الفقراءَ آفيس جي مزدوري
ان زماني ۾ الفقراءَ اخبار جو صحافتي دنيا ۾ چڱو نالو ھيو. اخبار جو ايڊيٽر فقير محمد رحيم ان زماني جي غلط سياست ۽ راشي ڪامورن خلاف بي باڪيءَ سان لکندو ھو. ھن اخبار جي دفتر ۾ اٽڪل ٻه ڏينهن اسان لاءِ ڪم ڪار جي مصروفيت ھوندي ھئي. اھا اخبار حيدرآباد جي ڪنهن پرنٽنگ پريس ۾ ڇاپي ويندي ھئي، ميرپور خاص مان ڪجھه خبرون، ڪجھه مراسلھ ۽ ايڊيٽوريل موڪليا ويندا ھئا، باقي تازين خبرن ۽ سيٽنگ لاءِ ان پريس ۾ ھڪ ڄاڻو صحافي ڪم ڪندو ھو.
اخبار مقرر ڏينهن تي حيدرآباد مان ڇپجي، ريل رستي ميرپور پھچندي ھئي. اخبار جا بنڊل ميرپور خاص ريلوي جي Luggage آفيس مان وٺي ڪلھن تي کڻي آفيس ۾ پھچائبا ھئا ۽ پوءِ فوري طور اھو ڪم ڪرڻو هوندو ھيو ته خريدارن جي ائڊريسن واري وڏي پيڊ تان ھر ھڪ گراھڪ جي پوسٽل ائڊريس جي چٽڪي ڪاٽي، اخبار کي ويڙھي ان جي مٿان چنبڙائي ۽ ھڪ پئسي جي قيمت واري پوسٽ آفيس جي ٽڪلي لڳائبي ھئي. اھو ڪم رات تائين پورو ڪري رکبو ھو. ۽ ٻئي ڏينهن اھي اخبارون کڻي ميرپور خاص جي وڏي پوسٽ آفيس ۾ پھچائبيون ھيون، جتان اھا اخبار پوري سنڌ ۾ پڙھندڙن ڏانهن پھچندي ھئي. ان زماني ۾ صحافت ۽ اخبار جي سماج ۾ وڏي اھميت ھوندي ھئي. حڪومت به اخباري خبرن ۾ عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ھئي.