آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

نيٺ ڇا ڪجي!

نيٺ ڇا ڪجي!

منھنجي ذھن اھو سوال بار بار اڀري پيو ايندو ھو. پر ظاھر ۾ ڪوبه چارو نظر ڪونه ٿي آيو. اباڻو ڌنڌو ھارپ جو ھو، جنهن لاءِ منھنجي جسم ۾ گھربل توانائي ڪونه ھئي. مينهون ڀٽاريون ته موجود ھيون، پر ھاڻي مال چارڻ اوکو پئي لڳو. بازار ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن ڦرندي مونکي خيال ٿيو ته ڇونه درزڪو ڪم سکجي. ان لاءِ مائٽن کان پڇڻ کان سواءِ وڃي ”پونجا مھراج“ وٽ شاگرد ٿي ويٺس. جيڪو اسان جو مھاڙيو درزي ھو. ان مونکي پھريائين ڪاڄ ٻڌڻ تي ويھاريو. ڪافي ڏينهن ڪاڄ ٻڌندي جڏھن ان ھنر ۾ صفائي اچي ويئي ته پوءِ استاد سلائي مشين تي سڌا ٽوپا ھڻڻ جي اجازت ڏني. ان ۾ سلوارن جي ڏرن جي سڌي سلائي ڪرڻ، ائين وڌندي وڌندي وڌيڪ Skill وارا ڪم سکڻ شروع ڪيم، تان جو ٻهراڙي جي فيشن جي قميص ۽ سلوار سبڻ سکي ورتيم. ان بعد سيٺ اسماعيل انصاريءَ جي دوڪان سامھون ڪم ڪندڙ استاد ” مجيد پنجابي“ جي شاگردي اختيار ڪيم. ھن ڪاريگر جي ڪٽائي ۽ سلائي ۾ ڪافي صفائي ھوندي ھئي. خاص ڪري قميص جي سامھون پليٽ، ڪالر ۽ کيسي جي صفائيءَ کي ھن ھنر ۾ وڏي اھميت حاصل ھئي. استاد مجيد وٽ ڪم ڪندي چار پنج مھينا گذريا ته ھڪ ڏينهن ھڪ پرائمري استاد اتان گذرندي مونکي ڪم ڪندي ڏٺو. خوش خير عافيت کان پوءِ مونکان چيائين ته جيڪڏھن فائنل پاس ڪيل اٿئي ته پوءِ پرائمري استادن جي نوڪري لاءِ سانگھڙ وڃي درخواست ڏئي اچ!
مون بنا ڪنهن تصديق جي چيو ته منھنجو فائنل جو امتحان ڏنل آھي. ٻئي ڏينهن وڃي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ڀرسان واقع D.I.S جي آفيس ۾ درخواست جمع ڪرائي آيس. ھاڻي اھو ضروري ٿيو ته فائنل جي امتحان جو پاس سرٽيفڪيٽ ھجڻ لازمي آھي. ان لاءِ ٻڏ تر ڪندي نيٺ ھڪ ڏينهن راجا واري ريل ۾ سوار ٿي وڃي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ وارد ٿيس. اتي منهنجا مھربان استاد مليا، جن کي پڻ منھنجي تعليم منقطع ٿيڻ جو افسوس ھيو. ھڪڙي استاد چيو ته ”بابا! اسان سمجھيو پئي ته تون انگريزي ٻوليءَ جو استاد يا وڪيل ٿيندين!“ بھرحال مون درخواست لکي پيش ڪئي ته مون ڦلاڻي سال فائنل جو امتحان پاس ڪيو آھي. مونکي سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي! درخواست ته ڏئي ويٺس، پر دل ۾ اھو پئي سوچيم، ڇاڪاڻ ته مون رزلٽ بابت اڳ پڇا ڳاڇا ڪانه ڪئي ھئي. تنهنڪري خدا ناخواسته جيڪڏھن فيل ھوندس ته وڏي کل جوڳي حالت ٿيندي. بھرحال امتحان جي انچارج جي ميز سامھون ڌڙڪندڙ دل سان وڃي ويٺس. ھن صاحب ھڪ وڏو ليجر کوليو. صفحن جا ورق ورائيندي مونکي چيائين ته ”بابا! تنھنجو پاس سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪس شيٽ اڳ ئي تيار پئي آھي. ھن رجسٽر تي صحيح ڪري کڻي وڃ!“
استاد جو اھو جملو منھنجي توڪلي دل لاءِ وڏو سھارو ۽ خوشيءَ جو باعث بنيو. سرٽيفڪيٽ وٺي سڌو ريلوي اسٽيشن جو رخ ڪيم. حالانڪه دل جي چاھت چاھيو پئي ته ھڪ نظر وڃي بخاريءَ جي پڙ تي لڳايان. پر دليل جي وڪيل چيو ته اتي وڃي ٻيھر دکي ٿيندين!! دل ۾ دٻيل يادن کي دھرائڻ سان وڌيڪ ڏک پرائبو. تنهڪري راجا جي ريل ۾ سوار ٿي اچي جھول پھتس. ٻئي ڏينهن اھي سرٽيفڪيٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي آيس. اتي ٻڌايو ويو ته ڦلاڻي تاريخ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي سينٽرل ھال ۾ D.I.S سيد جلال الدين صاحب اميدوارن جا پاڻ انٽرويو وٺندو. انهيءَ ڏينهن وڃي سانگھڙ ھاءِ اسڪول جي ھال ۾ حاضر ٿياسون. اٽڪل سٺ، ستر اميدوار موجود ھئا. D.I.S صاحب سامھون اسٽيج تي اچي ويٺو. ھرھڪ اميدوار کي پاڻ وٽ گھرائيندو ويو ۽ ميز ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويھاري، سامھون رکيل قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ لاءِ چوندو ويو. نيٺ منھنجو وارو آيو، مون تلاوت ڪئي، شاھه صاحب چيو ته ” بابا! روز صبح جو ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪندو ڪر!“
انٽرويو واري انهيءَ عمل کان پوءِ شاھه صاحب سامھون واري ديوار ۾ لڳل بليڪ بورڊ تي تمام صاف اکرن ۾ ٽي سوال لکيا، ۽ بلند آواز ۾ پڙھي ٻڌايائين. ھال ۾ ويٺل اميدوارن کي سفيد ڪاغذ جا چار صفحا ڏنا ويا ۽ بورڊ تي لکيل سوالن جا جواب لکڻ جو چيو ويو. ھن عمل جي خود شاھه صاحب نگراني ڪري رھيو ھيو. ان بعد چيائين ته انهن ڪاغذن ۾ پنھنجي ماڳ مڪان جي ٽپال واري ائڊريس لکي پيپر ميز تي رکي ھليا وڃو. جنهن کي آرڊر ڏيڻو ھوندو، ٽپال وسيلي توھان کي پنھنجي گھر پھچي ويندو. ھتي پنڌ ۽ پڇائون ڪرڻ جي ضرورت ناھي.
مون واپس اچي پنھنجو درزڪو ڪم جاري رکيو. ان زماني ۾ استاد مونکي ٽي رپيه روزانو مزدوري ڏيندو ھو. ھڪ ڏينهن پنھنجي ڪم ۾ مصروف ھئس ته ٽپالي ھڪ خاڪي لفافو اچي ڏنو. يڪدم کولي پڙھڻ شروع ڪيم، پني جي مٿان آفيس آرڊر لکيل ھو. ھيٺ عبارت ھينئن شروع ٿي.
” مانوارو منشي الھورايو ولد آگو خان بھڻ ٿئي ھه- م گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ مير الھداد خان ٽالپر تعلقو کپرو.........“
شايد ان آرڊر تي ماھوار پگھار به لکيل ھو، جيڪو مبلغ سٺ رپيا مھينو ھو. منھنجي دل خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي وئي. ان لاءِ آئون علم جي سفر ۾ جنهن ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تان ھيٺ ڪري اچي درزي ٿيو ھوس، ھاڻي وري مونکي موقعو مليو ته علم جو سفر جاري رکان ۽ علم جي سکيا به ڏيان. مون پنھنجي نوڪري جي پرواني جي ڳالھه استاد مجيد سان بيان ڪئي، جنهن چيو ته ”چريا! توکي ھن وقت به آئون 90 رپيھ مھينو ۽ چانهه پاڻي ڏيان ٿو. پوءِ تون ڇو سٺ رپين تي وڃي، پرديس ۾ ڌڪا ٿو کائين!!“
مون بھرحال استاد کي عرض ڪيو ته ھاڻي مونکي درزڪو ڪم ختم ڪرڻ جي اجازت ڏيو ته مھرباني.!