آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

تعليم کاتي مان ريٽائرمينٽ جو مرحلو

تعليم کاتي مان ريٽائرمينٽ جو مرحلو

1960ع کان جنوري 2002ع تائين مسلسل تعليم و تدريس جي عمل جي ڊگھي عرصي کان پوءِ نيٺ سرڪاري نوڪريءَ کي خير آباد چوڻ جو وقت اچي ويو. ھن موقعي تي اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن سانگھڙ جي ھم ڪار دوستن مختصر الوداعي تقريب منعقد ڪئي. ھوڏانهن منھنجي چريا پڙيءَ وارن دوستن ھڪ جدا پروگرام رٿيو ھو. حسن عسڪري صاحب ۽ سانگھڙ سنڌي ادبي سنگت جي نوجوان ليکڪن، يوٿ ليگ جي يارن ھڪ ڪتاب ”ماڻھو مٽيءَ ھاڻو“ جي عنوان سان ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڪم جو انچارج امر لغاري صاحب ھو. منھنجي ادبي حلقي، ڪامريڊ دوستن، ھم ڪار استادن ۽ شاگردن کان ان ڪتاب ۾ تاثرات لکرائي جمع ڪيا ويا. اٽڪل ٽيھارو کن دوستن ان ڪتاب ۾ مون ناچيز بابت پنهنجا تاثرات لکيا آھن. پروگرام اھو رٿيو ويو ھو ته اھو ڪتاب منھنجي ريٽائرمينٽ واري ڏينهن ڇپجي پڌرو ٿئي. ۽ ساڳئي ڏينهن بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ الوداعي پارٽيءَ جو زبردست پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ استادن، اديبن، ساٿي سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ھن پروگرام ۾ سانگھڙ جا سينيئر استاد شريڪ ٿيا. مشھور جپسي ليکڪ خورشيد قائم خاني به شرڪت جي مھرباني ڪئي. اسان جو دوست لکمير ڏاھري به شريڪ ٿيو. مطلب ته ھن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ مھربانن شرڪت ڪئي. اھو منظر ڏسي محترم جان محمد ڏاھري صاحب چيو ته ”ڄٽ کي وڏي لئي ڪرائي ڇڏي اٿن!“
ھن پروگرام ۾ دوستن مون ناچيز جي تعليمي ۽ تدريسي سفر بابت جيڪي ڪلمات ادا ڪيا اھي منھنجي لاءِ ھڪ وڏي ھمت افزائي جو باعث بنيا. ھن تقريب جون تصويرون منھنجي لاءِ ھڪ وڏو يادگار آھن. ڪڏھين ڪڏھين انهن کي ويھي ڏسندو آھيان ته اھي سڀ دل وارا دوست ياد اچي ويندا آھن. بھرحال ھن ڪتاب جي اشاعت ۽ تقريب ۾ حسن عسڪري صاحب جي ھمت افزائي، نورچشم بخشڻ جي دلچسپي ۽ امر لغاريءَ جو ڪتاب جي اشاعت وارو ڪم ھميشھ ياد رھندو.