ٽائيڊل لنڪ TIDAL LINK CANAL۽ استاد ناٿو خان لنڊ
ڌرتي دوست سنگت انهيءَ پروجيڪٽ جي Enviorment Management Committee جي ميمبر ھئي. ان حيثيت ۾ ھر ماھه حيدرآباد جي حسين آباد ۾ واقع پروجيڪٽ جي مرڪزي آفيس ۾ ميٽنگ ٿيندي ھئي. آئون ان ۾ شرڪت ڪندو ھئس. اڪثر ڪري ملڪي خواھه ولائتي انجينيئرن سان مٿا ماري ڪندو رھندو ھوس.
ھڪ دفعي اسان کي پروجيڪٽ جي طرفان خط مليو ته فلاڻي تاريخ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ عالمي بئنڪ جي انسپيڪشن ٽيم سان ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻي آھي. ياد رھي ته ان وقت تائين بدين کان سمنڊ تائين TIDAL LINK CANAL مڪمل ٿي چڪو ھو. آئون ۽ اسحاق مڱريو ڪراچيءَ وياسين. سنڌ سيڪريٽريٽ جي ھڪ ھال ۾ ميٽنگ منعقد ٿي. ان زماني ۾ ماحوليات ۽ ايريگيشن کاتي جي سيڪريٽري محترما ماھتاب چنا صاحبه ھئي. ميٽنگ ۾ پروفيسر اعجازقريشي، پروفيسر مشتاق ميراڻي صاحب شريڪ ٿيا. ساڻن گڏ ھڪ ڪاري کٿيءَ پھريل بزرگ موجود ھو. عالمي بئنڪ جي ٽيم جا ڪافي ماڻھو موجود ھئا. سڀ کان پھريائين ھر ھڪ ماڻھو پنھنجو تعارف ڪرايو. تعارف کان بعد ٽيم جي ھيڊ مونکي ڳالھائڻ لاءِ چيو. مون ان کي چيو ته آئون ھڪ ننڍڙي تنظيم جو ورڪر آھيان. ھتي منهنجا سينيئر پروفيسر ويٺا آھن. انهن کي پھرئين ڳالھائڻ کپي. پر ھن صاحب چيو ته ”نه توھان پھرئين ڳالھايو!“ مون پنھنجي ڳالھه جي شروعات ھن پروجيڪٽ ۾ مکيءَ جي ڪميونٽي جي بربادي جي ذڪر سان گڏ جڏھن اھو جملو چيو ته ھن پروجيڪٽ سنڌ ۾ رشوت جي بازار کولي ڇڏي آھي. اھا ڳالھه ٻڌي صاحب مونکي چيو ته تون سياسي ماڻھو ٿو ڏسجين. آئون توکي وڌيڪ ڳالھائڻ جي اجازت نه ٿو ڏيان! مون پروفيسر صاحبان ڏانهن ڏٺو. بلڪل خاموش ھئا. بھرحال آئون چپ ڪري ويھي رھيس. آخر ۾ ڪاري کٿيءَ واري بزرگ کي ڳالھائڻ لاءِ چيو ويو. جيڪو پروفيسر اعجاز قريشي جي ڀر ۾ ويٺل ھيو. قريشي صاحب سندس تعارف ڪرائيندي چيو ته ھي بزرگ استاد ناٿو خان لنڊ آھي ۽ ٽائيڊل ڪئنال واري علائقي جو رھاڪو آھي. استاد ناٿي خان لنڊ پنھنجي گفتگو جي شروع ۾ حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جا ڪجھه بيت پڙھيا. جن جو جھڙو تهڙو ترجمون پروفيسر صاحب انگريزي ۾ ڪيو. ان بعد استاد ناٿي خان پنھنجو اھم بيان ھڪ جملي ۾ ڏنو ته ” صاحبن کي چئو ته اوھان جو ھي واھه (TIDAL LINK CANAL) ڪونه وھندو!“ عالمي بئنڪ وارن ھڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. انهن مان ھڪ چيو ته If he is an engenier? ( ڇا ھي ڪو انجينيئر آھي؟) پروفيسر قريشي صاحب چيو ته ”ھي ريٽائرڊ پرائمري ٽيچر آھي!“ ”ته پوءِ ھي اھڙي دعوى ڇو ٿو ڪري؟“ انگريز صاحب چيو. ان تي وري استاد ساڳيو جملو دھرايو! ۽ آخر ۾ قريشي صاحب کي چيائين ته ” ھنن صاحبن کي ٻڌاءِ ته اوھان ۽ اوھان جو ھي شاھي سم واھه، سمونڊ جي طاقت کان ڏاڍو ناھي. توھان جي ھن واھه کي سمونڊ اڄ سڀاڻ ڊاھي برباد ڪري ڇڏيندو! ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته ڪجھه وقت کان پوءِ سمنڊ جي طاقت ور لھرن انهيءَ شاندار ڪروڙن ڊالرن واري واھه کي لوڙھي ڇڏيو. ان جا ڪنارا به لڙھي ويا ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي، بدين جي زمينن ۾ ڪاھي پيو. ان علائقي جون قدرتي ڍنڍون خراب ٿي ويون.
ڌرتي دوست سنگت جي بئنر ھيٺ، سانگھڙ شھر ۾ يوم الارض ۽ ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي اسان وڏي ريلي ڪڍندا ھئاسون، جنهن ۾ ان وقت جا اھم شھري ۽ آفيسر شريڪ ٿيندا ھئا. ڌرتي دوست ڪيترن اسڪولن ۾ وڻڪاري ڪئي. ان سان گڏ سانگھڙ جھول جي آسپاس ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ۽ مجلسون ڪندي کين زھريلين جيت مار دوائن جي نقصانن کان واقف ڪرڻ جا پروگرام منقعد ڪيا. پوءِ ڇا ٿيو جو محترم حسن عسڪري چيو ته ڌرتي دوست سنگت جو جنرل سيڪريٽري محمد نواز ڪنڀر کي مقرر ڪريو. ڇو ته بخشڻ اھو عھدو ڇڏي چڪو ھئو. مون بادل نا خواسته عسڪري صاحب جي اصرار تي اھا ڳالھه قبولي پر تنظيم جي صدارت ڇڏي محترم مير حسن سريوال جي حوالي ڪيم. اسحاق مڱريو تنظيم جو ماحولياتي رپورٽر ھيو، جيڪو فنڊ مان ڇھه ھزار رپيا معاوضو وٺندڙ ھو. جڏھن آڪسفيم کان مليل فنڊ پورا ٿي چڪا ته ھڪ ڏينهن، نواز ڪنڀر ۽ مير حسن سريوال ڌرتي دوست سنگت جا فائيل، ھڪ ميز ۽ ڪجھه ڪرسيون منھنجي ٽرينگ ڪاليج ۾ ڦٽو ڪري ھليا ويا. وري ماحوليات ڏانهن منهن ڪونه ڪيائون. اسحاق مڱريو به سنگت ڇڏي چڪو ۽ پوءِ مون استاد نظاماڻي جي ”جھونگار“ ۾ مکيءَ جو نوحو ”مکيءَ کان موڪلاڻي“ لکيو. محترم اشتياق انصاريءَ جي گھر واري اھو نالو مونکان اڌارو وٺي ان ٽائيٽل سان ”مکيءَ جي موڪلاڻي“ ناول لکيو. اھڙي طرح اسان جي ناڪام جدوجھد جو اختتام ٿيو. چوٽياري ڊيم اڪثر پاڻيءَ کان خالي ھوندو آھي. پر جي پنجين ڏھين سال سيلاب اچڻ وقت ڀرجي به ٿو ته پنھنجي 22 ڪلوميٽر ڊگھي الھندي پاسي واري بند کان پاڻي زيرزمين سمي، اولھه ۾ پري پري تائين ڳوٺ ۽ گام ٻنيون ٻارا سيمو ڪري ٻوڙي ٿو ڇڏي. بھرحال انگريز جي وصيعت تي عمل ڪندي مکيءَ جي ٻيلي کي ختم ڪيو ويو. مکيءَ جي مالوندن کي ڇڙوڇڙ ۽ دربدر ڪيو ويو. تماشو اھو آھي ته اسان جا ڀوتار سڀ پنھنجو حصو وٺي ان سانحي تي چپ رھيا.