حر ائڪٽ تحت ملندڙ زمينون
1950ع ڌاري سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته جمڙائو ڪئنال جي پيچ تي باقي بچيل زمينون حرن کي ڏنيون وڃن. سرڪار جي انهيءَ فيصلي جي ڄاڻ فقط چند ھوشيار ماڻھن کي ۽ روينيو کاتي وارن کي ھئي. حقدار حرن کي انهيءَ فيصلي تحت زمينون ملي ڪونه سگھيون، پر ڪافي ماڻھن جيڪي حر ڪونه ھئا. انهن حر سڏائي زمينون حاصل ڪيون. افسوس ته ان وقت جي جماعتي قيادت حرن کي حق ڏيارڻ کان بي خبر رھي. اھڙي طرح حرن کي اڪيلو ڇڏيو ويو. حالانڪه انهن جو ھن سرزمين تي ٻين سڀني کان وڌيڪ حق ٿي ٿيو. اھي ماڻھو جيڪي وطن خاطر وڙھيا، انهن کي انگريز پنھنجي ٽائوٽ ڪلاس جي زميندارن ۽ ڪامورن جي مدد سان الٽو مجرم ٺھرايو. ان ڪم ۾ سنڌ جي اسيمبلي ۽ ان جا اڪثريت ۾ ميمبر شامل آھن، جن ھن نام نهاد اسيمبليءَ مان ”حُر ائڪٽ“ پاس ڪرائي، انگريز کي موقعو فراھم ڪيو ته حرن سان جيڪا به ”ھلتا“ ڪري سا جائز آھي.
اھا حقيقت آھي ته حر جماعت جا فقير ھر ھاري، ننڍا وڏا زميندار ۽ مکيءَ ۾ مال چاريندڙ، خوشحال ماڻھو ھئا. انهن سان سن 1901ع ۾ ٿرپارڪر جي انگريز ڪمشنر ۽ سندس نائب يھودي نزاد شيخ يعقوب Criminal Tribe Act لاڳو ڪيو. حرن کي سنڌ ۽ ھند جي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. ٻار ٻڍا عورتون ۽ مرد باندي بنايا ويا.
حر تحريڪ جي تاريخ جي سچار مصنف ملھار خاصخيلي ان موضوع تي ڪتاب لکيا. ھيءَ 1950ع ڌاري جي ڳالھه آھي، ملھار فقير جي حرن جي آزاديءَ بابت درخواستن جي نتيجي ۾ حرن جي وفد کي ڪراچي گھرايو ويو. وفد ۾ ميرالھه بخش ٽالپر جھول وارو، خان بھادر محمد حيات جوڻيجو، خليفو احمد لغاري ۽ ملھار فقير شامل ھئا. گورنرصاحب فرمايو ته سنڌ حڪومت حر ڪئمپون ختم ڪري، غلام محمد بئراج تي حرن کي زمينون ۽ وستيون ٺاھي ڏيندي. پر انهن مٿان پوليس جو پھرو جاري رکيو ويندو! ملھار فقير چيو ته ”اسان پوليس جي پھري ھيٺ حر ڪئمپن ۾ قيد ڪاٽيون پيا، اوھان جي فيصلي موجب ھڪ قيد مان نڪري ٻئي قيد ۾ وڃڻ ڪا آزادي ناھي.“ ان تي گورنر صاحب چيو ته ”بابا! اوھان جا ڳوٺ ۽ زمينون لڏي ايندڙ ماڻھن جي حوالي ٿي چڪيون آھن. ھاڻي اوھان جي اصلي ماڳن ۾ اوھان لاءِ ڪجھه نه بچيو آھي.“ ان تي ملھار فقير چيو ته ”اسان کي فقط آزادي گھرجي، باقي زمينون جيڪڏھن مھاجرن کي مليون آھن ته ڏٺو ويندو!“
انگريز سرڪار جي پاليسي موجب سانگھڙ ۽ سنجھوري ۾ زمين جي وڏي ايراضي انگريز وفادار طبقي جي حوالي ڪئي وئي. ان يھودي نزاد شيخ يعقوب کي سنجھوري ڀرسان سوين ايڪڙ انعام ۾ ڏني وئي. سنجھورو ۽ سانگھڙ تعلقو انگريز وفادار ڪامورن جي انعامي زمينن تي مشتمل آھي. حرن کي اھڙي طرح آزادي ملڻ باوجود غريب الوطني پلئه پئي.