آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ جون يادگيريون

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ جون يادگيريون

ھيل تائين مونکي پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول ۾ پاڙھڻ جو تجربو ھيو، پر ڪنهن ھاءِ اسڪول ۾ پھريون دفعو استاد جي حيثيت ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ پاڙھڻ جو موقعو مليو. ياد رھي ته گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو نهايت اھم تعليمي ادارو ھو. ان زماني ۾ ضلعي اندر تمام ٿورا ھاءِ اسڪول ھوندا ھئا. سانگھڙ شھر ۾ عيسائين جو ھڪ پادري اسڪول ”خاتونِ فاطمھ ھاءِ اسڪول“ جي نالي سان چرچ طرفان ھلندڙ ھو. اھو گھڻو ڪري عيسائي ڪميونٽي جو اسڪول ليکيو ويندو ھو. ٻي ڳالھه ته اھو اسڪول ”اردو“ ميڊيم ھجڻ ڪري سنڌي شاگردن لاءِ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مخصوص ھو. ھن ھاءِ اسڪول جي بھترين ٻه منزله بلڊنگ ۽ تمام وڏو ٻه منزل ھاسٽل، ان سان گڏ وسيع راند جو ميدان ۽ سرسبز پارڪ موجود ھئا.
ھن اسڪول ۾ ضلعي جا سينيئر سيڪينڊري اسڪول ٽيچر مقرر ٿيل ھئا. اٽڪل ٽن درجن کن سنڌي استادن ۾ محترم محمد صالح گوپانگ، عبدالحق سومرو، حاجي ولي محمد نظاماڻي، محبوب آرائين (ديھه 22 وارو) جھڙا استاد تعليمي لحاظ کان ايم ايڊ جون ڊگريون رکندڙ ھئا.
ھن اسڪول جو ھيڊ ماستر محترم باقر رضا سيد صاحب، اردو ڳالھائيندڙ پر نهايت اشراف ماڻھو، لائق منتظم ٿور ڳالھائو شخصيت رکندڙ انسان ھو. اصل ۾ ھي سيد ھندستان جي امروھي واري علائقي سان تعلق رکندڙ ھيو. شروع ۾ مونکي ڇھين ڪلاس جي ھڪ سيڪشن جو ڪلاس ٽيچر مقرر ڪيو ويو ۽ اٺين ڪلاس تائين مختلف مضامين پاڙھڻ لاءِ چيو ويو.
ھيءُ اسڪول ان زماني ۾ پرھجوم اسڪول ھيو. ھرھڪ ڪلاس جا ڪم از ڪم ٽي سيڪشن ھلندڙ ھئا. ھن اسڪول ۾ منھنجو جھول شھر جو ساٿي سيد غلام حيدر شاھه پڻ مقرر ٿيل ھو. سائين پنھنجي شاگردن ۾ نهايت مقبول استاد ليکيو ويندو ھو. اسڪول ۾ غيرنصابي سرگرمين ۾ به سدائين اڳڀرو رھندو ھو. ھن اسڪول ۾ محترم محمد صالح گوپانگ سان ھاڻي وڌيڪ بي تڪلفي ۽ دوستي رھي. ڇاڪاڻ جو گوپانگ صاحب لٽريچر/ ادب جو تمام سٺو پڙھاڪو ھوندو ھو. تنهنڪري ساڻس ادبي ڪچھريون قائم رھنديون ھيون، محمد صالح گوپانگ صاحب، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ محبوب آرائين ڪجھه ٻيا سينيئراستاد نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر مقرر ٿيل ھئا. عبيدالله جتوئي صاحب ان وقت ايم ايڊ ۾ داخلا ورتي، اڪثر موڪل تي رھندو ھو. ياد رھي ته عبيدالله جتوئي صاحب جونيئر اسڪول مان ترقي ڪندي جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ گزيٽيڊ گريڊ ماڻي ورتو. آخر ۾ ميرپور خاص ڊويزن جو ڊائريڪٽر رھيو.
مسٽر عبدالحق سومرو ايم ايڊ پاس تمام ڪم وارو استاد خاص ڪري آفيس ورڪ ۽ ليٽر ٽائيپنگ ۾ ماھر. ساڳئي وقت سومرو صاحب سيڪينڊري بورڊ جي امتحانن جو انچارج پڻ ھوندو ھيو. نهايت مزيدار شخصيت رکندڙ سومرو صاحب دلچسپ استاد ھو، کيس ڪڏھن ڪا درخواست ٽائيپ ڪرڻ جا لاءِ چئبو ھو ته سندس فرمائش ھوندي ھئي ”سگھري چانهه“ يعني چانهه ڪيڪ، سلائس سان گڏ گھرايو. تمام تيز رفتار ٽائيپسٽ ھو. آخر ۾ گڻنگ بنگلي جي ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو ۽ پنھنجي ايام ڪاري دوران گڻنگ ھاءِ اسڪول کي ھڪ بھترين مثالي اسڪول بنائي ڇڏيائين. ايتري قدر جو شھر کان ٽي ڪلوميٽر ٻاھر ھجڻ جي باوجود سانگھڙ شھر جا تمام گھڻا ٻار گڻنگ بنگلي ھاءِ اسڪول ۾ پڙھڻ لڳا. بھرحال اھا سندس انتظامي قابليت ھئِي. سندس ھتان کان بدلي ٿيڻ بعد اھو اسڪول استادن ۽ شاگردن لاءِ بلڪل ”رعيتي راڄ“ بنجي ويو ۽ تا حال ڪو سٺو حال ڪونه اٿس.
ان زماني ۾ سانگھڙ ھاءِ اسڪول، سيڪينڊري اسڪول ٽيچرز جي سياست جو به وڏو مرڪز رھيو. مبارڪ چانڊيو جونيئر ٽيچر ھوندي به ٽيچر ايسوسيئيشن جو سنڌ مشھور ڪردار رھيو. ڀٽي صاحب جي زماني ۾ اسٽرائيڪ ڪرائڻ جو اعلان ڪيائين. گرفتار ڪري ويس ۽ پوءِ گورنمينٽ اسڪول في جمع نه ڪرائڻ جي ڪيس ۾ کيس نوڪريءَ مان نيڪالي ملي. جھڳڙالو ھمراھه ھو، تعليم کاتي مان فارغ ٿيڻ بعد ھن سنڌ جي تعليم کي زبردست ڪاروبار بنايو. ضياءَ دور ۾ ڪيتريون ئي پرائيويٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليجون کوليائين، ھزارين مئٽرڪ پاس نوجوانن کان فيون وٺي، انهن کي پي ٽي سي ۽ سي ٽي امتحانن ۾ ويھاري پاس سرٽيفڪيٽ ڏياريائين.
ھوڏانهن ڪراچيءَ ۾ ھڪ حاجياڻو صاحب ھوندو ھو. ان بعد ۾ اھي ٽريننگ ڪاليجون کولي ھزارين شاگردن ۾ تربيتي سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا. اھو سڀ ڪجھه ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿي گذريو. اھڙي طرح سنڌ جي پرائمري تعليم تي جھالت جو راتاھو ھنيو ويو. جنهن جا ھن وقت نهايت خطرناڪ اثرات اسان جي ابتدائي تعليم کي تباھه ڪري چڪا آھن. اھا ڳالھه اتي پوري ڪونه ٿي، نقلي سندون رکڻ وارا سڀ استاد بنجي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿي چڪا. سنڌ ۾ ڪن ڌنڌوڙي ھمراھن پرائيويٽ B.ed ڪاليج کولي شاگرد رجسٽر ڪيا. ھزارين رپيا فيون ورتائون، سالياني امتحان دوران پنهنجا من پسند امتحاني سينٽر منظور ڪرائي، ڊگريون تقسيم ڪيائون، مٿان کان وري جڏھين ”علامھ اقبال يونيورسٽي“ جو سرڪاري طور قيام عمل ۾ آيو، انهن به تعليم جي معيار سان گھٽ ڪونه ڪئي. پي ٽي سي، سي ٽي، بي ايڊ، ايم ايڊ جا ڪورس فاصلاتي تعليم جي نالي ۾ متعارف ڪرايائون. سڄي ملڪ ۾ ان لاءِ سينٽر کوليا ويا. ان زماني ۾ اسان جي اليمينٽري ڪاليج سانگھڙ به ان جو سينٽر ھئي. انهن سينٽرن ۾ امتحانن دوران باضابطه نقل ڪرڻ جو بندوبست ٿي ويندو ھو. علامھ اقبال يونيورسٽي طرفان شايع ڪيل تعليم بابت تمام ڀاري ڪتاب شاگرد امتحان ھال ۾ کڻي ايندا ھئا. اڪثر شاگردن کي تمام ضخيم ڪتاب مان سوال جو جواب ڳولي لھڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي ھئي.
انهن ڊگرين وارا به ھزارين ماڻھو تدريسي پيشي ۾ اچي ويا آھن ۽ تاحال اچن پيا. ديکاديکي سنڌ يونيورسٽي ”آف دي ڪئمپس“ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جو پروگرامتعارف ڪرايو. آئون خود ھڪ سيشن ۾ سانگھڙ سينٽر طرفان انسٽرڪٽر مقرر ٿيل ھوس، محترما پروين منشي، يونيورسٽي طرفان ان جي انچارج ھئي. جيڪا ايم ايڊ جي لحاظ کان جونيئر ٽيچر ھئي. ڇا ٿيو جو ھڪ مولانه صورت سونهاري وارو شاگرد مون وٽ ٽرم پيپر جون ڪاپيون کڻي آيو. اھي ٽرم پيپر اصل ۾ ڦوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ھيون، اھي اولڊ ڪئمپس واري سئمينار لئبريري مان خريد ڪيل ھيون. مون انهن ٽرم پيپرن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو. شاگرد ناراض ٿيو، پر سالياني امتحان ۾ مون ڏٺو ته ھمراھه سيڪنڊ ڊويزن ۾ ڪامياب ھو.
اڃان به اتي بس نه ٿي، ھڪ سال ائگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام کي چيو ويو ته پنھنجي بجيٽ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي طرفان ايم ايڊ جو پروگرام فاصلاتي تعليم موجب متعارف ڪرايو، جيتوڻيڪ انهيءَ يونيورسٽي ۾ تعليم جو ڪوبه شعبو قائم ڪونه ھو. پر ھنن ڇا ڪيو جو سموري سنڌ مان ھزارين ماڻھن کي ايم ايڊ جي ڪورس ۾ رجسٽر ڪيائون ۽ 15-16 ھزار ماڻھو پاس ڪري، تعليم جي ٻيڙي ٻوڙڻ خاطر ھن کاتي ۾ شامل ڪرڻ جي مدد ڪيائون. تعليم ۽ معيار تعليم سان ھيڏا ھاڃا ٿي چڪا آھن! ان کان پوءِ پوئتي ڪجھه به نه بچيو آھي.