مير ضيغم الدين ٽالپر ۽ سيد علي ڏنو شاهه ”قلندر بخاري“
هي ٻئي عمر، هم خيال، هم مشرب دوست پنھنجين اوطاقن تي دوستن سان ڪچهريون قائم ڪندڙ هئا. جهول جي ٽالپر صاحبان ۽ اڀپور جي سيد سڳورن جا پاڻ ۾ خانداني تعلقات هئا. وڏي ڳالهه ته هي دوست هم مڪتب به هئا. هي يار مقامي زميندار طبقي سان تعلق رکندڙ هئا. منھنجي سماجي ڪلاس سان ڀيچ کائيندڙ ڪونه هئا. آئون هڪ هاري مزدور ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هئس. جيتوڻيڪ ٽالپر ۽ سيد پنھنجو خانداني فاخرانه انداز رکندڙ هئا پر سنڌي ادبي سنگت جي ناتي سان منھنجيون بي تڪلفانه ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. سيد علي ڏنو شاهه ”قلندر بخاري“ جي تخلص سان سٺي شاعري ڪندڙ هو. جهول سنگت طرفان هفتيوار ادبي ڪچهرين ۾ پيش ٿيندڙ نظم ۽ نثر بابت شاهه صاحب تُز تنقيد ڪندو هو.
مير ضيغم الدين ٽالپر پنھنجي والد مير الهه بخش خان ٽالپر جي سياست ۽ صحافت جو وارث هو. مير الهه بخش خان ٽالپر سنڌ جي سياست ۽ الوحيد اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. مير ضيغم الدين پنھنجي سيڪينڊري تعليم نوابشاهه ۾ خوجي صاحب جي مشهور اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ان بعد حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد ايل- ايل- بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ان ساڳئي دور ۾ ملڪ اندر ڀُٽي صاحب روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري هيٺ سياست جي شروعات ڪئي. سندس هن نعري ليفٽ ڏانهن لاڙو رکندڙ تعليم يافته نوجوانن کي پ-پ جي سياست ڏانهن ڇڪي ورتو. مير ضيغم الدين سانگهڙ ضلعي ۾ پپلز پارٽيءَ کي آرگنائيز ڪرڻ ۾ وڏي محنت، جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪري ڏيکاريو. ان وقت ائين پئي لڳو ته مير ضيغم الدين سنڌ جي سياسي افق تي پنھنجي شخصيت جي روشن خيالي سبب مقبوليت ۽ مشهوري ماڻيندو. سندس خانداني پس منظر ۽ هوشياري جي ڪري هو سنڌ جي اعلى سياسي طبقي ۾ چڱيءَ ريت سڃاتو ويندو هو. سندس اوطاق تي هميشه سياسي ليڊرن ۽ ورڪرن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. سياستدانن کان علاوه ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن سان پڻ هن صاحب معرفت ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. ابراهيم منشي اڪثر ڪري مير صاحب وٽ مهمان ٿيندو هو ۽ اسان کي سندس سريلو ڪلام ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو.
ان زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اليڪشن مهم تي سانگهڙ ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ اچڻو هو. ان موقعي تي سانگهڙ ۾ جيڪو ٽڪراءُ ٿيو، ان قافلي ۾ مير صاحب جي ڪار باهه لڳائي وئي. ڀُٽي صاحب، مير ضيغم الدين جي نقصان جو ساڻس ذڪر ڪندي مالي مدد جي آڇ ڪئي، جيڪا مير صاحب قبول ڪونه ڪئي ۽ پارٽيءَ لاءِ قربانيءَ جو ذڪر ڪندي ڀُٽي صاحب جو شڪريو ادا ڪيائين. پپلزپارٽيءَ ڪاميابيءَ کان پوءِ آئين سازي ڪري، سينيٽ لاءِ اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون. مير ضيغم الدين پنھنجي تعليمي پس منظر خواه پارٽيءَ لاءِ ڪيل قربانين جي خيال کان سينيٽر جي سيٽ لاءِ دروخواست ڪئي پر کيس ٽڪيٽ ڪونه ڏنائون. اتان کان مير صاحب پارٽيءَ جي وڏيرا شاهي کان مايوس ٿيڻ لڳو تاهم پارٽي سان جڙيو رهيو. سندس پ-پ ۾ مير برادران سان تمام گهرو تعلق رهيو ۽ جڏهن مير برادران پپلزپارٽيءَ کان مايوس ٿي وڃي پ-پ مخالف لابيءَ ۾ شريڪ ٿيا ته مير ضيغم الدين ٽالپر پ-پ کي خير آباد چئي مير گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ائين درجي به درجي مير صاحب سياست جي قومي ڌارا کان پري ٿيندو ويو. پ-پ هميشه پرخلوص ماڻهن جي بي قدري ڪندڙ پارٽي طور مشهور آهي.