سنڌي فائنل جو امتحان ڏيڻ
آئون جڏھين ستين درجي ۾ پڙھندو ھوس ته ھڪ ڏينهن سائين نظر محمد عباسي صاحب کي ڏٺم ته ڪنهن امتحان جا فارم ڀري رھيو ھو. مون سائين کان ان امتحان جي باري ۾ پڇيو. سائين فرمايو ته ھي سنڌي فائنل جي امتحان جا فارم آھن. جيڪي سڄي ضلعي ٿرپارڪار مان آيل آھن. ڇاڪاڻ جو انهيءَ امتحان جو واحد مرڪز گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مقرر ٿيل آھي. مون سائين کي عرض ڪيو ته ”سائين! مھرباني ڪري منھنجو فارم ان امتحان ۾ شامل ڪيو.“ بھرحال فارم ڀرجي ويو ۽ آئون بي فڪر ٿي پنھنجي ڇھين درجي جي پڙھائي ۾ مصروف ٿي ويس. تان جو فائنل امتحان جو ٽائيم ٽيبل اچي نرواور ٿيو. انهيءَ ديسي تعليم جي امتحان لاءِ منھنجي ڪا خاص تياري ڪونه ھئي. مونکي خبر ھئي ته سموري سنڌ مان امتحان ۾ سوين شاگرد شريڪ ٿيندا ھئا. مرڪزي پرائمري اسڪولن ۾ پڙھندڙ ستين درجي جا چونڊ ھوشيار شاگرد ان امتحان ۾ ويھڻ جي ھمت ڪندا ھئا. امتحان کان اڳ لائق استاد شام- رات جو ٽيوشن جا خاص ڪلاس گاسليٽ جون بتيون ٻاري ھلائيندا ھئا. انهن شام جي خاص ڪلاسن جي ڪا به في نه ھوندي ھئي. اسان جا استاد ان امتحان کي چيلينج سمجھي پنهنجا شاگرد تيار ڪندا ھئا.
ھاڻي جڏھين ميرپور ھاءِ اسڪول ۾ پوري ٿرپارڪر جي وسيع ضلعي لاءِ اھو امتحان شروع ٿيو، آئون ريگيولر ڪلاسن مان موڪل وٺي پيپر ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويس. ھن موقعي تي مون ڏٺو ته سموري ٿرپارڪر ضلعي مان لائق استاد پنهنجا ٻه چار شاگرد امتحان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وٺي آيا ھئا. جيستائين پيپر ھلندو ھو، تيستائين اسڪول سامھون ميدان ۾ استاد وڻن ھيٺيان انتظار ۾ ويٺا ھوندا ھئا. سندن شاگرد جيئن ئي پيپرڏئي ٻاھر نڪرندا ھئا ته ھو اڳتي وڌي پنهنجن پنهنجن شاگردن کي وڻن ھيٺيان ويھاري وڏي اشتياق سان پيپر بابت سوال ڪندا ھئا ته ڀلا ھن سوال جو جواب ڪھڙو لکيو اٿن وغيره وغيره.
اھڙي نموني وڃي ايندڙ ڏينهن جي پيپرن جي شاگردن کي تياري ڪرائيندا ھئا. منھنجي اھا حالت ھئي ته آئون نهايت اعتماد سان پيپر حل ڪري گھر ڏانهن راھي ٿيندو ھوس. مونکي صرف ھڪڙي مضمون يعني ”ڏيھي حساب“ جي مشڪلات جو انديشو ھو. پر جڏھن پيپر سامھون آيو ته انهيءَ واڻڪي سبجيڪٽ واري پيپر کي مناسب نموني حل ڪري ڇڏيم. ان بعد ھڪ ڏينهن واءِ وا جو پروگرام رکيل ھو. انٽرويو وٺندڙ استاد تمام ڪڙڪ مزاج پئي لڳا. مون کان ھڪ ٻه سوال گرامر جا ڪيائون. ۽ پوءِ ھڪ بيت ”وقت چوي آئون بادشاھه“ اھو بلند آواز سان پڙھڻ لاءِ چيائون. مونکان پڇيائون ڪھڙي اسڪول مان آيو آھين؟ مون کين ٻڌايو ته ھن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مان شريڪ ٿيو آھيان. اھڙي طرح ھي امتحان پنھنجي پڄاڻي تي پھتو. ان بعد مونکي موقعو ئي ڪونه مليو ته ڪجھه مھينن بعد امتحان جو نتيجو معلوم ڪري سگھان.
بھرحال سنڌي زبان جو اھو امتحان پنھنجي تمام وسيع نصاب موجب انتهائي اھم امتحان سمجھيو ويندو ھو. ھن امتحان ۾ پاس ٿيندڙ اڪثريت ۾ استاد طور مقرر ڪيا ويندا ھئا. يا تپيداري جي نوڪري وٺندا ھئا. ان بعد جڏھن آئون پنھنجي انگريزي وارن ريگيولر ڪلاسن ۾ وڃي حاضر ٿيس، ھم ڪلاس دوستن مونتي چرچا ڪرڻ شروع ڪيا ته ”يار! الھورايو ھاڻي تپيدار ٿين وارو آھي!“
ان زماني ۾ پرائمري استادن لاءِ اھو وڏو اعزاز سمجھيو ويندو ھو ته فائنل امتحان ۾ سندن ڪيترا شاگرد پاس ٿيا آھن. اڪثر ڪري ٻه چار پرائمري استاد پاڻ ۾ جڏھين گڏجي ويھندا ھئا ته ھڪ ٻئي کان اھو ضرور معلوم ڪندا ھئا ته فائنل امتحان ۾ توھان جا ڪيترا شاگرد پاس ٿيا؟ ان جي جواب ۾ استاد پنھنجي پاس ٿيل شاگردن جو تعداد نهايت فخر سان ٻڌائڻ پسند ڪندا ھئا. اھوئي اعزاز ۽ انعام ھو ته سندن لائق شاگرد ھڪ منزل ڪاميابيءَ جي ماڻي ورتي آھي.