آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

ڪجھه اڳڀرو ٿيڻ جي اِڇا

ڪجھه اڳڀرو ٿيڻ جي اِڇا

بي ايڊ امتحان جو پاس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري، سنگت جي صلاح سان ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن کي درخواست، ڊي آءِ ايس سانگھڙ معرفت موڪليم ته مون بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو آھي، تنهنڪري مونکي ترقي ڏئي سيڪينڊري استاد مقرر ڪيو وڃي. اھو عجيب اتفاق چئجي ته نه صرف منھنجي عرض واري درخواست سانگھڙ آفيس مان ٿيندي وڃي ڊائريڪٽر صاحب جي دفتر ۾ پھتي، ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مونکي ڊائريڪٽر صاحب جي آفيس مان C.T ٽيچر جي آساميءَ تي دخلڪار ٿيڻ لاءِ چيو ويو. اسڪول ۾ مقرريءَ جو آرڊر اتان حاصل ڪرڻو ھو. ڊائريڪٽر صاحب جي آفيس ۾ وڃي رپورٽ ڪئي سون، جتي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ضلعي جي گورنمينٽ مڊل اسڪول پيارو لنڊ ۾ C.T ٽيچر جي جاءِ خالي آھي. مون ڪا ويجھي واھه نه ڏسي کڻي ھائوڪار ڪئي. آرڊر نڪري ويو. بھرحال انهيءَ پياري لنڊ شھر جو نالو مون پھريون دفعو ٻڌو. حيدرآباد واري آفيس ۾ مونکي ان شھر جو ڏس پتو ڪونه ڏنائون، چيو ويو ته ٽنڊي الھيار مان وڃي پڇا ڪر!
ھاڻ گھر ڇڏي پرانهين پنڌ تي وڃي نوڪري ڪرڻ جو مسئلو ته محسوس ڪيم پئي. ان وقت منهنجا ماءُ پيءُ حال حيات ھئا. ان دُعا جو ٻل محسوس ڪندي، پياري لنڊ وڃڻ جو پڪو پھه ڪيم، ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي دوستن سان صلاح مشورو ڪندي خبر پئي ته پياري لنڊ جو شھر ”گيھلپور“ جي سيدن واري ڳوٺ جي ڀرسان آھي. اھا گيھلپور اسان جي محترم دوست سيد علي ڏني شاھه قلندر بخاري جي ساھرن جو ڳوٺ آھي. سائين علي ڏني شاھه چيو ته پرواھه نه ڪر، اتي توکي ڪابه تڪليف ڪونه پھچندي!
پياري لنڊ شھر پھچڻ جو فقط ھڪڙو رستو ٻڌايائون ته جھول مان راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ وڃي، ميرپور خاص پھچبو. جتان کان حيدرآباد واري ريل ۾ سوار ٿي وڃي، سلطان آباد جي اسٽيشن تي پھچبو. جتان کان پياري لنڊ وڃڻ لاءِ اٺ جي سواري ڀاڙي ڪري وڃي لُنڊن جي ڳوٺ پياري لنڊ ۾ پھچبو. گرميءَ جو زمانو ھو، اٽڪل ھڪ بجي ڌاري وڃي سلطان آباد جي اسٽيشن تي ريل مان لٿس. ريلوي اسٽيشن تي نلڪي جي پاڻي مان پاڻي ڍڪ پي، چوڌاري نهار ڪيم. ڏٺم ته ھا ٻيلي ٽيشڻ جي اترئين پاسي جتن جو جٿو اٺ پلاڻيو بيٺو آھي! مون ھن کان اڳ ڪڏھن به اٺ جي سواري ڪونه ڪئي ھئي. پر اھو احساس ھئم، يعني ته ”جيڏا اٺ اوترا لوڏا“ تنهنڪري جت سان پئسا طئھ ڪري، کيس چيم ته ”ٻيلي! تنھنجو ھڪ اُٺ واقعي مھري آھي!؟ اجايا لوڏا ته نه ڏيندو!“ جت به وڏو آڙيڪاپ ھو. چيائين ته ” صاحب منھنجو ھيءُ اٺ بلڪل ھندورو اٿئي! پرواھه نه ڪر! بس سوار ٿي ته ھليا ھلون.“
اٺ تي سوار ٿي ڪجھه پنڌ ھلياسون ته لوڏن لمن جي ڪري ٽيشڻ تان پيتل پاڻي به ڇُلڪڻ لڳو! جت کي شڪايت ڪيم ته ” بابا! تو جو چيو ته ھي مھري بلڪل ھندورو اٿئي. ھيءُ ته آنڊا پيو ولوڙي!“ جواب ۾ چيائين ته ”بابا! اٺ جي سواريءَ ۾ اھي لوڏا برداشت ڪرڻا پوندئي!“ بھرحال ٻن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ اچي پياري لنڊ جي شھر پھتاسون، شاخ ٽپي اترئين پاسي، اوٺارن جي اسٽينڊ تي ٽنگون ٽيڙي لٿاسون، مونکي چيائون ته سڌو اتر طرف بازار وٺيو، ھلندو وڃ، آخر ۾ ھڪ باغ جھڙو پارڪ ۽ چارديواري نظر ايندي، انهيءَ ۾ اندر سنڌي ۽ مڊل اسڪول موجود اٿئي. ان باغ نما خوبصورت پارڪ ۾ پھچڻ کان پوءِ اھو نظارو ڏسي دل کي ڪجھه راحت پھتي.
ان وسيع پارڪ ۾ يونين ڪائونسل پيارو لنڊ جي آفيس سان گڏ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول جون عمارتون شامل ھيون. مڊل اسڪول ۾ پھچي، اتي موجود استادن سان ملاقات ٿي، انهن استادن مان ھڪ شخصيت جنهن ملندي ساڻ متاثر ڪيو، سا ھئي محترم خليل الرحمان دائودپوٽي جي. ھن سانوري سلوڻي نوجوان روايتي سنڌي انداز ۾ مونکي ڀليڪار چئي. ٻيو استاد محترم مولوي محمد جمن خاصخيلي تمام خوش طبع ماڻھو، جنهن ملندي شرط اٺ جي تمام ڏکي سواري بابت تبصرو ڪندي مونکان حال پڇيو ۽ پوءِ ٻڌايائين ته ”يار! تون ته ٺيڪ پيو لڳين، پر محمد صالح گوپانگ صاحب ھتي پھچي کٽ تي ڦان ڪري سمھي پوندو ھو!“
ھا يار!خبر پئي ته مون وارو اڳوڻو صاحبلوڪ سپروائيزر ڪنهن وڏي صاحب جي ناراضگي سبب ھتي پياري لنڊ ۾ سزا طور مڊل اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿي آيو ھو. ڪجھه عرصو اُٺن جي سواري ڪندي پياري لنڊ جي شاگردن کي علم جو فيض بخشي چڪو ھو!
پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر سائين لکا ڏني خاصخيلي سان تعارف ٿيو. ھيءُ بزرگ استاد پياري لنڊ جي مسجد سڳوري جو موذن ۽ پيش امام پڻ ھو. ساڳئي وقت پوسٽ ماستر جون خدمتون به سرانجام ڏيندڙ ھو. اسان جي رھائش ساڳئي پارڪ ۾ واقع ھڪ عمارت جي ورانڊي ۾ ٿيندي ھئي. اھو اونهاري جي مند جو زمانو ھو، رات جو کلئي آسمان ھيٺ ھنڌ کٽولو لڳائي آرام ڪبو ھو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مونکي خبر پئي ته مڊل اسڪول پيارو لنڊ ان زماني ۾ استادن لاءِ وڏي سزا جھڙو ھوندو ھو. منهنجا ھي ٻئي رفيق خليل دائود پوٽو ۽ مولوي محمد جمن اصل ۾ ويجھي تر جا رھاڪو ھئا. مولوي محمد جمن خاصخيلي جو ڳوٺ سائيڪل جي پنڌ ھو ۽ خليل صاحب اصل ۾ نصرپور شھر جو رھاڪو ھو، خليل صاحب اٺ جي سواريءَ کي تمام مھارت سان انجواءِ ڪندو ھو.
ھاڻي استادن کان کاڌي پيتي بابت خبرچار پڇيم. مولوي محمد جمن چيو ته ”پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندا آھيون! تون ٻڌاءِ ته رڌ پچاءَ جو ڪھڙو ڪم ٿو ڄاڻين؟“ مون کين ٻڌايو ته ”يار! ھن کان اڳ زندگيءَ ۾ اھڙو تجربو ڪونه ٿيو آھي.“ خليل صاحب چيو ته ”ٻوڙ آئون رڌيندو آھيان ۽ مولوي محمد جمن اٽو ڳوھڻ ۽ ماني پچائڻ جو ماھر آھي.“ مون کين عرض ڪيو ته ”يار! آئون کاڌي پيتي جا باسڻ ڌوئڻ جو ڪم ڪندس، جيڪڏھن توھان قبول فرمايو!“
ٻئي ڏينهن سائين علي ڏني شاھه قلندر بخاريءَ جا عزيز گيھلپور جا سيد ملڻ آيا، ڏاڍي محبت سان مليا ۽ ايندڙ ھفتي سندن ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏنائون. خليل صاحب ۽ مولوي محمد جمن صاحب جا ساڻن اڳئي دوستانه تعلقات ھئا. ھنن سيدن جا ڇوڪرا اسان جي اسڪول ۾ پڙھندڙ ھئا. نهايت ادب ۽ اخلاق وارا ٻار ھئا. انهن سان تا عمر دعا سلام قائم رھي، اھي نوجوان شادي مرادي جي موقعي تي اڀپور ۾ ايندا آھن، جتي ساڻن مُکا ميلو ٿي ويندو آھي.