آسٽريليا جي اندروني حصن جو سير سفر
اٽڪل ڏيڍ مھيني کن جا ڪئنبرا ڪاليج ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد ھاڻ اھو فيصلو ٿيو ته آسٽريليا ملڪ جي ڪن اندروني حصن ۽ ڪجھه وڌيڪ شھرن جو سير ڪجي. ان لاءِ فيصلو ٿيو ته نيو سائوٿ ويلس جي ڏاکڻي پاسي ڪئنبرا کان چار پنج سئو ڪلوميٽر پري واقع شھر ”ڊبو“ Dubbo جي وزٽ ڪجي. انهيءَ سفر جو بندوبست ھن طرح ڪيو ويو ته، گروپ جي ھڪ درجن ميمبرن مان ست عدد ميمبر ڪاليج وين ۾ سفر ڪندا، باقي 5 ميمبرھڪ ننڍي سسينا جھاز وسيلي ڊبو جو سفر ڪندا. مون ھتان کان وين ذريعي سفر ڪرڻ جو ارادو ڪيو. مقصد ھو آسٽريليا جي اندروني حصي جي سرزمين، وڻ ٽڻ ۽ آبادي جو مشاھدو ڪرڻ. انهيءَ سفر دوران خبر پئي ته آسٽريليا ملڪ ۾ ڳوٺ يا وليج جو ڪو به وجود ناھي. ھتي ٽڙ پکڙ ھنڌن تي فارم ھائوس آھن، جتي اڪثر ڪري ڳئون ۽ رڍون پاليون ٿيون وڃن. اڪثر ڪري ھر ھڪ فارم ھائوس وٽ ھوائي پرن واري چڪري لڳل آھي، جيڪا رات ڏينهن زمين مان پاڻي ڪڍي ڀر واري تلاءِ ۾ وجھندي رھي ٿي، جنهن مان سندس مال پاڻي پيئي ٿو. اڪثر اھڙن دور دراز ھنڌن تي قائم فارم ھائوس وارن جي ٻارن کي ريڊيو اسڪول معرفت تعليم ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آھي. Two way ريڊيو معرف اسٽوڊيو ۾ ويٺل ٽيچر، پنھنجي شاگردن جو آواز ٻڌي سگھي ٿو ۽ سوال جواب ڪري سگھي ٿو. پر جتي ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي گھيري ۾ جيڪڏھن وڌيڪ فارم ھائوس آھن ته انهن جي وچ تي اسڪول قائم ڪيو ويو آھي. ماڻھو پنھنجي ذاتي سوارين ۾ ٻارڙا اسڪول پھچائين ٿا ۽ واپس گھرن ڏي کڻي وڃن ٿا. البته استاد کي اتي ئي رھڻو پوي ٿو.
بھرحال ڊگھي سفر بعد ڊبو شھر جي ھڪ ھوٽل ۾ وڃي پڙاءُ ڪيوسين. ھن پروگرام دوران اسان کي آسٽريليا جي پارليامينٽ جي ميمبر جنهن کي آئرن ليڊي چيو ويندو ھو، ان سان ملاقات ڪرڻي ھئي. ٻيو ته جھنگ ۾ واقع فيلڊ اسٽڊي سينٽر جي وزٽ ڪرڻي ھئي. ان سان گڏ آسٽريليا جي زميندار سان ھڪ ملاقات رکيل ھئي. ڊبو شھر جو سير ڪيوسين. ڊبو ۾ قائم قديم جيل جيڪو ھوبھو ھتي اسان وٽ انگريز جي جوڙيل جيلن جھڙو ھو. ان کي ھتي عجائب گھر جو درجو ڏيئي، ٽڪيٽ لڳائي وزيٽرس کي ڏسڻ جو موقعو ٿي ڏنائون. مون پنھنجي استاد کي ٻڌايو ته برطانيه سرڪار اسان وٽ ساڳيا جيل ٺاھيا ھئا ۽ اھي اڃان تائين ساڳي صورت ۾ قائم آھن. تنهن ڪري اسان لاءِ ھي ڪا نئين ڳالھه ناھي. بھرحال جيل ۾ گھمي ڦري ڏٺوسون، ڦاسي گھاٽ به ساڳيا، ڏوھارين کي ڪوڙا ھڻڻ واري ٽڪٽڪي به ساڳي ضياءُ الحق واري، عورتن جي وارڊ وارن ڪمرن ۾ عورتن جا بت ٺھيل ھئا. ھرھڪ وارڊ ۾ ھڪ مشين لڳل ھئي. جنهن ۾ چاليھه سينٽ جو سڪو وجھڻ سان آواز وسيلي ان وارڊ جي تاريخ ٿي بيان ڪيائون. خاص ڪري ڦاسي گھاٽ واري مشين ڦاسي کاڌل قيدين جو تفصيل ٿي بيان ڪيو. ٻئي ڏينهن اسان کي فيلڊ اسٽڊي سينٽر جو ھڪ دورو ڪرڻو ھو. ياد رھي ته ھي فيلڊ اسٽڊي سينٽر دور دراز علائقن ۾ قائم ڪيا ويا آھن. ھنن لاءِ جوڙيل عمارتن ۾ رھائشي ھاسٽل، ڪلاس روم، سائنس ليبارٽري ۽ لئبريري جو بندوبست ٿيل ھوندو آھي. ھنن سينٽرن ۾ ٽائيم ٽيبل موجب ھاءِ اسڪول جا شاگرد مطالعاتي دوري تي پنهنجن استادن سميت اچي ترسندا آھن. ھرڪنهن جاگرافيائي علائقي جي Fana flora ۽ ٻين موضوعن جو استادن جي رھبري ۾ مطالعو ڪندا آھن. اسان جنهن اسٽڊي سينٽرتي پھتاسين ته اتي آسٽريلين زميندار سان به ملاقات ٿي. ھو صاحب ان ڏينهن اسٽڊي سينٽر لاءِ سائيڪل اسٽينڊ جي تعمير ۾ حصو وٺي رھيو ھو. سندس لباس تمام سادو، چڍي جوراب، ھڪ ٻانهن واري بنيان پاتل ھمراھه 2 ھزار ايڪڙ جو زميندار ھيو. ھن سينٽر ۾ ونگار طورڪم ڪرڻ لاءِ آيل ھو. شام جو اسان جي ساڻس ملاقات طئي ٿيل ھئي.