فلم جي تفريح
ميرپور خاص شھر ۾ ان وقت ٻه سئنيمائون ھلندڙ ھيون. ھڪڙي مشھور سئنيما ”فردوس ٽاڪيز“ اسٽيشن ڀرسان ھلندڙ ھئي. ان زماني ۾ اڪثر ڪري ھندستان جون مشھور فلمون ھفتن جا ھفتا پيون ھلنديون ھيون. سئنيما تي ٺھي جڙي وڃبو ھو. پھرئين وڃي ھلندڙ فلم جا پوسٽر فوٽو ڏسبا ھئا ته فلم جا ڪھڙا خاص پارٽ آھن. عام ماڻھن کي لڙائي واري فلم سان دلچسي ھوندي ھئي. ڪنهن به تمام مشھور نئين فلم لڳڻ سان سڄي شھر ۾ ٽانگي تي اسپيڪر رکي پاسن کان وڏا پوسٽر لڳائي پبلسٽي ڪئي ويندي ھئي. نئين فلم جا شروعاتي شو وڏي رش وٺندا ھئا. ان ڪري خاص ڪري ھيٺين ڪلاس يعني 6 آني ۽ ٻارھين آني واري ٽڪيٽ ونڊو تي وڏيون قطارون لڳل ھونديون ھيون. اھي عوامي ڪلاس جون ٽڪيٽون بليڪ به ڪيون وينديون ھيون. رش جي وقت مايوس تماشاين جي ميڙ ۾ مڪراني ٽائيپ جا ھيرو دٻيل آواز ن ۾ ”چلو ڇي آني والا بارھه آنا.“ ” چلو بارھ آني والا دو رپيه.“ ”جلدي ڪرو!“ جيڪو ماڻھو کين ڇڏ ڇوٽ لاءِ چوندو ھو ته ناراض ٿي چوندا ھئا ”جائو ڙي.!“
انهيءَ زماني ۾ فردوس سئنيما ۾ ھندستاني فلم ”ڀائي ڀائي“ لڳي. ڪافي ھفتن ھلڻ کان پوءِ رش ختم ٿي، آئون سيڪنڊ ڪلاس جي ٻارھين آني واري ٽڪيٽ وٺندو ھئس، حاجي محمد حيات واري ڏنل رپئي مان ٻارنهن آناٽڪيٽ تي، باقي چار آنا چانهه پاڻي تي خرچ ڪبا ھئا. فلم ڀائي ڀائي جو اھو گانو ته ” اس دنيا ۾ سب چور چور، ڪوئي بڙا چور ڪوئي ڇوٽا چور.“ گانو نميءَ کي ڳائيندي ڏسڻ مونکي ڏاڍو وڻندو ھو. ان لاءِ ھڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا اھا فلم ڏٺي سون.