آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

يقين محمد لغاريءَ جو ڪارو ڪال

يقين محمد لغاريءَ جو ڪارو ڪال

ٽريننگ ڪاليج سانگھڙ ۾ يقين محمد لغاري ميرپور خاص جي ڪنهن اسڪول مان بدلي ٿي آيو ھو. ھيءُ صاحب خانصاحب عزيز محمد بلوچ لغاري جو نياڻو ھو. اصل ۾ اردو خواندھه، ايم اي انگريزي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي جا سرٽيفڪيٽ رکندڙ ھو. ڪنهن به بحث يا ڪچھريءَ دوران سندس تڪيه ڪلام اھو ھوندو ھو ته ”توھان منھنجي ڳالھه نه ٿا سمجھو!“ اصل ۾ ھو صاحب سمجھڻ واري انداز ۾ ڳالھه ڪري ڪونه سگھندو ھو. ڪلاس ۾ به سندس ڪارڪردگي اھا ھئي ته شاگردن کي آخر تائين پتو نه پوندو ھو ته سائين اڄ ڪھڙي مضمون بابت ليڪچر پيو ڏئي.
منهنجا جيتوڻيڪ سانگھڙ وارن سندس عزيزن سان سٺا تعلقات ھئا. خاص ڪري محترم محمد اسماعيل لغاري بلوچ ايڊوڪيٽ سان ادبي دوستي رھي. ھي صاحب سرائيڪي ٻوليءَ جو صاحبِ طرز اديب ھو. ان کان علاوه يقين محمد جي ٻين عزيزن سان پڻ منھنجي دعا سلام ھئي. پر خبر نه آھي ته ڪھڙي سبب جي ڪري ھو دل ئي دل ۾ مون کان تعصب رکندڙ ھو.
پرنسپال جي چارج وٺڻ بعد ھڪ مھيني جي اندر محترم عبدالرشيد لغاري جيڪو اسان جي پرئڪٽسنگ پرائمري اسڪول جو ھيڊ ماستر، سٺو اديب، شاعر ۽ بھترين منتظم استاد ھو. ان خلاف سنگين الزام لڳائي ڊائريڪٽر ڏانهن موڪلي ڏنائين. رشيد لغاري صاحب جا سنڌ جي پرائمري استادن يعني پ-ٽ-الف وارن سان تمام گھاٽا تعلقات ھئا. جيستائين ڪا انڪوائري ٿئي، ان کان اڳ رشيد صاحب ٽريننگ ڪاليج کان جيڪو بيورو آف ڪريڪيولم جي زير انتظام ھو، بدلي ڪرائي ضلعي جي پرائمري اسڪول ۾ ويو ھليو. ڪجھه وقت کان پوءِ ھن صاحب ڇا ڪيو جو مسٽر غلام محمد آرائين صاحب خلاف ڪوڙا الزام ۽ شڪايتون لکي سندس سانگھڙ مان بدلي ڪرائي، خيرپور ميرس وڃي پھچايو. ظاھري طور ڪنهن به اختلاف جو ڪو بنياد ئي ڪونه ھو. اصل ۾ يقين محمد جو سالو ڊاڪٽر بوئي خان ڪراچيءَ ۾ وڏي اٿي ويٺي وارو ماڻھو ھو، ان جي زور تي ھن ھمراھه ھي سڀ حرڪتون پئي ڪيون. آئون جيئن ته سنڌي خواه اردو زير تربيت شاگردن سان تمام سٺو سلوڪ رکندڙ ھوس. سنڌي وارا نوجوان استاد جن کي شعر و شاعري ۽ ادب سان دلچسپي ھوندي ھئي. انهن جي ھمت افزائي ڪندو ھوس. ڪافي قدر شاگردن ۾ مون سنڌي ادب جي مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ سان گڏ کين لکڻ پڻ سيکاريو. ان زماني ۾ غلام مصطفى زرداري ھتي زير تربيت شاگرد ھو. اھو مونکي سندس شاعري ڏيکاريندو ۽ داد وٺندو ھو. اھو ھمراھه پوءِ سي ايس ايس ڪرڻ بعد اسلام آباد ۾ وڏو ڪامورو ٿي رھيو. پر جڏھين به سانگھڙ ايندو ھو ته مونسان ضرور ملندو ھو. حالانڪه منهنجا ٻيا به ڪيترائي شاگرد وڏن عھدن تي پھتا پر نه مون وٽ اچي مونسان مليا ۽ نه ڪو مون ساڻن رابطو رکيو.
بھرحال يقين محمد جي عتاب سھڻ جو ھاڻ منھنجو وارو آيو. منھنجي خلاف ھڪ وڏي رپورٽ سيڪريٽري ايجوڪيشن کي لکيائين ته ”ھيءُ ماڻھو ڪميونسٽ ۽ جيئي سنڌ سان واسطو رکندڙ آھي. ھتي ڪاليج ۾ ويھي نوجوانن کي گمراھه ڪري رھيو آھي.“ پوءِ الله ڏئي پناھه اھا رپورٽ ان وقت جي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم وٽ پھتي. جيڪو دادو ضلعي جو انتهائي سخت گير مزاج رکندڙ انسان ھو. سندس رويو اھڙوئي ھوندو ھو، جھڙو اڄ ڪلھه فضل الله پيچوھو جو استادن سان سندس سيڪريٽري شپ جي دوران اسان ڏٺو. بقا محمد قريشي مون خلاف ھڪ دفعو نه پر ٻه دفعا طويل انڪوائريون ڪرايون. ڳالھه ۾ ته ڪجھه به ڪونه ھو پر تنهن ھوندي به مونکي سانگھڙ مان بدلي ڪري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج موڪليو ويو. ياد رھي ته ٽريننگ ڪاليج جي برباديءَ جو بنياد يقين محمد لغاري نهايت مھارت سان رکي چڪو ھو. ان زماني ۾ پٽيوالا. چوڪيدار، مالھي وغيره پرنسپال مقرر ڪري پئي سگھيو. يقين محمد ڇا ڪيو جو ھڪ شيدي ذات جي ڪرمنل ۽ بدنام شخص کي چوڪيدار پئي مقرر ڪيو. مون چوڌري محمد علي کي چيو ته، لغاري صاحب کي سمجھايو ته اھو ماڻھو ڪاليج کي تباھه و برباد ڪري ڇڏيندو! چوڌري محمد علي به ڪرمنل ماڻھو کي چڱي طرح سڃاڻندو ھو. پر پاڻ خود لغاري صاحب کي چوڻ بجاءِ اسان جي مولوي محمد الياس پنھنور کي موڪليائين، جنهن وڃي يقين صاحب کي چيو ته اھو ماڻھو عادي ڪرمنل ۽ منشيات جو عادي آھي. ان کي چوڪيدار ڪري نه رکو. بھرحال يقين محمد ان بدنام زمانا ماڻھوءَ کي چوڪيدار مقرر ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھن ٽريننگ ڪاليج جو زوال شروع ٿي ويو. اسڪولن مان پکا ۽ ضروري شيون غائب ٿيڻ لڳيون. رات جو ڪاليج ڪئمپس ۾ غنڊن جو راڄ قائم ھوندو ھو. مجال آھي جو ڪو شريف ماڻھو ڪمري مان ٻاھر نڪرڻ جي جرئت ڪري! اھڙي طرح ھي تمام سھڻي ڪاليج ڪئمپس ويران ٿيندي ويئي. سٺا استاد بدليون ڪرائي ھليا ويا. ڪاليج ڪئمپس جي چارديواريءَ کي ٽوڙي، ڀر واري ڪالونين جي ماڻھن جي اچ وڃ جا رستا جوڙي ڇڏيا. وڻ، گل، پارڪ سڀڪجھه برباد ٿي ويو.
گذريل سال (2017ع) ڊاڪٽر محمد لائق زرداري مونکي فون ڪيو ته سڀاڻي آئون ٽريننگ ڪاليج سانگھڙ ڏسڻ ايندس، توھان به اچجو. ياد رھي ته ڊاڪٽر لائق زرداري شروع ۾ ھن ٽريننگ ڪاليج ۾ جونيئر استاد ٿي آيو ھو ۽ پنھنجيون ساروڻيون ونڊڻ لاءِ ڪاليج ڏسڻ پيو چاھي. مون کيس چيو ته ”يار! اچ ته ھن ڪاليج جي برباديءَ تي گڏجي ماتم ڪنداسين!“ بھرحال ٻئي ڏينهن زرداري صاحب ڪاليج پھچي ويو ۽ آئون به وڃي حاضر ٿيس. ڪاليج جي ويراني تي مرثيا پڙھياسين. ان وقت ھن ڪاليج جو پرنسپال نواب شاھه سان تعلق رکندڙ پرجوش حوصله مند نوجوان ڀٽي صاحب مليو. جنهن ٻڌايو ته مون ھن ڪاليج مان غنڊن جي ٽولي کي ڀڄائي ڪڍيو آھي ۽ ڪاليج جي چارديواري جي پڻ تعمير شروع ٿيڻ واري آھي. ھن صاحب تازو تازو ڪاليج جي ڪئمپس ۾ ڪونو ڪارپس جا چڱا موچارا وڻ لڳايا آھن. بھرحال ھن نوجوان جي ھمتن کي شاباس آھي.