Practice of Teaching يعني عملي تعليم جو مرحلو
نظري تعليم جا مضمون پڙھندي، انهن جا نوٽس لکندي، نيٺ اھو وقت به اچي ويو ته ھاڻي تدريسي مضمونن پاڙھڻ جي عملي سکيا، پرائمري اسڪول جي شاگردن وٽ وڃي حاصل ڪجي. ھن مرحلي تي ڪاليج جي پرائمري اسڪول جا استاد اسان لاءِ تمام اھم ھستيون بنجي پيا، ڇوته ڪلاس جي نظم و نسق کي دوران تربيت قائم رکڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا ھئا ته پوءِ سبق جي عملي سکيا ڪامياب قرار ڏني ويندي ھئي. تدريسي مضمونن جي پاڙھڻ جي عملي سکيا ۾ سنڌي، حساب، تاريخ، جاگرافي جھڙا مضمون شامل ھئا. ھر ھفتي عملي سکيا جو ٽائيم ٽيبل لڳندو ھو، جنهن ۾ ڪھڙي شاگرد کي ڪھڙا سبق پاڙھڻا آھن، انهن جا عنوان، تاريخ ۽ پيرڊ بيان ڪيل ھوندا ھئا. زير تربيت استاد جڏھن پنھنجو مليل سبق پاڙھڻ لاءِ ڪلاس ۾ داخل ٿيندا ھئا ته سندن بدحواسين جو تماشو ڏسڻ ۾ ايندو ھو. تربيتي ڪاليج سان لاڳاپيل پرائمري اسڪول جا شاگرد به تمام شرارتي ھوندا آھن. ڇوته زيرتربيت استاد انهن کي سزا ته ٺھيو، پر دڙڪو دھمان به نه ٿي ڌئي سگھيو. ان لاءِ انهيءَ ڪلاس جي ٻارن کي ڪنٽرول رکڻ لاءِ سندن ڪلاس ٽيچر جي ڪجھه قدر مدد لازمي ھوندي ھئي. عملي سکيا (Teaching Practice) جي ڏينهن ۾، ڏينهن رات سبق سيکارڻ جي تيارين ۾ مصروف رھندا ھئاسون. سبق کان پھريائين سبق جي خاڪي جي رف ڪاپي تيار ڪري، لاڳاپيل استاد کان رھبري وٺي، پوءِ ان جي فيئر ڪاپي تيار ڪري، ان استاد کان Approve ڪرائڻي پوندي ھئي. سبق سان لاڳاپيل Teaching Aid يعني ته نقشا، چارٽ، تصويرون يا اصلي شيون موجود ڪرڻ پڻ تمام ضروري عمل ھوندو ھو، ان عمل دوران زير تربيت استادن جون بدحواسيون ڏسڻ وٽان ھونديون ھيون. سبق جي سکيا جي ناڪاميءَ جو ريمارڪ (سپروائيزر استاد طرفان) تمام گھڻو پريشان ڪندڙ ھوندو ھو. اھڙو سبق زيرتربيت استاد کي وري تيار ڪري ھر صورت ۾ ڪاميابيءَ سان پاڙھڻو ھوندو ھو.
مونکي ياد آھي ته ھڪ دفعي سنڌي ٻاراڻي ڪلاس مان سيکارڻ لاءِ ٻن لفظن تي مشتمل يونٽ مليو. مونکي لفظ ” اڱر ۽ سڱر“ سيکارڻا ھئا. سبق جو خاڪو تيار ڪري، سائين سکيو خان چنه صاحب وٽ منظور ڪرائڻ لاءِ حاضر ٿيس. سبق جو خاڪو ڏسي چيائين ته ”بابا! اڱر ۽ سڱر آندا اٿئي؟“ مون عرض ڪيو ته”سائين! اڱر ته ھاسٽل جي بورچي خاني مان ملي ويا آھن، پر سڱر ھٿ نه ٿا اچن، ڇوجو سڱرن جي موسم ڪونه آھي.“ سائين فرمايو ته ”بابا! ڪنهن به صورت ۾ توکي سڱر ھٿ ڪري اچڻا آھن. انهن کان سواءِ سبق ھلائڻ ڪونه ڏيندس. سائين سکيو خان چنه تمام پيارو ۽ محبتي استاد ھو. ھاڻي ڇا ڪجي؟ اھو سوال دل ۾ کڻي اچي ھاسٽل ڀيڙو ٿيس. جيڪو به دوست مليو ٿي، ان کان سڱر ھٿ ڪرڻ لاءِ پڇا پئي ڪيم. آخرڪار ھڪ دوست چيو ته ”يار! ھي پنھنجي ھاسٽل جي اولھه ۾ جيڪو ”پئي فاريسٽ“ ٻيلو آھي، اتي وڃي ڪنڊيءَ جي وڻ ھيٺيان ڊينگھرن مان سڱر ڳولي اچ.“
وڏي مشڪل سان ٻيلي مان سڱر چونڊي کڻي اچي استاد وٽ پيش ڪيم، جنهن کان پوءِ سبق جو خاڪو منظور ٿيو ۽ سبق پاڙھڻ جي اجازت ملي.
لفظ گيگ جي سمجھاڻي: منھنجي روم ميٽ مولا بخش حاجياڻي سنڌي مضمون جو سبق پئي پاڙھيو. سبق ۾ موجود نوان لفظ کيس جملن ۾ استعمال ڪرائي پوءِ معنى ٻڌائڻي ھئي. ان سبق ۾ ھڪ جملو ھو ته ”گدڙ گيگ ڪري زمين تي ليٽي پيو!“ مولا بخش ھڪ ٻه جملا گيگ لفظ جا ٻارن کي ٻڌائي، بورڊ تي معنى لکي ” گيگ معنى مِکرُ“ سندس سپروائيزر جيڪو تمام سينيئر استاد ھو، ھن کيس چيو ته ” بابا! ٻارن کي تون گيگ ڪري ڏيکار.“ مولا بخش حاجياڻو ڊگھي قد وارو بندو اچي ڦاٿو، نيٺ فرش تي مکر ڪري ساھه گھٽي سمھي، ٻارن کي گيگ ڪري ڏيکاريائين. بھرحال پرئڪٽيڪل سبقن دوران سمورا شاگرد سرگرم نظر ايندا ھئا. ڪنهن کي سيد الھندي شاھه جي تصوير ٺھرائڻي ھوندي ھئي ته ڪو قائداعظم محمد علي جناح جي تصوير پيو ڳوليندو ھو! ان زماني ۾ مجبوري اھا ھئي ته شاگرد کي گھربل تصوير پنھنجي ھٿ سان پينسل اسڪيچ موجب ٺاھڻي ھئي، يا ڪنهن دوست جي مدد سان تيار ڪرڻي ھوندي ھئي. ھن وقت ته ڦوٽو اسٽيٽ جي ڪري اھا سھولت ته موجود آھي، پر استادن جي نگراني ۾ اھا تربيت ۽ اھي ادارا نه رھيا آھن.