آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

ليکڪ طرفان ٻه اکر

منھنجي جنم جو سال 1942ع آهي. هي اهو زمانو هيو، جو سنڌ جي وسيع ايراضي ۾ انگريز ڇتي مارشل لا نافذ ڪري ڇڏي هئي. هڪ سازش تحت حر تحريڪ خلاف خصوصا ً۽ سنڌ جي ماڻهن مٿان هن مارشل لا دوران ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. ان وقت اڄوڪن ڀوتارن جي وڏن واري سنڌ اسيمبلي حر ايڪٽ پاس ڪري، انگريز حاڪمن ۽ سنڌ پوليس خواهه برٽش فوج کي ظلم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
مون جيئن ته پنھنجي شعور جي اک حرن لاءِ قائم ڪيل جيل CONCENTRAION CAMP ۾ کولي ۽ پنھنجي معصوم ٻاروتڻ جا ڪامل ڏھه سال پنھنجي امڙ ۽ بابي سان ان قيد و بند ۾ گذاريا. ان ڪري منھنجي دل ۾ سامراج ۽ سامراج جي ڇاڙتن خلاف شديد ڌڪار موجود پئي رهي آهي. ان جو سمورو بيان مون پنھنجي هن آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي. ان بعد موهن جي دڙي جي سرزمين هڪ نئين نالي سان نئين مملڪت ۾ شامل ڪئي ويئي. اهو نئون نالو ان کان اڳ دنيا جي ڪنهن زبان ۽ ان جي لغت ۾ موجود ڪونه هو. ان نئين نالي واري حڪومت ۾ آسرو هيو ته اسان کي 1947ع ۾ قيد و بند کان آزاد ڪندي پر ائين نه ٿيو.هزارين عورتن، ٻڍن ۽ ٻارن کي 1952ع تائين ساڳئي سلوڪ تحت قيد رکيو ويو. چون ٿا ته گورو حاڪم ويندي ويندي نئين نوابي حڪومت کي اها وصيعت ڪري ويو هو ته هنن باغين کي اڃان به 10 سالن تائين باندي رکيو وڃي. بھرحال اسان اسيرن کي پھرئين اپريل 1952ع تي آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته اسان جا اصلي ماڳ مڪان يا ته ميٽجي چڪا هئا يا والارجي چڪا هئا. ان ڪري اسان نوان پناهگير ٿي، پنھنجي ڌرتيءَ ڏانهن واپس آياسون.
ان نئين صورتحال ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي“ جو سوال سامھون آيو ته هن سماج ۾ نئين سر شروعات ڪيئن ڪجي؟ بھرحال زندگيءَ جو اهو سفر ڏکن ۽ سکن ۾ گذرندو رهيو. ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“ جي خيال کي ساڻ کڻي، زندگيءَ جي جدوجهد جاري رهي. هاڻي جڏهين زندگيءَ جي سفر جي آخري پڙاءَ تي پھتو آهيان ته پنھنجي يادگيرين جي هن ڪتاب ”قيد ڪشالا زندگي“ ۾ پنھنجي آتم ڪهاڻي لکي پوري ڪئي اٿم. اها ڪٿا پوري ۽ اڻ پوري به چئي سگهجي ٿي. ڪيتريون ڳالهيون پيٽ ورن ۾ پيون رهيون، ڇوته هن دور ۾ سلڻ جھڙيون نه هيون.
زندگيءَ جي هن پوڃاڙي واري پھر ۾ (برين اسٽروڪ جي ڪري) حافظو به ڌنڌلو ٿيندو پيو وڃي، ان حالت ۾ قصو بيان ڪيو اٿم. مطلب ته ”هيءَ جا سورن پئي سَلي آهي، سازندگي ڏاڍي ڀلي آهي“ جي مصداق، زندگيءَ جي واھڙ جو وهڪرو جيڪو شروع ۾ لھوارو تيز تر وھندو آهي ۽ پوءِ جندڙيءَ جو اهو واھوندو ڌيمون ٿيندو ويندو آهي. ۽ نيٺ وڃي ماٺ جي پرشانت ساگر ۾ پھچندو آهي.
سنڌي زبان ۽ ادب سان منھنجي چاهت سڄي ڄمار قائم رهي. مونکي ياد آهي ته 1960ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول جي ساٿين سان گڏ ادب جي مطالعي جو موقعو مليو. هڪ دفعي روسي باغي دانشور ”پرنس ڪروپاتڪن“ جي لکيل ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ جو سنڌي ترجمون پڙهڻ جو موقعو مليو، ان بعد ڪتاب ۾ ڏيکاريل راھه ۽ رستو منھنجي زندگيءَ جي منزل بڻيو.
مون شاعريءَ تي به طبع آزمائي ڪئي ”ايڏو درد عميق“ جي نالي سان منھنجو شاعريءَ جو مختصر ڪتاب شايع ٿيل آهي. منھنجي شاعري ان وقت ”نئين زندگي“ ” روح رهاڻ“ ۽ ماھوار ”سھڻي“ ۾ شايع ٿيندي هئي. پنھنجي نظرياتي اصولن موجب آئون ھميشه ڀوتارڪي سماج خلاف لکندو رھيو آهيان. نظرياتي ڌارا ۾اوڀارو سفر ڪرڻ جي ڪري، نوڪريءَ دوران ڪافي ڪٺنائون برداشت ڪرڻيون پيون. بھرحال ماضيءَ جا اهي ڏک ڏاکڙا هاڻي عزيز پيا لڳن. هن ڪتاب ۾ ڪجهه دوستن جون ساروڻيون شامل آهن. حافظي جيترو به ساٿ ڏنو آهي ته انهن يارن جو ذڪرِ خير ڪيو اٿم.
77 سالن جي عمر ۾ آئون وڏي ڪيڙ ۽ ڪٽنب جو بزرگ آهيان. پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن جي ڦلواڙيءَ ۾ پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو. منھنجا چار عدد فرزند ڊاڪٽر رسول بخش، جيڪو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ٻيو فرزند امين بخش سرڪاري ملازمت ڪندڙ آهي، ادب جي مطالعي جو شوق رکي ٿو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو فارغ التحصيل آهي. منھنجو ٽيون نمبر فرزند حسين بخش اسسٽنٽ پروفيسر آهي ۽ ڊگري ڪاليج ۾ پاڙهي ٿو. ۽ چوٿون نمبر فرزند قادر بخش تازو ٽنڊو ڄام يونيورسٽيءَ مان D.V.M پاس ڪري چڪو آهي. منھنجو ڀاڻيجو حضور بخش سٺو مطالعو رکندڙ استاد آهي. مون اها علم ۽ ادب جي جيڪا مختصر دولت هئي، سا پنھنجي اولاد کي ڏني آهي. جنھن کي آئون پورھيت ماءُ پيءُ جي دعائن جي برڪت سمجهان ٿو.
زندگيءَ جي هن موڙ تي ڪيترائي هم عمر سنگتي ۽ ساٿي موڪلائي چڪا آهن. سندن يادگيريون دل تي نقش آهن. ٻئي پاسي منھنجا ساٿي منھنجا ڪتاب آهن جن کي هڪ گهڙي به پاڻ کان جدا ڪرڻ نه ٿو چاهيان. منھنجي هيءَ قلمي ڪاوش خبر نه آهي ته علم دوست حلقن وٽ ڪيتري قبوليت جو درجو حاصل ڪندي؟ اهو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.

[b] الھورايو بھڻ
[/b] جهول (2019-01-10)