ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جا استاد
ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال محترم قاضي احمد ھو، جيڪو اصل نصرپور جو رھاڪو ھو. چيائون پئي ته قاضي صاحب مختيار ڪار به رھي چڪو ھو. پر ھن صاحب استاد ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪيو. ھي صاحب سادو ۽ سٻاجھڙو انسان روزانه اسان جي ڪلاس کي ”اصولِِ تعليم“ وارو مضمون پاڙھيندو ھو. قاضي احمد صاحب ڪڏھين ڪڏھين ھڪ پيرڊ کي ڇڪي، ٻن ٽن پيرڊن تائين ليڪچر جاري رکندو ھو. نهايت سليس زبان ۾ ليڪچر ڏيندو ھو.
سيد صالح محمد شاھه، باريش بزرگ تمام سختيءَ جي حد تائين سنجيدھه استاد سنڌي زبان ۽ سنڌي زبان جي تدريس جا مضمون پاڙھيندو ھو. اصل ۾ سنڌي فائنل پاس استاد ھو، پوءِ مولوي عالم، مولوي فاضل جا امتحان پاس ڪري ان سان گڏ انگريزي ٻوليءَ جا پيپر ڏئي ان وقت بي اي پاس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ھيءُ سائين پنھنجو علم وڌائيندي آخر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ ڪامياب ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ نصابِ تعليم جوڙڻ وارن ماھرن ۾ سندس شمار ٿيندو ھو. ھيءُ سيد اصل ۾ سعيد آباد جي پاسي جو رھاڪو ھو. سندس خاندان علمي خاندان ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ڀاءُ سيد وڏل شاھه جو نالو ڪيميسٽريءَ جي مضمون پاڙھيندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۾ نه صرف پاڪستان سطح تي پر بلڪه تعليمي دنيا ۾ مشھور ٿيو. سائين صالح محمد جو ڀاڻيجو شير شاھه ان وقت تازو اسان جي ٽريننگ ڪاليج واري پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي آيل ھو. ياد رھي ته استادن جي تربيتي ادارن سان پرائمري، مڊل اسڪول لازمي طرح سان موجود ھوندا آھن ته جيئن انهن اسڪولن ۾ موجود ٻارن کي زير تربيت استاد اداري جي نگراني ۾ عملي سبق پاڙھڻ جي مشق ڪري سگھن.
استاد سکيو خان چنا پڻ سنڌي سکيا جو نهايت لائق استاد ھو. سائين تمام مھربان صورت، کلمک طبع وارو استاد ٿي گذريو آھي. شاعريءَ ۾ ” مجروح“ تخلص استعمال ڪندو ھو. سائين سکيو خان چنا صاحب ڪنڊياري جي پاسي جو رھاڪو ھو. جڏھين ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سانگھڙ ۾ سن 1964ع ۾ شروع ٿيو ته پاڻ سڪرنڊ مان سانگھڙ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد ٿي آيو. ساڻس ھميشھ رابطو رھندو آيو. پاڻ به ڀلائي جو ڀيرو ڪندي جھول خواھه سانگھڙ ۾ ديدار ڪرائيندو ھو. ياد رھي ته اسان جا اھي فاضل استاد پنھنجي قابليت ۾ تعليم جا ماھر ٿي گذريا آھن. سندن نالا اسان جي نصابي ڪتابن ۾ موجود آھن. انهن جو شاگرد ڪوٺائڻ اسان لاءِ نهايت فخر جي ڳالھه آھي.