي بندن جون تعمير ڪيل ھيون. ميرپور خاص ۾ ھڪ ”ٽاٽا“ وارن جو محلو به ھيو، جتي شايد ھندستان جي وڏي سرمائيدار ڪمپني ڪا انڊسٽري لڳائڻ واري ھئي.
جمڙائو ڪئنال ۽ ناري مان نڪرندڙ وڏن واھن جھڙوڪ مٺڙائو ڪئنال، جنهن کي مقامي ماڻھو بان واھه سڏيندا آھن، اھو ان ڪري جو ميرن جي زماني جي مٺڙائو واھه کي ري ڊزائين ڪرڻ واري انگريز انجينيئر جو نالو ”مسٽر بان“ ھو. اھي علائقا جڏھين آباد ٿيا ۽ ڪپھه ٽاڻڻ جا ڪارخانا لڳايا ويا، انهن ڪارخانن ۾ سرمائيدارن ٻاھريان پورھيت آڻي اچي ڪارخانن ۾ انهن جون ڪالونيون قائم ڪيون. ان زماني جي ڪاٽن فيڪٽرين ۾ تمام گھڻا مزدور ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪندا ھئا. عورتون پڻ ڦٽيون صاف ڪرڻ جي مزدوري ڪنديون ھيون. ھنن مزدورن ۾ اڪثريت بلوچي، مڪراني لوڪن جي ھئي. ھن وقت اھي فيڪٽريون اتي ناھن رھيون، پر انهن بلوچ مزدورن جون ڪالونيون قائم آھن. انهن ٻاھرين مزدورن جي ھتي اچي مزدوري ڪرڻ جو سبب اھو ھو، جو سنڌي ماڻھو ان زماني ۾ اھڙي مزدوري ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو. سنڌي ماڻھو ھر ھاري ٿيڻ، مال ڌارڻ ۽ چارڻ کي وڌيڪ پسند ڪندو ھيو.
ڍولڻ آباد محلو: ميرپور شھر جون حسناڪيون ڪيتريون بيان ڪجن. ھن شھر ۾ ھڪ محلو ”ڍولڻ آباد“ جي نالي سان قائم ھيو. ھن محلي جي خوبصورتي اھا ھئي ته ڪنهن ڍولڻ نالي سيٺ اھو محلو کليل سڌين گھٽين ۽ ھڪ قطار ۾ ٺھيل گھرن سان تعمير ڪرايو ھو. مون جھوپڙي نشين جڏھن ان محلي جا گھر ڏٺا، جن سڀني گھرن جي سامھون مھاڙيون ھڪ جھڙي ڊيزائين سان تعمير ٿيل ڏسي واقعي دل اھا شاھدي ڏني ته ڍولڻ آباد واقعي ”ڍولڻ“ ماڻھن جو محلو ھوندو ھو.