ڊاڪٽر نجم عباسي کان دوا درمل وٺڻ
انهيءَ زماني ۾ مونکي عجيب و غريب ذھني بي چينيءَ جي تڪليف مان گذرڻو پئي پيو! اصل مسئلو نفسياتي ھو. ان سال منھنجي ”نيوروسس“ جي تڪليف ڏاڍو ستايو. ڇا ٿيندو ھو جو بي خوابيءَ سان گڏ ذھن ۾ خوف رھڻ لڳو. دل جي ڌڙڪن جي ڌڪ ڌڪ اچانڪ وڌي ويندي ھئي. ان لاءِ ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب وٽ سندس ڪلينڪ تي، جيڪو عبرت اخبار جي پاسي ۾ واقع ھو، ھفتي ۾ ھڪ ٻه دفعا ضرور ويندو ھوس. ڊاڪٽر صاحب مونکي ھڪ شاعر جي حيثيت سان سڃاڻندو ھو. ھو صاحب ھر دفعي مونسان تمام گھڻي مھربانيءَ سان پيش ايندو ھو. مون واري دل جي ڌڙڪن کي جانچڻ لاءِ مون واري پريشان دل تي دور بيني رکي، مونکي تسلي ڏيندو ھو ته ڪجھه به نه آھي. ان سان گڏ آرام ۽ سڪون ڏيڻ خاطر مڪسچر وغيره به ٺاھي ڏيندو ھو.
ياد رھي ته ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب پنھنجي وقت جو ناليوارو ڪھاڻيڪار، سنڌ ۽ سنڌي زبان سان محبت ڪندڙ ھستي ھو. سندس سنڌ سان محبت جو ڪاٿو ڪونه ھو. ھو ديوانگي جي حد تائين سنڌ ۽ سنڌي زبان سان محبت ڪندڙ انسان ھو. ڊاڪٽر صاحب جھڙي معصوم محبت مون ھڪ ٻي ھستي ۾ ڏٺي آھي. اھو آھي محترم عطا محمد ڀنڀرو، جنهن سنڌ سان محبت خاطر پنھنجي اولاد کي به قربان ڪري ڇڏيو ۽ صدارتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. ھي بزرگ به سنڌ سان بي انتها محبت ڪندڙ آھي.
آخرڪار ايم ايڊ وارو ميلو نيٺ پڄاڻيءَ تي پھچڻ وارو اچي ٿيو. باقي ڪم رھيو ٽرم پيپر لکي پيش ڪرڻ جو. ان زماني ۾ ايم ايڊ جي ھر ھڪ شاگرد کي ٻه عدد ٽرم پيپر لکي پيش ڪرڻا ھوندا ھئا. مقصد اھو ھيو ته ان سطح جو شاگرد ڪنهن سنجيده تعليمي تدريسي موضوع تي ريسرچ پيپر لکي پيش ڪري. ٽرم پيپرن جا موضوع واسطيدار استاد کان منظور ڪرائي پوءِ لکڻا ھوندا ھئا. بھرحال اھو واحد ڪم ھو، جيڪو ايم ايڊ وارن دوستن لاءِ انتهائي مشڪل ڪم ھو.
ان جو آسان حل اٽڪل ستر سيڪڙو ھمراھن ان طرح ڳولي ورتو ته سئمينار لئبريري جي انچارج ھمراھه کان ڪجھه ڏيئي وٺي، ڪي پراڻا ٽرم پيپر ڪٻاڙخاني مان حاصل ڪبا ھئا. پوءِ انهن سان لڳ ڀڳ لاڳاپيل موضوع منظور ڪرائي. حيدر آباد ۾ مشھور ٽرم پيپر رائيٽر جي حوالي ڪندا ھئا. مقرر رقم جي ادئيگي بعد سدن ٽرم پيپرٽائيپ ڪري، جلد بندي ڪري ڏيندا ھئا ۽ اھي ٽرپ پيپر يار وڃي پيش ڪندا ھئا. جيڪي بغير ڪنهن اعتراض جي قبوليت جو شرف حاصل ڪري وٺندا ھئا.
مون وٽ جيئن ته ڏوڪڙ ھئا ڪونه ۽ مونکي جيڪي عنوان مليا سي مون لاءِ ھڪ چيلينج وانگر ھئا، تنهن ڪري مٿان مونا ھڻي نيٺ وڃي ٽرم پيپرمڪمل ڪري، ٽائيپ ڪرائي استاد کي پيش ڪيم. شڪر ٿيو جو استاد وٽ اھي قبول پئجي ويا.
ھاڻي ميٺا رام ھاسٽل مان ٽپڙ ٻڌاسون، يارن دوستن کان ملي موڪلائي، اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿياسون. ھوڏانهن موڪل ختم ٿيڻ تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن، اسان جا اسڪولن ۾ مقرري وارا حڪم جاري ڪيا. مونکي ھاءِ اسڪول ۾ موڪلڻ بجاءِ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سانگھڙ ۾مقرر ڪيو ويو. جتي وڃي ڊيوٽيءَ تي دخلڪار ٿيس.