علم جي تلاش ۾ ھڪ قدم اڳتي
ھيءُ 1974ع جو زمانو آھي، مونکي شوق ٿيو ته بي ايڊ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ھاڻي ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ ڪوشش ڪجي. منھنجي ان خيال کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ پھريائين ته ڏوڪڙن جو مسئلو سامھون ھيو. ان زماني ۾ ايم ايڊ جو ڪورس ريگيولر اسٽوڊنٽ جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ”انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ“ واري شعبي ۾ باقاعده داخلا وٺي شروع ڪرڻو ھو. ان ڪم لاءِ تعليم کاتي طرفان Study leave اڌ پگھار سان منظور ٿيندي ھئي. ھاڻي ڀلا اڌ پگھار ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ، ھاسٽل ۾ رھڻ ۽ کاڌي پيتي جو خرچ پورو ڪرڻ ھڪ مسئلو ھيو. جيڪو نهايت مايوس ڪندڙ ھو. ڇاڪاڻ ته مٿئين خرچ کان سواءِ گھر ٻارن جو خرچ به کپندو ھو. بھرحال الله توھار ڪري وڃي ايم ايڊ ۾ داخلا ورتي سون. يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ قائم ان اداري جو ڊائريڪٽر جناب نبي بخش خان بلوچ ھو. بھرحال رسمي انٽرويو بعد داخلا ملي وئي ۽ اسين سنڌ يونيورسٽي جا باقاعده شاگرد رجسٽرٿي وياسين. جنرل پوسٽ آفيس جي الھندي پاسي واقع ميٺارام ھاسٽل ۾ رھائش لاءِ ڪمرا مليا. ھاسٽل ۾ ميس ھلندڙ ھئي، جتي ٽي ويلا ماني ملندڙ ھئي. ان ميس جي ماني کائي ھضم ڪرڻ انساني سسٽم جو وڏو مسئلو ھوندو ھو. اسين ماڻھو لسي ماني کائڻ وارا ھاڻي اچي ميس جي ڳاڙھين مرچن واري ٻوڙ مان ڦاٿاسون. بھرحال گذارو ته ڪرڻو ھو.
ميٺارام ھاسٽل، جنهن به تعمير ڪرايو، ان ھستيءَ کي آفرين ھجي. ھاسٽل ۾ سھڻو پارڪ ۽ وڏا خوبصورت وڻ پوکرايائين ۽ علم جي پانڌيئڙن لاءِ ھڪ سھڻو ماحول مھيا ڪيائين. ميٺارام ھاسٽل جي پاسي کان ”بسنت ھال“ تعمير ٿيل آھي. اھو مس ايني بسنت Theosophical society طرفان تعمير ڪرايل ھو. ان زماني ۾ بسنت ھال ھاسٽل جي پارڪ ۾ ھر آچر جي شام جو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد طرفان ادبي ڪچھري ٿيندي ھئي، جنهن ۾ محترم محمد ابراھيم جويو، محترم رسول بخش پليجو شريڪ ٿيندا ھئا. ان زماني ۾ آئون غزل گيت لکي وڃي ڪچھريءَ ۾ پيش ڪندو ھوس. محترم رسول بخش پليجو منھنجي غزلن تي داد ڏئي حوصلا افزائي ڪندو ھو.
انهيءَ زماني ۾ بِي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا ڪلاس سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ ھلندڙ ھئا. اسان واري سال ۾ ايم ايڊ ڪلاس ۾ ٻه اڍائي سئو شاگرد شامل ھئا. ”انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ“ واري اداري جو ڊائريڪٽر جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھو. بلوچ صاحب پاڻ به مھيني ۾ ھڪ ٻه پيرڊ ”ڪلچرل ائنٿرا پالاجي“ مضمون جا وٺندو ھو. سندس ليڪچر جيڪو انگريزي زبان ۾ ھوندو ھو، اھو انتهائي معلوماتي ۽ سندس سمجھائڻ جو انداز تمام پرڪشش، معياري ھوندو ھو. آءُ سندس ان لياقت جو سدائين معترف رھيس. اسان جي ڪلاس جي حاضريءَ جو انچارج پروفيسر نور محمد ميمڻ صاحب بندري قد جو، ٿلھو ٿنڀرو ۽ عام طور ڦر ڦر انگريزي ڳالھائيندڙ ماڻھو ھو. سندس اھا خوبي ھئي ته ڪلاس جي ھرشاگرد جو نالو کيس برزبان ياد ھوندو ھو. ليڪن ھو جڏھين به پنھنجي مضمون جي ليڪچر لاءِ ايندو ھو ته سندس حال پورو سارو ھوندو ھو. ان ڪري ڇا ڪندو ھو جو سندس پيرڊ واري صبح سوير اچي موضوع جون خاص وصفون ۽ حوالا بورڊ تي اڳواٽ لکي ڇڏيندو ھو ۽ اسان کي اھي لکڻ لاءِ چوندو ھو.
سائين نورمحمد ميمڻ صاحب جي ھڪ خوبي اھا به ھئي ته جيڪڏھن ڪنهن ڳالھه تان ناراض ٿيندو ھو ته پرچي به جلدي پوندو ھو. سائين ساڳئي وقت سئمينار لئبريري جو پڻ انچارج ھو ۽ منھنجي ھڪ ٽرم پيپر جو گائيڊ پڻ ھو. ٽرم پيپر جو عنوان ھو ” ڪلاس نائين ۽ ڏھين جي سنڌي ڪتابن ۾ موجود نظم/ شاعري جو تنقيدي جائزو“ ھڪ ڏينهن سئمينار لائبريري ۾ سندس ميزتي ھڪ ڪتاب “An apololgy for poetry” نالي مشھور ڪتاب پيو ھو، مون کيس عرض ڪيو ته سائين ھي فلپ سڊني جو مشھور ڪتاب مون لاءِ منھنجي ٽرم پيپر ۾ مددگار ٿيندو، مھرباني ڪري ڪجھه ڏينهن لاءِ مونکي اھو ڪتاب عنايت فرمايو. ميمڻ صاحب ٺڙٺپ جواب ڏنو ته ھي ڪتاب توکي ڪونه ملندو! ڪنهن ٻئي شاگرد لاءِ اشو ڪيل آھي. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ مون ڏٺو ته ساڳيو ڪتاب سائين جي ميز تي پيو ھو. اھو ڏسي مونکي دل ۾ ٿيو. مون کيس چيو ته ھيءُ ڪتاب ھتي فضول پيو آھي، مونکي نه ٿا ڏيو! ان تي سائين ناراض ٿي پيو. چيائين ته ”استاد سان ائين ڳالھائبو آھي ڇا؟“ بھرحال ھڪ ٻه ڏينهن کان پوءِ مون وري سائين سامھون “Sorry” چيو ۽ کيس چيم ته اولڊ ڪئمپس روڊ تي ھڪ ڀلي ريسٽورينٽ ۾ مھرباني ڪري مونسان چانهه پيئڻ قبول فرمايو، جتي آئون ٽرم پيپر بابت ڪجھه مسئلا عرض رکندس!“ مونکي خبر ھئي ته سائين ان ريسٽورينٽ جي اسپيشل چانهه ۽ ان سان گڏ ڪيڪ کائڻ تمام گھڻو پسند ڪندو آھي. سائين مھرباني ڪري مونسان گڏجي چانهه واپرائڻ ھليو. مون کيس عرض ڪيو ته ”سائين! تمام مشڪل حالات ۾ ھتي آئون ھيءُ ڪورس پيو پورو ڪريان!“ ان بعد سائين واپس آفيس اچي اھو ڪتاب مونکي عنايت ڪيو، جنهن مان ڪجھه حوالا مون پنھنجي ٽرم پيپر ۾ ڪم آندا.
ڊاڪٽر آرائين صاحب، جيڪو اصل ۾ اسان جي سنجھوري تعلقي جي ديھه 22 جو رھاڪو ھو )ياد رھي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي پرائمري تعليم ديھه 22 جي اسڪول مان حاصل ڪئي ھئي.( ڊاڪٽر آرائين، تازو آمريڪا مان Ph.D ڪري آيو ھو. تمام رعب تاب سان ڪلاس ۾ ايندو ھو ۽ گھڻو ڪري آمريڪن لھجي ۾ انگريزي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ھي صاحب قدآور، ٿلھو متارو، پھلوان شخصيت وارو ھو. سائين ساڳئي وقت ميٺارام ھاسٽل جو انچارج پڻ ھو. سندس رھائشي ڪوارٽر ميٺارام ھاسٽل جي اندر ھوندو ھو. آرائين صاحب شام جي وقت ھاسٽل جي مين گيٽ وٽ پارڪ ۾ ڪرسي رکي ويھندو ھو ۽ ھڪ پٽيوالو جنهن کي اسين ”شيرو پٽيوالو“ ڪوٺيندا ھئاسين، ان کان ڪرسي تي ويٺي بنا ڪنهن حجاب جي زور ڏياريندو ھو. ھڪ دفعي ڇا ٿيو جو سياري جو وقت ھو، آئون ڪمري ۾ ھڪ بجليءَ جو ھيٽر ٻاري Aldox Huxly جو ناول The new brave world پڙھڻ ۾ مگن ھوس ته سائين آرائين صاحب، چپ چاپ مٿان اچي بيٺو، مونکي خبر ڪانه پيئي! اچانڪ بلند آواز ۾ چيائين ”ھي ڇا پيو ڪرين؟ اسان وٽ لائيٽ ڪونهي ۽ تون وري ھيٽر ٻاري ناول پيو پڙھين!“ مون اٿي بيھي Sorry چيو. شيرو پٽيوالو ساڻس گڏ ھو. ان کي چيائين ته ھي ھيٽر کڻي ھل. اصل معاملو اھو ھيو. ان زماني ۾ PTV جو ٽيليويزن سائين جي گھر ۾ لو وولٽيج تي نه ھلندو ھو ته پوءِ ھاسٽل جي اوچتو چيڪ اپ ڪري ھيٽر ضبط ڪيا ويندا ھئا. بھرحال ھيءُ پروفيسر صاحب پنھنجي طبيعت جو صاحبِ علم ھو.
پروفيسر شامي صاحب انتهائي پرڪشش شخصيت رکندڙ استاد ھو، گورو رنگ، دراز قد، فليٽ ھئٽ، سان بلڪل انگريز لڳندو ھو. ھي صاحب اصل ۾ وڏي پنجاب جي ڪنهن شامي نالي ڳوٺ جو رھاڪو ھو. نهايت صاف لھجي ۾ انگريزي ڳالھائڻ وارو، ليڪچر دوران دلسچپ لطيفا بيان ڪرڻ وارو، سوال پڇندڙ ڇوڪرين سان جواب ۾ نهايت مزاح واري انداز ۾ مخاطب ٿيندو ھو. سندس ليڪچر اسان لاءِ تفريح طبع جو باعث ھوندو ھو. شامي صاحب شام جي وقت واڪنگ اسٽڪ سان اولڊ ڪئمپس کان ريڊيو پاڪستان وري فوٽ پاٿ تان واڪ ڪندي نظر ايندو ھو.