آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

جلسي ڦٽڻ جو اکين ڏٺو احوال

جلسي ڦٽڻ جو اکين ڏٺو احوال

مونکي ۽ غلام حيدر شاھه کي ڀٽي صاحب جي تقرير ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو شوق ھو. ان وقت اسين ٻئي ڳوٺائي، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ استاد ھئاسون. رسيس ٽائيم تي اسان سيد باقر رضا ھيڊ ماستر صاحب کان موڪل وٺي، جلسو ڏسڻ لاءِ شھر ڏي آياسين. ان وقت اسان ڏٺو ته سنجھوري روڊ کان پير صاحب پاڳاري جا مريد سنجھوري جي تر ۾ دعوت تي جناب پيرصاحب پاڳاري جي صبح جي وقت زيارت ڪري ڍڳي گاڏين ۾ قطار در قطار پنھنجي ڪٽنب جي عورتن سان گڏ، ميرپور خاص چوڪ ڏانهن وڃي رھيا ھئا. شھر جي ٽائون ڪاميٽي وٽ پارڪ ۾ اچي پھتاسين. سانگھڙ جا روڊ ضلعي ڪائونسل کان پيرو، بچو شھيدن جي چوڪ تائين جھنڊين ۽ ڪيلن جي ٻوٽن سان سينگاريل ھئا. پير صاحب پاڳاري جي مريدن جون ڍڳي گاڏيون ذري گھٽ گذري ڇيھه ٿيون. جلسھ گاھه لطيف پارڪ ۾ قائم ڪيل ھو. جتي شاميانه کوڙي اسٽيج بنائي وئي ھئي ۽ عوام پارڪ جي ڇٻر تي ويٺل ھئي. ان وقت خانصاحب معراج محمد خان جلسي کي انتهائي انقلابي انداز ۾ خطاب فرمائي رھيو ھو. ذڪر ساڳيو روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان جو ھو. ان وقت مونکي منھنجي دوست چيو ته ھلو ته پيرو بچو چوڪ وٽ بيھي ڀٽي صاحب جي قافلي کي ايندي ڏسون! اسان چوڪ وٽ انتظار ڪري رھيا ھئاسون ته اوچتو ميرپور خاص چوڪ کان بچو چوڪ ڏانهن ماڻھن جو ٽولو رستي تي لڳل جھنڊيون ڊاھيندو پئي آيو. ۽ ھڪ ٻيو ٽولو جلسي گاھه ڏي ويو. ھن ٽولي جي اڳواڻي سانگھڙ جو ھڪ نوجوان اسٽوڊنٽ ليڊر ڪري رھيو ھيو. ھن ٽولي وڃي جلسي گاھه جي شامياني جا رسا وڍيا، اسٽيج ڊھي پئي. ان وقت معراج محمد خان سان گڏ پنجاب مان آيل ھڪ شاعر اسلم گورداس پوري ڦٿڪي سٿڪي ٻاھر نڪتا. شاعر صاحب جي ٻانهن کي جوکم پھتو. ياد رھي ته اھو نوجوان اسٽوڊنٽ ليڊر جيڪو اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان سياسي تقريرون ڪندو ھو. تنهنجا ڄام صادق علي خان سان سٺا تعلقات ھيا. تنهن ڪري اھو چوڻ مناسب ٿيندو ته سانگھڙ ۾ پ پ ۽ حر جماعت جو ٽڪراءُ ھڪ پاليسي تحت ڪرايو ويو ته جيئن سنڌي عوام جا ھي ٻه گروپ ھميشھ لاءِ ھڪ ٻئي جا مخالف رھن. ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو فارمولا تحت اھو جھڳڙو ڄام صادق علي خان جي رڌڻي ۾ پچايو ويو ۽ پوءِ جڏھين جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ڄام صادق علي کي وئڪيشن ڪرڻ لاءِ لنڊن رھايو ويو ته مذڪور نوجوان اڪثر لنڊن وڃي، ڄام صاحب سان ڪچھريون ڪندو ھو. ۽ پوءِ ڄام صاحب ھڪ دفعو جڏھين وري سنڌ ۾آيو ۽ پ پ مخالف سياست ڪندي، سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو ته ان نوجوان کي حڪومت ۾ صلاحڪار جو عھدو ڏنائين. انهي وقت ڄام صاحب معافي تلافي ڪري حر جماعت سان پنهنجا تعلقات درست ڪري ورتا. پ پ جي حاڪميت دور ۾ جيڪي بي گناھه حر ھتي قتل ڪرايائين، انهن جي عزيزن کي نوڪريون وغيرهه ڏئي پرچائي ورتائين.ھا ته بچو چوڪ تي بيٺي اسان ڊسٽر ڪٽ ڪائونسل وٽان ھڪ ٻن بندوقن جا فائر ٻڌا، پوءِ خبر پئي ته ڀٽو صاحب، جوڻيجا پيٽرول پمپ وٽان قافلي سميت واپس موٽي ويو. سندس ڪار غلام مصطفى کر ڊرائيو پئي ڪئي. مير ضيغم ٽالپر جنهن سانگھڙ ۾ پپلزپارٽي کي آرگنائيز ڪيو، اھو پڻ مير رسول بخش ٽالپر سان قافلي ۾ شامل ھو. ھئو مئو ٽرڻ بعد اسان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وٽ وڃي ڏٺو ته اتي روڊ تي پٿر ۽ سروٽا پکڙيل ھئا ۽ وچ روڊ تي ڳاڙھي رنگ جي ڪار کي باھه لڳل ھئي، اھا ڪار مير ضيغم الدين ٽالپر جي ھئي. جيڪو تازو وڪالت پاس ڪري، سانگھڙ بار ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ھو. سندس ڪار قافلي ۾ شامل ھئي. جنهن کي اونڌو ڪري باھه ڏني وئي ھئي. مير صاحب پوءِ ٻڌايو ته ڪجھه سروٽا اڇلايا ويا ۽ ضلعي ڪائونسل بلڊنگ جي ڇت مٿان ڪجھه ھوائي فائر ٿيا. ان دوران ھي قافلو موٽي شھدادپور روڊ وٺي واپس ويو. مير ضيغم ان وقت مير رسول بخش ٽالپر جي ڪار ۾ سوار ھو، جنهن ٻڌايو ته مير صاحب پستول ڪڍي دريءَ مان فائر ڪندو جھول تائين آيو!
بھرحال انهيءَ واقعي بعد حر جماعت ۽ پ پ جي تعلقات ۾ جيڪا Divide ٿي، اھا سنڌ جي سياست ۾ تاحال قائم آھي ۽ اصل نسخو Divide and rule وارو ھلندڙ آھي. ان کان پوءِ ڀٽي صاحب ھن واقعي بابت انتهائي Agressive بيان ڏنا، جن جي ڪري ويتر وٿيون وڌي ويون
اھا ھڪ تاريخي حقيقيت آھي ته ڀٽي صاحب جي والد سرِ شاھنواز ۽ حضرت سورھيھ بادشاھه جا خانداني تعلقات ھئا. حضرت سورھيھ بادشاھه 1930ع کان 1936ع تائين ھندستان جي اڀرندي وارن علائقن ۾ قيد رھيو ته ان دوران حضرت سورھيھ بادشاھه ۽ سر شاھنواز ڀٽو درميان خط و ڪتابت جاري ھئي. سر شاھنواز ان وقت سنڌ مان بامبي ڪائونسل جو ميمبر ھو. پير صاحب کي قيد دوران بي ڪلاس ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ورتائين. پيرصاحب تي انڪم ٽيڪس جي چٽيءَ جا جيڪي انگريز حڪومت حڪم ڪيا، انهن جي قاعدي موجب پيرويءَ لاءِ پڻ سورھيھ بادشاھه جي لاءِ حاڪمن کي سفارش ڪيائين. اھڙا خط جيڪي تاريخ چئي سگھجن ٿا، اھي رڪارڊ تي موجود آھن. پوءِ جڏھن 1952ع ۾ پيرصاحب جي گادي بحال ٿي ۽ ذوالفقارعلي ڀٽو پڻ آمريڪا مان تعليم وٺي آيو ته پير صاحب جن ڀُٽي جو ان وقت جي سياسي حلقن ۾ تعارف ڪرايو. پير علي محمد راشديءَ کي پارت ڪيائين. اھڙي طرح ڀٽو صاحب پاڪستان جي سياسي ڌارا سان متعارف ٿيو. پر اھا عجيب ڳالھه آھي ته 1972ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد ڀٽي صاحب جي طبيعت تمام High ٿي وئي. سندس سياسي بيان پيرن فقيرن بابت تمام غرور سان ٽمٽار نظر اچن ٿا. ڀلا جيڪڏھن ڀٽو صاحب واقعي سوشلسٽ انقلابي ھو ته پوءِ مير پور خاص جي تقرير ۾ ”وسان ڪو ڪسان بنادونگا“ جي ڌمڪي ڏنائين ۽ روايتي وڏيري وساڻ صاحب به يڪدم پ پ ۾ شموليت ڪئي. اھڙي طرح ڀٽي صاحب جي سياسي قافلي ۾ وڏيرا شاھي درجي به درجي شامل ٿيندي وئي. باقي وڃي رھيا اصل ڪامريڊ معراج محمد خان، جي اي رحيم وغيرهه، انهن سان جيڪا ڀٽي صاحب ڪئي، ان جي تاريخ شاھد آھي. مطلب ته ڀٽي صاحب جي غرور ۾ ”ايٿ ٻيسو، اوٿ ٻيسو!“ وارو جيڪو عنصر ھو، ان جي تاريخ شاھد آھي. اھو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته پير صاحب پاڳارو سانگھڙ شھر کان ھڪ ٻه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، روايتي دعوت ۾ آيل آھي. جنهن ۾ سوين مرد ۽ عورتون شريڪ ھيون. انهيءَ وقت اھو سانگھڙ وارو جھيڙو ٿو ڪرائي اصل ۾ ڪاري ڍڳي جي ڌڻين جي پروگرام جو حصو ھو. جنهن ۾ ڄام صادق علي جو وڏو ڪردار رھيو.