آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

سنڌي اسڪول ۾ پڙھڻ سان گڏ انگريزي ٻولي پڙھڻ

سنڌي اسڪول ۾ پڙھڻ سان گڏ انگريزي ٻولي پڙھڻ

چوٿين ڪلاس دوران جھول شھر ۾ انگريزي پاڙھڻ جو اسڪول کليو، جنهن اي پي ڪلاس (Anglo Primary Class) چوندا ھئا. انهيءَ اي پي ڪلاس ۾ ھڪ عدد انگلش ٽيچر ھوندو ھئو. جھول ۾ اھو اسڪول ڍورن واري ڍڪ ۾ موجود ھڪ ڪمري ۾ کوليو ويو. ڀرسان ڍڪ منشيءَ جي آفيس ۽ ان سان متصل جانورن جو واڙو، جنهن ۾ ھڪ شيڊ ٺھيل ھو. ڍڪ يعني ”جانورن جو جيل“ ان جو مضبوط لوھي شيخن وارو دروازو. انگريزي پڙھڻ سان گڏ اھو ڍڪ ٻارن جي دلچسپيءَ جو مرڪز ھوندو ھئو. ڪڏھين ڪڏھين انهيءَ ڍڪ ۾ پاڻيءَ جي واھن جا داروغا، ڌراڙن جو مال ڪاھي اچي ڍڪ ۾ ھڻندا ھئا ۽ ڪڏھين ائين به ٿيندو ھئو جو ڍل ڏيڻ ۾ ناڪام زميندارن جا ڍور ڍڳا تپيدار ڪاھي اچي ڍڪ ۾ واڙيندا ھئا. ان زماني ۾ ڍل نه پيارڻ ڪري زميندارن جا نه رڳو ڍور ڍڳا واڙيا ويندا ھئا پر ڪڏھن ڪنهن قرضي ۽ کٽل زميندار جي کٽارو جيپ به تپيدار پڪڙي ڍڪ ۾ واڙي ڇڏيندا ھئا. انهيءَ موقعي تي واھن جي پٽڙين سان کنئونس ڪندڙ، پنھنجو مال ڍڪ مان ڇڏائڻ لاءِ ڍڪ منشي سان بحث مباحثو، منٿ ميڙ ڪري ڏنڊ جي رقم گھٽ ڪرائي مال آزاد ڪرائي ويندا ھئا.
ائنگلو پرائمري اسڪول جي جيئن ته پڙھائي فقط ھڪ سبجيڪٽ يعني انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿيندي هئي، تنهن ڪري تعليم جا ٻيا مضمون پڙھڻ لاءِ ڪلاس چوٿين، پنجين، ڇھين ۽ ستين جي پڙھائي صبح جي شفٽ اندر پرائمري اسڪول ۾ ٿيندي ھئي. ھڪ وڳي ڌاري موڪل ٿيڻ بعد گھر ۾ ٻه ڪلاڪ آرام ڪرڻ کان پوءِ انگريزيءَ جا ڪتاب کڻي ڍڪ ۾ قائم ٿيل اسڪول ۾ شام جو ساڍي چئين وڳي تائين وڃڻو پوندو ھو.
شروع ۾ اسان جو نگلش ٽيچر عبدالرحيم خانزادي نالي مقرر ٿيو. ھي سائين سرھاڙي جي پاسي جو رھاڪو ھو. سنڌي ٻولي به چڱي خاصي ڳالھائيندو ھو. سندس خوبي اھا ھئي ته تمام نرم طبيعت انسان ھو. ڪڏھن به ڪاوڙ ڪونه ڪيائين، ھاڻي شروعات ٿي وڏي اي بي سي (A B C) سان ان بعد ننڍي a b c، آخر ۾ گلن واري اي بي سي. ٽن ليڪن واري نوٽ بوڪ تي لکڻ جي مشق ڪرڻي ھوندي ھئي. لکڻ لاءِ مس واري پين ممنوع ھئي. او “O” نب واري اسٽيل سان اکر لکڻا پوندا ھئا. اسان جي ھر ڊيسڪ تي ٻن شاگردن جي سيٽ جي سامھون مس ڪپڙيون به فٽ ٿيل ھونديون ھيون. ان زماني ۾ نيري رنگ واري مس جون ھڪ آني ۾ ٽي چار ٽڪيون ملي وينديون ھيون، جن مان زبردست قسم جي نيري رنگ جي مس جُڙي پوندي ھئي. جيئن ته مونکي سنڌي صورتخطي ۽ خوشخطيءَ جو شوق ھوندو ھو. استادن جي رھنمائي سان ڪانهن مان قلم تراش ڪرڻ ۽ ميٽ لڳل پٽيءَ تي قلمي اکر لکڻ جي ڪافي قدر مشق ڪيل ھئي، ان ڪري انگريزي اکرن ۾ به ھڪ توازن ۽ خوبصورتيءَ جو ھنر حاصل ٿي ويو. يعني ته انگريزي جي تحرير ۽ ڊڪٽيشن (Dictation) تي استادن کان شاباس ملندي ھئي. ساڳئي وقت ۾ انگريزي زبان جي تحرير ۾ Spelling جو اوکو ڪم جيڪو اڪثر شاگردن لاءِ شروع ۾ ڏکيو ٿيندو آھي، اھو ھنر به منھنجي حافظي ۾ محفوظ ٿيندو ويو. ياد رھي ته انگريزي جو اچارڻ (Spelling system) عجيب و غريب ۽ ڪنهن ھڪ اصول ۾ ڪونه ٿو اچي، جنهن تي عبور حاصل ڪرڻ شروع ۾ ٿورو مشڪل ضرور لڳندو آھي. ھاڻي ڇا ٿيو جو انگريزيءَ جو پھريو درجو (Standard) پاس ڪري ٻئي درجي ۾ آياسين، انگريزي لکڻ ۽ پڙھڻ جي مھارت چڱي خاصي حاصل ٿيندي وئي، مگر ٻولي جي ھڪ مھارت يعني ڳالھائڻ (Speaking) جو چاڙھو ڪونه ھو. اھا ان زماني جي تدريس ۾ خامي يا ڪوتاھي ھئي. اسان فقط رٽيل سوالن جا جواب ڳالھائي سگھندا ھئاسون، مگر رواني سان انگريزي ڳالھائڻ جي سکيا ڪونه ٿيندي ھئي.
سائين عبدالرحيم خانزادي کان پوءِ اٽڪل ٻن مھينن لاءِ ھڪ باريش بزرگ جيڪو پھريان ريلوي ۾ اسٽيشن ماسٽر ھو، اھو ڪنهن سبب جي ڪري اھا نوڪري ڇڏي، اسان وٽ استاد ٿي آيو. سندس انگريزي جي تحرير تمام خوبصورت ھوندي ھئي. اھو بزرگ فقط ٻه مھينا اسان وٽ رھيو. ان بعد رحيم بخش لغاري استاد بنجي آيو. سائين رحيم بخش لغاري ھالا سعيد آباد جي پاسي جو رھاڪو ھو. اسين ھاڻي انگريزي ٽئين درجي ۾ اچي وياسين.
ھوڏانهن ٻئي پاسي سنڌي زبان جي تعليم ڇھين، ستين درجي ۾ پھچڻ واري ھئي، ان وقت پرائمري تعليم جو نصاب تمام وسيع ھوندو ھئو، ڪلاس پنجين کان ستين تائين انگي حساب (Arithmetic)، جاميٽري، برصغير جي تاريخ، چندر گپت کان لارڊ مائونٽ بيٽن تائين ۽ دنيا جي جاگرافي سان گڏ ھڪ ٻيو مصيبت ڀريو مضمون ” ڏيھي حساب“ ھوندو ھئو، جيڪو اڪثر مسلمان شاگردن کي سمجھه ۾ ڪونه ايندو ھئو. اھو ان ڪري جو ڏيھي حساب اسان جي ديسي وڻج واپار ۽ ڏيھي بئنڪنگ جي مضمونن تي مشتمل ھوندو ھئو. نِرو وياج (Simple interest) گڏيل وياج (Compound Interest) جا سوال، اناجن جي تور ماپ، اگھه پاڙ معلوم ڪرڻ، روپيا، آنا، پئسا ۽ پاين جو حساب لڳائڻ، مسلمانن جي مغز ۾ اچڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو. پوءِ ان سان گڏ ھنڊي، پائنٽ، پرپائنٽ جا مقصد به عقل ۾ ڪونه ٿي ويٺا. اھا ھنڊي وغيره شڪارپور جي بئنڪنگ جي اصولن تي مشتمل سبجيڪٽ ھوندو ھئو. تنهنڪري ڇا ٿيندو ھيو ته فائنل جي امتحان ۾ اڪثر مسلمان شاگرد ڏيھي حساب ۾ ڦاسي پوندا ھئا. انهيءَ فائنل امتحان ۾ صحت سکيا جو مضمون تمام اھميت وارو ھوندو ھيو، اھڙو مضمون اڄڪلھه مڪمل طور ڪونه ٿو پڙھايو وڃي.
بھرحال سائين صوفي سومر خان لغاريءَ جي مھربان صورت مونکي ڌراڙ مان ڦري علم پرائڻ واري راھه تي لڳايو. سائين سومر خان صوفي کان پوءِ استاد عبدالرحيم ٽالپر، جيڪو ڳوٺ جمعي خان ٽالپر جي پاسي جو رھاڪو ھو، سو مٺياڻيءَ مان ماستري جي ٽريننگ وٺي اچي اسان واري سنڌي اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو. سائين جو مزاج ميراڻو ۽ نادري ھيو. سندس ميز تي ”مولا بخش“ موجود رھندو ھو ۽ غلطيءَ جي سزا ھٿن تي ڌڪن جا سور سھندي، سھڻي پوندي ھئي.
ان زماني ۾ جھول جي مشھور ھندو زميندار، سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ تي ڪنهن مير صاحبان جي مخالف ماڻھو ٿي قبضو ڪيو. تنهنڪري مير جان محمد خان ٽالپر، استاد عبدالرحيم ٽالپر کي چيو ته انصاري چوڪ وارو ڀانڊو اسڪول خالي ڪري وڃي سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ ۾ درس و تدريس ۽ علم جا واھڙ وھايو. پوءِ اسان کي استاد عبدالرحيم جو حڪم نادري ٿي ويو. اسڪول جون ميزون ۽ بئنچون ڍوئي، سيٺ ڪلياڻ داس جي مشھور ماڙيءَ ۾ رکيوسون. ياد رھي ان زماني ۾ جھول شھر جيڪو سمورو ھندن جي گھرن، محلن ۽ دوڪانن تي مشتمل ھئو، انهن عمارتن ۾ ان وقت سيٺ ڪلياڻ داس جي اوچي بلند و بالا ماڙي مشھور ھئي، جنهن جي ھيٺين منزل ۾ ھڪ وڏو ھال، اتر طرف ھڪ ننڍو ڪمرو، اولھه طرف گھٽيءَ ۾ وسيع ورانڊو ۽ مٿئين منزل تي ھڪ ڪمرو، پاسي ۾ ورانڊو ۽ چڱو خاصو اڱڻ موجود ھو. جھول شھر جي مرڪزي آباديءَ ۾ گھر، گھٽيون، حويليون، ماڙيون، دڪان ۽ بازاريون سڀ ھندن جي ملڪيت ھيون، سواءِ ننڍڙي مگر سھڻي جامع مسجد جي. اھي محل ماڙيون، ويران ٿيون، ان بعد ڇا ٿيو، ان جو ذڪر اڳتي ھلي ڪندس.
ان وقت اسان جي پرائمري اسڪول ۾ مير ضيغم الدين ولد مير الھه بخش ٽالپر، سندس ھم عمر جيڪي جونيئر ڪلاس ۾ پڙھندا ھئا. مير غازي خان ٽالپر جو ٻيو نمبر فرزند مير ظفر علي، سداواھي خاصخيلين جا ڪجھه ڇوڪرا ۽ شر بلوچن جا ٻار اسان جا ھم مڪتب ھئا. شرن ۾ چاچي مالڪ ڏني جو فرزند ادو گل حسن منھنجو ھم ڪلاسي آھي، تمام گڻائتو ماڻھو آھي، جنهنجو اڳتي ھلي ذڪر ڪرڻو آھي.