آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

منھنجو اٻالو ٻاروتڻ ۽ انگريز جي قيد واري ڪئمپ، نوابشاھه

بلاڪ زمين جي چوڌاريڪنڊن جو تمام اوچو لوڙھو. ان جي آمھون سامھون ڪُنڊن تي ٽيھه، پنجٽيھه فوٽ اوچا مورچا ٺھيل، ۽ مورچن مٿان چوويھه ڪلاڪ چوڪيدارچاري ۽ سپاھي. جن جي ڀريل بندوقن جا نشانا ھر وقت اسان اسيرن ڏانهن سڃيل. قيد خاني جي سامھين پاسي ھڪ تمام وڏو شاھي دروازو لوھي شيخن وارو ۽ ان دروازي جي سامھون وردي پاتل سپاھي، سندن بندوقن جي مٿان سنگينون چاڙھي، روبوٽن وانگر رائونڊ ھڻندڙ سپاھي. سندن چھرا ڪنهن به قسم جي احساسن کان عاري. عجيب شڪلين وارا سپاھي. الائجي ڪٿان اترين سرحدن ۽ پنجن دريائن جي قحط جي ماريل علائقن مان اسان تي عذاب نازل ڪرڻ لاءِ آندل سپاھي. ھي ڪيڏا نه گوري سماج سان وفادارماڻھو ٿي ڏٺا. انهيءَ شاھي دروازي وٽ ھر ڪلاڪ کان پوءِ قيد و بند جي صعوبتن واري وقت جي شدت جو احساس ڏياريندڙ گھنڊ. رات ڏينهن چوويھه ڪلاڪن جو احساس ڏياريندڙ گھنڊ وڄندو ٿي رھيو. مغرب جي وقت قيد خاني جي اندرئين طرف کان ھڪ وسيع ۽ کليل پلاٽ تي، ھن بند جا سڀ باندي قطار در قطار ھڪ ھنڌ زمين تي صفون ٺاھي اچي ويھن ٿا، قيد خانن جو مئنيجر، حاضري پڪاريندڙ منشي، سنگينون سڃيندڙ سپاھين جي جلوس ۾ اچي ٿو. ڪرسيون رکجي وڃن ٿيون، ٽيبل تي گولا ٻاري رکن ٿا. پوءِ منشي جو آواز گونجي ٿو...” پنهل!“ ”حاضر سائين!“ پوءِ اھو حاضر سائين وارو جملو ٽي چار سئو دفعا مختلف واتن مان ورجائجي ٿو ۽ ان سان گڏ بنديخاني جي محافظن کي يقين ٿيندو ٿو وڃي ته ” اھي حاضر سائين چوڻ وارا آواز، ھاڻي ڄاڻ ته اچي سفيد سامراج جا مطيع ٿيا آھن. ( پر اھو سندن خام خيال ھو) حاضري ڀرائيندي ھرڪو اٿندو وڃي ٿو. پنھنجين پنھنجين اونداھين جھوپڙين ڏانهن. جيڪي رات جي اونداھيءَ ۾ عجيب مايوسيءَ جو منظر پيش ڪن ٿيون. ڪٿي ڪٿي ڪنهن جھوپڙي جي سوراخن مان اندران ٻرندڙ ڏيئي جي ٿڪل روشنيءَ جا ڪجھه باغي ڪرڻا اونداھه جو سينو چيري ٻاھر وسيع انڌيري جي راڄ ۾ جرڪندي نظر اچن ٿا. ورنه ھر پاسي وانداھيءَ جو عالم.... پر ان اونداھه ۾ رھندڙ روحن جون دليون ايمان ۽ اميد جي روشنيءَ سان منور.
اسان قيدين جون اھي سڀ جھوپڙيون سڌين قطارن ۾ ٺھيل آھن. اسان سڀني اسيرن جا اڱڻ گڏ آھن. اھڙي طرح اسان سڀني جو درد به ساڳيو آھي. ۽ اسان جي گڏيل اڱڻ وانگر اسان سڀني جون دليون به مليون پيون آھن. انهيءَ ويل بنديخاني جي ھرھڪ جھوپڙيءَ مان ذڪر جو آواز بلند ٿئي ٿو. سوين ماڻھن جا سوز ۾ ٻڏل ۽ ڏکايل آواز، جيئن جيئن بنديخاني جي فضا ۾ اڀرندا ٿا وڃن، تيئن تيئن تنواريندڙ ماڻھن جي دلين ۾ اميدن جو سوجھرو جرڪندو وڃي ٿو. سمورو قيد خانو ”ذڪر“ جي آواز ڪري لرزش ۾ اچي وڃي ٿو. الله جي درٻار ۾ ٻاڏائيندڙ ۽ پڪاريندڙ مردن، عورتن ۽ ٻارن جا معصوم آواز. آزاديءَ جي اسيرن جا اھي سڏ، سڀئي گڏ ۽ ھم آواز، آزاديءَ جي سوجھري ڪندڙ سج لاءِ پنھنجي دلين جي تڙپ سان تنوارين پيا. اھي معصوم آواز، ستين عرش تي پھچندڙ التجائون ۽ عرض، گوري سامراج جي ايوانن جي در و ديوارن سان ٽڪرائجي واپس ورندا رھن ٿا. اھي مجبور ۽ مقھور آواز يڪ زبان ٿي ”آزاديءَ“ جي آلاپ ڪندڙ، درجي به درجي ماٺ ٿي وڃن ٿا ۽ رات جي ڪاري ديو جو راڄ، بنديخاني مٿان ڇانئجي ٿو وڃي.
اسين کيس ”نانو جاني“ سڏيندا ھئاسين. سٺ ستر سالن جو پوڙھو انسان، معصوم ٻار جھڙو پيرسن، پنھنجي پٽن ۽ ڏھٽن کان ڌار ھتي اڪيلو ۽ بي واھه، اسان سان جيل ۾ بند آھي. ”نانو جاني“ ھر رات اسان جي اڱڻ جي سامھون اڏيل پيھيءَ تي رات گذاريندڙ بزرگ. جڏھن روزانه ذڪر ڪندو آھي ته اسين ٻارڙا، ساڻس گڏجي بلند آواز ۾ ذڪر ڪندا ھئاسين. نانو جاني چوندو ھوته ” ابا اوھان معشومڙن جي دعا، الله جي درٻار ۾ ضرور قبول پوندي!“ اسين اھو ٻڌي وڌيڪ زور سان ذڪر جون تسبيحون آلاپيندا ھئاسين. پوءِ چوٿين تسبيح جي پڄاڻيءَ تي مراقبي ۽ ڊگھي دعا بعد:
”ڀلا ڄام، ھن غلام سندو سوال سڻج تون!“
اسان سڀئي ننڍا ۽ وڏا اھو ڪلام ھڪ آواز ٿي، ٻاڏائيندڙ سرن ۾ ڳائيندا ھئاسين. ھي دُعائن وارو ڪلام اسان ٻارن کي شروع کان وٺي آخري مصرع تائين ياد ٿي ويو ھو. ھن ڪلام جي سر تار جو درد اسان ٻارڙن جي دلين کي ڇُھي ويندو ھو. ھن ڪلام بعد اسان ڏسندا ھئاسين ته ناني جانيءَ کي سندس پُٽن پوٽن، پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي کيتن جي ياد اچي ويندي ھئي. تڏھن ھو وڏو ساھه کڻي ھڪ اندوھناڪ آواز ۾ ”الفراق اشد من الموت“ چئي چپ ٿي ويندو ھو. ان کان پوءِ سندس ليڪن ڀريل چھري تي رنج جو ھڪ عجب ۽ گھرو عالم طاري ٿي ويندو ھو ۽ پوءِ اسين ٻارڙا سندس انهيءَ غم کي محسوس ڪندي، ماٺ ميٺ ۾ اتان اٿي ويندا ھئاسين. اسان کي خبر ھئي ته اھڙا سوين جاني، پنهنجن پيارن کان پري، رنج و الم جون تصويرون بنجي پيا ”قيد الماءَ“ جون گھڙيون ھتي اسان سان گڏ گھارين.
فجر ويل، وري ساڳئي سامراج جا گماشتا، سنگينون سڃي، ساڳئي حاضري واري ميدان تي ايندا ھئا. ۽ وري ...... حاضر سائين! حاضر سائين! جي آوازن جي گونج ۾ غلطان قيدي ھلندا ويندا ھئا. عزيزن جي وڇوڙي جو فڪر، اٽي لٽي جو اونو، غلاميءَ جي ڳڻتي... ھر شب و روز اھا ريت.... حاضريءَ وقت ڪڏھن ڪڏھن ڪو اجھل ۽ باغي آواز ”حاضر سائين!“ پاران صرف ”حاضر“ چئي سنگينن اڳيان سينو ساھي گذري ويندو ھو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ خبرناھي ته اھڙا ماڻھو ڪيڏانهن گم ٿي ويندا ھئا. شايد اسان واري قيد و بند کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ظلمت جي بنديخاني ۾....!
چوڏھينءَ جي چانڊوڪي راتين ۾ حاضري ڀرائي، ذڪر کان فارغ ٿي، فقير ھڪ حلقو ٺاھي، سمھه (سماع) لاءِ اچي گڏ ٿيندا ھئا. سفيد ريش، نوراني نکٽن وارو ابوڙو فقير، وڏي درديلي آواز ۾ بيت جھونگاريندو ھو. ھن سگھڙ ۽ فقير شاعر کي سموري سنڌ جي مشھور شاعرن جو ڪلام برزبان ھو. فقير ھڪ گول دائري ۾ بيھندا ھئا. ۽ وچ ۾ ابوڙو فقير ھڪ ڪَن جي مٿان ھٿ رکي، بيت جھونگارڻ شروع ڪندو ھو. تڏھن سندس ساٿي واري واري سان ساڳي داستان، ساڳئي سُر وارا بيت ڳائيندا ويندا ھئا. ۽ آھستي آھستي درجي بدرجي ھن باندي شاعر جو آواز جيئن بلند ٿيندو ويندو ھو. تيئن ھنن مانجھي مڙسن جي ميڙ ۾ عجيب جوش ۽ جولان، عجب وجدان پيدا ٿي ويندو ھو. ھن ميڙ ۾ شريڪ ھر ھڪ فرد جو پنھنجو درد ھر ڪنهن جو سينو چيري، ٻاھر اڌما ڏيئي اچي ويندو ھو. سندن آواز جو سوز وڌي وڃي چوڏھين جي چنڊ کي ڇھندو ھو. آڌيءَ رات جي وقت ۾ اھي پرسوز دليون رکندڙ ”محبوس آواز“ ھن عشق ۽ وجدان واري نرت يا ناچ ۾ ايترا ته محو ٿي ويندا ھئا، جو سندن اکيون آسمان ۾ بيٺل چنڊ ۾ کتل ۽ قدم ھڪ گول دائري ۾ گردش ڪندا رھندا ھئا. ائين پيو محسوس ٿيندو ھو ته، سندن درد کي فقط چنڊ ئي سمجھي سگھي ٿو. ۽ سندن دلين جي بي چينيءَ کي فقط ڌرتي ئي سندن قدمن جي لوچ مان سمجھي سگھي ٿي.
اھڙي طرح ابوڙي فقير جو آواز ھن مصرع تي پھچندي، عشق ۽ جنون جون سڀئي سرحدون ڇھڻ لڳندو ھو.
”سسئي تو جي سڏ ڪيا!“
”سسئي تو جي سڏ ڪيا!“
”اي سسئي تو جي سڏ ڪيا!“

پوءِ ٻيو ماڻھو ٻول وراڻيندو ھو؛

”ھوت ٻُڌا ڪي دوست ٻُڌا!“

انهيءَ سماع جي ميڙ جا سڀ رفيق اُڀ ۾ اکيون کپائي، چنڊ اندر سسئي جي شبيھه کي ڳوليندي ھم آواز ٿي وراڻي ڏيندا ھئا. ” سي ھوت ٻڌا، يا دوست ٻڌا!“ اسين سڀ پنھنجي سڏڙن کي ڪنهن اڻ ڏٺي ھوت ۽ دوست کي ٻڌائڻ لاءِ وڏا واڪا ڪري وجد ۾ اچي آخر ۾ پڪاريندا ھئاسين. ” پير پاڳاري جا دشمن دوزخ ويندا.“
ھي جملو ھر ڪنهن سماع جي محفل جي روحاني طور عروج تي پھچڻ وارو جملو ھوندو ھو. حلقي ۾ شريڪ اڌ فقير وڏي واڪي چوندا ھئا.
”پير پاڳاري جا!“
ٻيو ٽولو ھم آواز ٿي جواب ڏيندو ھو؛
”دشمن دوزخ ويندا!“
پوءِ اھي چنڊ جي زرد روشنيءَ ھيٺ ٿڙڪندڙ جسم بغاوت جا گيت آلاپيندي آلاپيندي آخر چپ ٿي ويندا ھئا. وري آخر ۾ دعا گھربي ھئي؛
” ساري جھان جي مخلوق جي صدقي، مرشد جو خير! جماعت جو خير! سڀني انسانن جو خير! آمين!! آمين!!“
ڪيڏي نه آفاقيت رکندڙ اھا دعا ھئي....!
پرھه ڦٽيءَ ويل ڳڀي جي ڳولا ۾ بنديخاني جا مرد ۽ ڪجھه عورتون ٻاھر نڪري مختلف طرفن ڏي رخ رکن ٿا. ڦٽين ٽاڻڻ جي ڪارخاني ۾ ڦٽين سان ڀريل پلاٽن تي سرديءَ جون ماريل عورتون، ملول چھرا، ڏٻرا جسم، ميرا ڪپڙا، ٽولا ڪريو ”ڳاڙھه “ پيون چونڊين. زرد رنگ جي ڪپھه جا ٻُڙا، ڪک ڪانيون چونڊي گڏ پيون ڪن. ٻئي پاسي سندن ٻارڙا، اڌ انگ اگھاڙا، ڦٽين جي مٿان بولاٽيون کائيندي راند پيا ڪن. مٿي آسماني منظر تي ڪارخاني جي بلند چمني ڪارو دونهون پئي اوڳاري ۽ ماين جا ھٿ ڦٽين مان ڪک ڪچرو، مشيني انداز ۾ پيا چونڊين. اھو ڪچرو شام جو تُرندو ۽ انهيءَ وزن موجب رپيو سوا مزدوري ملندي. ھٿ ھلائيندي، گيت جھونگاريندي اوچتو ڪو آواز اڀري ٿو.... ”ادي! سورنهن چُوڙ ڪنڍين مينهن جي ڌڃاڻي ھئس.....“ پوءِ ماٽين ۽ مکڻ جا قصا، وڇڙيل عزيزن جون ساروڻيون، ٿڌا ساھه، ڪجھه ڳوڙھا، خاموش ڳلن تان ڳڙي ٿا پون ۽ بنا اگھڻ جي خشڪ ٿي ٿا وڃن. عورتن جو اھي درد ڀريون ڳالھيون جاري رھنديون ھيون.
سج لھڻ وقت ڪارخاني جي در مان ٻاھر نڪرندي، جڏھن اھي ٿڪل ٽٽل معصوم قيدياڻيون، ڪونجن وانگر قطارون ڪري، راجا واري ريل گاڏيءَ وٽان گذرنديون ھيون تڏھين اوچتو آواز ايندا ھئا. ” ڀلاڙي مئي ڪاري گاڏي! الئه ڪڏھن اسان کي پنھنجي اباڻن ماڳن ڏي وٺي ھلندئين!!“ حسرت منجھان ريل جي پٽڙيءَ ڏانهن نهاريندي، اھو ڪونجن جو قافلو واپس اچي قيد خاني ۾ قابو ٿيندو ھو ۽ وري ساڳئي قيد جي ڪارمُنهين رات ظاھر ٿيندي ھئي. مظلوم، مقھور، بکيا، ڏکيا، ڏٻرا، جسم وري بنديخاني جو در لتاڙي ساڳئي ميدان تي قطارن ۾ بيھي حاضر سائين! حاضر سائين! جي صدا بلندا ڪندا ھئا.
اسان ٻارڙن خواھه اسان جي مائٽن کي ٻاھرين دنيا جا ماڻھو عجب شڪ جي نگاھن سان ڏسندا ھئا. انهن ماڻھن کي سامراجي دلالن شايد اھو ٻڌايو ھو ته، اسين چور، ڌاڙيل ۽ قاتل آھيون! پر جڏھن ھو اسان جي مائٽن کي حق حلال جو پورھيو ڪندي، ساڳي ٻولي ٻوليندي ڏسندا ھئا. تڏھن سندن شڪي چھرن تان اوپرائپ جون ليڪون آھستي آھستي غائب ٿي وينديون ھيون. مگر اھي ٻاھريان ھمدرد ماڻھو به اسان جي ھن قيد و بند جي جھان بابت خاموش ھوندا ھئا. شايد اھي آزاد انسان به سامراج جي ڪنهن اڻ ڏٺي پنجوڙ ۾ قابو ھئا.
اسڪول جي ٻاھران بيھي پري کان چور نگاھن سان ٻارن کي ماستر کان ڪڏھن ڪڏھن مار کائيندي ڏسي، خوف وچان وري جھوپڙي ۾ اچي لڪي ويھي رھندو ھوس ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن اھا ڏٺل مار سھائي، پنھنجو پاڻ وڃي اسڪول ۾ ويٺس. ڀڳل پٽيءَ جي مٿان ”الف“ ظاھر ٿيو ۽ پوءِ بنديخاني جي ”ب“ به لکجي ملي ۽ اھي سزا جا سمورا حرف مونکي ياد ٿيندا ويا.
” اسان جي شھنشاھه کي تون، سلامت رک خداوندا!“
اھو راڳ ٻين ٻارن سان گڏجي عجب درد ۽ سوز سان ڳائيندو ھوس. منھنجي دل ۾ اھو شھنشاھه جارج پنجون نه پر اسان جو ”مرشد بادشاھه“ ھوندو ھو. اھو غلاميءَ جو گيت اسان معصوم ٻارن لاءِ پنھنجي مرشد جو ترانو پئي لڳو. روزانو اسڪول ۾ اھو راڳ آلاپيندي آلاپيندي ھڪ ڏينهن استاد سائين اسان کي شھنشاھه جي تراني ڳائڻ کان جھلي ڇڏيو!!
ان ڳالھه جو اسان ٻارن کي به ڪجھه احساس پئي ٿيو ته شايد بنديخاني کان ٻاھر جي دنيا ۾ ڪا تبديلي اچي رھي ھئي. اھا تبديلي جنهن جو اسان سڀني کي انتظار ھو.
اسان کي پنھنجي استاد جڏھن، اسڪول ۾ صبح جي وقت ڳائجندڙ ترانو ” اسان جي شھنشاھه کي تون، سلامت رک خداوندا!“ ڳائڻ کان منع ڪئي، تڏھين اسان سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي. وڌيڪ حيرت ان ڳالھه تي به ٿي ته، ان راڳ جي پاران ڪو ٻيو راڳ ڳائڻ بابت به استاد ڪجھه ڪونه چيو. سائين سڪيلڌو ھنڱورو اسان جو استاد، اسان حرن جي ئي بنديخاني جو ھڪ قيدي ھو. پر وڌيڪ پڙھيل ھئڻ ڪري کيس اسان کي پڙھائڻ جو ڪم سونپيو ويو. سائين سڪيلڌي جي شبيھه بلڪل اھڙي ھئي، جھڙي مرزا غالب جي تصوير ديوان غالب تي ڇاپيل آھي. سندس ٽوپي به لڳ ڀڳ اھڙي نموني جي ھئي. سندس مک ھڪ مھربان مائٽ وانگر لڳندو ھو. سندس پڙھائي ۾ اسين سمورا ٻار ڏاڍا خوش رھندا ھئاسين.
اسان جو قيد خانو ريلوي لائين جي لڳ اڀرندي پاسي، نواب شاھه شھر کان ميل ڏيڍ اتر پاسي واقع ھو. ھن ريلوي لائين تي رات ڏينهن ريل گاڏين جي اچ وڃ لڳي پئي ھوندي ھئي. اسان مان گھڻن ٻارن لاءِ، انهن ريل گاڏين جو مشاھدو ڏاڍو وندرائيندڙ ھوندو ھو. ڪاري رنگ جون انجڻيون دونهان ڪڍنديون، پويان لڳل گاڏن جون ڊگھيون قطارون ڇڪ ڇڪ ڪنديون ڇڪينديون وينديون ھيون. انهن ريل گاڏين ۾ ڪي بار گاڏيون ھونديون ھيون ته ڪي مسافر گاڏيون. اسان جي مشاھدي جو مزو تڏھن ٿيندو ھو، جڏھن ڪنهن سبب جي ڪري اھي مسافرن سان ڀريل ريل گاڏيون اسان واري قيد خاني وٽ بيھي رھنديون ھيون. اسان ڪجھه تجسس ڪجھه خوف جي جذبي سان پري کان بيھي، مسافرن ڏي نهاريندا ھئاسين. ظاھري طور اھي مسافر ڏسڻ ۾ ڪي ايترا ته نرالا ڪونه ھئا پر اسان کين ڏاڍو خوشنصيب سمجھندا ھئاسين. جو ھڪ ته ھو ريل گاڏيءَ ۾ سوار ھئا، ٻيو ته ”آزاد“ ھئا ۽ پنھنجي ماڳ مڪان ڏانهن وڃي رھيا ھئا. اسان پنھنجي مائٽن کان اھو ته ٻڌو ھو ته ھن قيد خاني ۾ پھچائڻ لاءِ پوليس ۽ فوج، ريل گاڏيءَ ۾ ويھاري اسان کي ھتي کڻي آئي ھئي. ڪن جا مائٽ اتر کان گاڏيءَ تي آندا ويا، ڪن جا مائٽ ڏکڻ کان آندا ويا. ۽ اسين اوڀرپاسي کان ايندڙ راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ ھت آندا ويا ھئاسين. تنهنڪري منھنجي اھا خواھش ھئي ته جنهن ريل گاڏيءَ ۾ اسان کي ھت آندو ويو ھو، ان کي ويجھو ٿي ڏسان. پوءِ ھڪ ڏينهن نوابشاھه جي اسٽيشن تي بابا مون کي اسان واري ڳوٺ ويندڙ راجا گاڏي پري کان ڏيکاري. منھنجي من ۾ ھميشھ اھا خواھش رکندي ھئي، ڪاش! ان ريل گاڏيءَ ۾ چڙھي، پنھنجي ڳوٺ وڃي ڏسجي ته اھو ڪھڙو ملڪ آھي؟ پر اھا خواھش جيستائين پوري ٿئي، ايستائين جڏھن به موقعو ملندو ھو تڏھن راجا واري ريل گاڏيءَ کي وڏي اڪير سان ڏسڻ ويندو ھوس. بابو اسٽيشن جي ڀرسان، نشاط سئنيما وٽ ڪپھه ٽاڻڻ جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندو ھو. اتي وڃڻ ۽ ڪارخاني جا ڪل پرزا ۽ مشينون ھلندي ڏسڻ جو نظارو تمام مزيدار رھندو ھو. بابو ڪارخاني جي بوائلر لاءِ ڪاٺ وڍڻ، چيرڻ ۽ ٽڪرا ڪرڻ جو ڪم ڪندو ھو. جتي آئون ڏسندو ھوس ته، ڪيئن نه بوائلر جي دريءَ مان باھه ڀڙڪا ڏئي نڪرندي ھئي. جڏھن مزدور ان ۾ ٻارڻ وجھندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪارخاني جي مشين واري حصي ۾ ليئو پائڻ جو موقعو ملي ويندو ھو. ڪارخاني جي انجڻ ۾ ھڪ تمام وڏو ڦيٿو يعني ويل لڳل ھوندو ھو. جنهن جي مٿان ھڪ ٻه نه پر چار کن پٽا چڙھيل ھوندا ھئا جيڪي ٻئي پاسي ڪيترين ئي پلين کي پيا ڦيرائيندا ھئا. ڪارخاني جي انجڻ ھڪ خاص رڌم سان آواز ڪندي، مست ھاٿيءَ وانگر ھلندي ڏسبي ھئي. ان جي ڪيترن ھنڌن کان ٻاڦ جھڙو دونهون پيو نڪرندو ھو. مشين ھال ۾ ڪيترائي مستري تيل سان ڀريل سوٽ پايو مختلف پرزن کي تيل پيا ڏيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪارخاني جي مٿئين منزل تي ڦٽين مان ڪپھه ۽ ڪڪڙا ڌار ڪندڙ مشينون ڏسڻ لاءِ وڃبو ھو. جتي تمام گھڻو گوڙ ۽ ڪپھه جي دز ھوندي ھئي. اتي خبرپوندي ھئي ته، انهن ڦٽين مان ڪيڏي نه سفيد ۽ نرم نرم ڪپھه ٿي ٺھي. ڪارخاني جي مختلف ھنڌن تي ڪم ڪندڙن مزدورن کي محنت ڏسي منھنجي دل به چوندي ھئي ته آئون وڏو ٿي، انهيءَ ڪارخاني جي ديوھيڪل انجڻ ھلائڻ وارو مستري ٿيندس. ڇو ته اھا انجڻ مونکي ڏاڍي پرڪشش لڳندي ھئي.
ڪڏھن ڪڏھن اتفاق سان شھر ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو ھو. ھڪ دفعي بابا جي بيمار ٿيڻ تي، امان چانديءَ مان ٺھيل ڪجھه شيون شھر جي سوناري وٽ وڪڻڻ لاءِ مونکي به ساڻ وٺي وئي. اتي مون پھريون دفعو سوناري کي ڪم ڪندي ڏٺو ۽ سندس دوڪان تي سون چانديءَ جا ٺھيل ڳھه ڳٽا پڻ ڏٺم. پر مونکي انهن ڳھن ڳٽن سان ڪابه دلچسپي محسوس نه ٿي. ان بجاءِ مون جڏھن سوناري جي مون جيتري نينگري صاف سٿرا ڪپڙا پھريل ڏٺي، تڏھن اھا مونکي ڏاڍي وڻي ۽ مون پنھنجي ماءُ کي ٻڌايو ته اھا نينگري ڪيڏي ته سھڻي ھئي ۽ کيس ڪيڏا نه ڀلا ڪپڙا پھريل ھئا. منھنجي ان ريمارڪ تي امان ڪيترو وقت کلندي رھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن مونکان پڇندي ھئي ته ھا ڀلا اھا سوناري جي ڇوڪري توکي ڪيئن ٿي لڳي! انهن ئي ڏينهن ۾ اسان ڪئمپ جي مئنيجر کان ليٽر وٺي، بابا کي شھر جي سول اسپتال ۾ وٺي وياسين. جتي پھريون دفعو مون ڊاڪٽر صاحب ڏٺا، جن وٽ ماڻھن کي تپاسڻ جو ھڪ اوزار ھو، جنهن کي دوربيني ٿي چيائون. اسان جي قيدخاني ۾ ماڻھو بيمار ٿيندا رھندا ھئا ۽ انهن مان ڪي ويچارا ته چُڙي چُڙي بچي ويندا ھئا پر اڪثر ماڻھو بنان دوا دارونءَ جي مري ويندا ھئا. ماڻھو جڏھن سخت سڪرات ۾ ھوندا ھئا ته انهن جي مٿان سورت ياسين پڙھبي ھئي. دعائون گھربيون ھيون ۽ مريض کي ھمت نه ھارڻ لاءِ وڏا چوندا ھئا ته ”ھمت ڪر! صورت کي ياد ڪر!“ پوءِ ڪي ويچارا ھمت ڪري الله جي پاڇي ۾ بچي پوندا ھئا ته ڪي ٻئي جھان ڏي ھليا ويندا ھئا. پنجن، ڇھن سون جي آبادي واري ھن لوڙھي ۾ آباديءَ جي لحاظ کان وڌ موت ٿيندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته تمام گھڻا. ۽ پوءِ ڪئمپ ۾ ڪانه ڪا وھمي ڪھاڻي ماڻھن جي زبان تي اچي ويندي ھئي. ڪنهن ڏانئڻ جي جيڪا رات جي اونداھين ۾ ماڻھن جو ساھه ڪڍي ويندي ھئي ۽ سموري قيد خاني جا مسڪين ھڪ شديد خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا ھئا.
اسان جي ھن ڪئمپ ۾ تمام ٿورڙا ماڻھو پڙھيل ڳڙھيل ھئا. انهن مان اسان جو استاد سڪيلڌو ھنڱورو به ھڪ ھو. جيڪو تمام مھربان صورت، خاموش طبع ماڻھو ھو. اسان کي پڙھائڻ ۽ گھر ۾ پنھنجي ننڍڙي نياڻي کي ھنج کڻي ريجھائڻ سندس اھم مشغولي ھوندي ھئي. سائين عام طور ڪچھرين ۽ مولودن وغيره کان پاسي ھوندو ھو. ھن ڪئمپ جو ٻيو ڪجھه قدر پڙھيل پر گھڻو ڳالھائيندڙ ۽ سرگرم شخص ملھار فقير خاصخيلي ھو. مامو ملھار اڪثر ڪري ڪئمپ وزٽ ڪندڙ سرڪاري آفيسرن جي اڳيان نهايت ھمت ۽ بي باڪيءَ سان قيدين جا مسئلا پيش ڪندو ھو ۽ پوءِ گھر اچي فقيرن کي خبرون چارون ٻڌائيندو ھو. خاص ڪري اھڙيون خبرون، جن ۾ ملڪ جي آزادي ۽ مرشد جي گاديءَ جي بحالي بابت ذڪر ٿيل ھوندو ھئو. منھنجو سڳو مامو سُھيلو بھڻ، جيڪو پڻ اسان سان ساڳئي گھر ۾ رھندو ھو. اھو به پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو ھو. اسان جي گھر ۾ مامي سُھيلي جو شاھه جو رسالو پيل ھوندو ھو. جنهن کي آئون اڪثر ڪري پڙھڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس ۽ پھرئين ڪلاس جا ڪجھه سبق پڙھڻ وقت، آھستي آھستي آئون رسالي مان اھي بيت ۽ وايون صاف نموني سان بلند آواز سان پڙھي سگھندو ھوس، جيڪي اڪثر ڪري اسان جا فقير ڳائيندا رھندا ھئا.
مامي سُھيلي وٽ ھڪ تمام سھڻي فائونٽين پين ۽ ھڪ مس ڪپڙي ”واٽرمين“ جي نالي سان ھوندي ھئي. مامي وٽ سڄو ڏينهن فقير پيا ايندا ھئا. پنھنجي مسئلن بابت درخواستون لکرائڻ لاءِ خاص ڪري پاس جاري ڪرڻ ۽ ھڪ ڪئمپ مان ٻئي ڏانهن بدلي ٿيڻ بابت درخواستون تمام گھڻا ماڻھو لکائڻ ايندا ھئا. اھڙين درخواستن جو سرنامون ۽ ٻيو احوال باربار ٻڌندي ۽ مامي کي لکندي ڏسندي ۽ گڏوگڏ پڙھندي پڙھندي مونکي ياد ٿي ويو ھو ۽ جيئن ته مامي جا اکر تمام صاف ۽ سھڻا ھوندا ھئا، تنهن ڪري آئون پورين درخواستن جا مضمون لکڻ ياد ڪري ويس ۽ جڏھن مامون گھر نه ھوندو، تڏھن مامي جي انڊپين کڻي ماڻھن کي درخواستون لکي ڏيندو ھوس. بس ائين ئي سرنامون شروع ڪبو ھو؛
”خدمت ۾ عالي شان جناب ڊپٽي حُر سيٽلمينٽ جي عرض“ وغيره وغيره، پوءِ آئون عرضدار فلاڻو ولد فلاڻو، با ادب عرض ٿو ڪريان ته....... ۽ آخر ۾ اھو ضرور لکبو ھو ته سائين جن جي آل اقبال جو دعاگو رھندس. واڌو حد ادب ......... ۽ درخواست پوري. مون ھڪ دفعي ڇا ڪيو جو، پنھنجي والد جي نالي نوابشاھه ڪئمپ مان بدلي جي درخواست لکي، کٻو آڱوٺو ھڻي ڊپٽي جي آمد تي رش ۾ وڃي اھا درخواست منشي جي ٽيبل تي رکي آيس.
اسان جي ڪٽنب سان ويجھڙائپ رکندڙ آڪھيون سانگھڙ، اَڇ، جانب ڍورو، گڻنگ ۽ آسپاس جي علائقن مان آيل ھيون. اسان ڀاءُ ۽ ڀيڻ ادي ڪرڙيءَ جي گھر راند رھڻ ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندا ھئاسين. ھڪ ته ادي اسان کي ڏاڍو پيار ڏيندي ھئي ۽ سندس گھر ۽ جھوپڙي ڏاڍي صاف سٿري ھوندي ھئي. ٻيو ته سندس گھر ۾ ٻيا ٻار به ڪونه ھوندا ھئا. تنهن ڪري اسين روزانه پنھنجي ان ڀيڻ جي گھر ضرور ويندا ھئاسين. مائي ڪرڙي چئن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ ھئي. سندس ھڪ ڀاءُ محمد اسماعيل ڪيريو ساڻس گڏ لوڙھي ۾ قيد ھو. ٻيا ڀائر ٻئي ھنڌ قيد ھئا. سندس وڏو ڀاءُ ڪافي وقت جماعت جي وڏن غازين ۽ ويڙھاڪ ٽولي جو رڪن ھو. مائي ڪرڙي پڻ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ھئي، جتان پوءِ کيس نوابشاھه ۾ سندس ڀاءُ سان گڏ رکيو ويو.
ادي ڪرڙي جيڪا منھنجي ماءُ کي پڦي چوندي ھئي، ان جو ۽ امان جو گڏيل ڏک اھو ھو ته امان جي اڪيلي موڀي ڀاءُ کي ڪو پٽ جو اولاد نه رھيو ھو. ۽ ادي ڪرڙي جا چارئي ڀاءُ بغير شادي جي مختلف جيلن ۾قيد ھئا. ھنن ٻنهي جي خواھش ھئي ته ھتان کان آزاد ٿي، پنھنجي ڀائرن کي موڙ ٻڌي شادي ڪرائين ۽ سندن پُٽ ڏسن.
مامو گھنور ھنڱورو جيڪو ھن ڪئمپ ۾ اڪيلو قيد ھو، سندس ٻين ٻن ڀائرن مان وڏو ڀاءُ ”ولات“ جي ڪنهن ”ويساپور“ واري جيل ۾ بند ھو. اسان جي جماعت جا ڪيترائي ماڻھو گجرات، بمبئي، حيدرآباد دکن جي جيلن ۾ قيد ھئا. اسين انهن بابت ”ولات“ جي حوالي سان ذڪر ڪندا ھئاسين. مامو گھنور اڪيلو مڙس ڪڏھن ڪاٺين جي ڀري وڪڻي گذر ڪندو ھو ته ڪڏھن ڪڏھن ٻاھران اوڌر تي ڪو پوڙھو ڍڳو وٺي ڪئمپ کان ٻاھر ”مھاندي“ ڪندو ھو. پوءِ گھنور جي ان ڍڳي جو گوشت سموري ڪئمپ جا ماڻھو پڻ ساڳي ريت اوڌر تي وٺندا ھئا ۽ مامو گھنور پنھنجي اوڌر جي اوڳاڙي لاءِ پيو گھرن جا ڦيرا ڏيندو ھو ۽ جي قرض نه به ملندو ھيس ته به ماني ملي ويندي ھئس. مامو گھنور اڪثر ڪري سياري جي راتين ۾ باھه ٻاري ويھندو ھو ۽ اسان ٻار حلقو ٺاھي اچي ويھندا ھئاسين. پوءِ مامون گنهور اسان کي راجائن، بادشاھن، راڻين، چورن ۽ ڌوتن جون ڪھاڻيون وڏي آواز سان ٻڌائڻ شروع ڪندو ھو. کيس ڪھاڻي کي وڏي آواز ۽ اداڪاري سان بيان ڪرڻ جي ڏات مليل ھئي. ھو ھرھڪ ڪھاڻي شروع ڪرڻ کان پھريائين، چوندو ھو ته ”ھڪڙو ھو بادشاھه! بادشاھه پاڻ خدا آھي، پر ھي زماني جي بادشاھه جي ڳالھه آھي، خدا جي ڪرڻي اھڙي ٿي ته، ملڪ جو بادشاھه دوست يار گڏ ڪري گھوڙن تي شھسوار ٿي، جڏھن شڪار تي نڪتو تڏھن ..........“ پوءِ ڪھاڻي جي رواني، جملن جي ادائيگي جو جادو اسان ٻارن کي آخرتائين انهيءَ ڪھاڻي جي تاڃي پيٽي ۾ قابو جھليو ايندو ھو، تان جو ڪھاڻي ختم ٿي ويندي ھئي. ڪھاڻي ختم ڪري مامو گھنور چوندو ھو ته ”ٻارو! ھاڻي ڪک پن ٿيو ته ڍڳا چرن“ ۽ پوءِ ٻار ڪھاڻي جي انجام تي سوچيندا گھرن ڏانهن ھليا ويندا ھئا.
مامي گھنور جي ٻي ڪلا ھئي مداحون ۽ مناجاتون ڳائڻ جي. ھو جڏھن ڪھاڻي ٻڌائڻ جي موڊ ۾ نه ھوندو ھو ته پوءِ سندس من پسند مدح ”ڪرايو ديدار مھدي امام، اٿم اميدون تو منجھه جام“ ھي مدح ايڏي ته سڪ ۽ اڪير سان ڳائيندو ھو جو اسان سڀني ٻارن کي مھدي امام جي ديدار جو انتظار ھوندو ھو ته اجھوڪي اجھو مھدي امام آيو ۽ اچي اسان جي قيد جون زنجيرون ڪاٽي اسان کي آزاد ڪرائيندو.
ٻي مدح جيڪا مامو ساڳي وجدان سان ڳائيندو ھو. اھا ھئي؛

”ڀلا ڄام ھن غلام سندو سوال سڻج تون!“
” آھيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون.“

ھي سڀ مداحون ۽ مناجاتون اسان ھر وقت آلاپيندا رھندا ھئاسين ته اسان جون اھي آھون الله جي درٻار ۾ قبول پون ۽ اسان جو ھيءُ قيد ختم ٿئي.
انهيءَ سال 1946ع يا اول 1947ع ڌاري اسان جي ڪئمپ ۾ ھڪ قدرتي لقاءَ بابت گھر گھر ڳالھيون ٻڌجڻ لڳيون. لقاءُ اھو ھو ته سج لٿي مھل ڪيترن ماڻھن جو چوڻ ھو ته سج ۾ ” جھنڊو“ ٿو ظاھر ٿئي. اھو جھنڊو ڏسڻ جي جيڪي ماڻھو دعوى ڪندا ھئا. انهن جو چوڻ ھو ته اھو جھنڊو اسلام جي فتح جو جھنڊو آھي. مغرب جي وقت اڪثر ننڍا وڏا، ڳاڙھي سج کي تڪيندي چوندا ھئا ته ”وو! ھو ڏسو! جھنڊو چٽو چٽو ظاھر پيو ڏسجي!“ انهيءَ جھنڊي واري لقاءَ ڪافي ماڻھن جي روح کي آٿت ڏني ته اسلام جي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو جھنڊو ھاڻ ظاھر ٿيو آھي ۽ اجھوڪي اجھو ڪو امام مھدي ٿو اچي. جيڪو اسان کي ھتان آزاد ڪرائيندو ۽ پوءِ ان سان گڏجي ڪافرن کي فتح ڪنداسون.
اھي ساڳيا ئي ڏينهن ھئا، جو ماڻھن جي ڳالھه ٻولھه ۾ ”پاڪستان“ ۽ ”جناح“ جا لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا. چاچي علڻ وساڻ، قائداعظم محمد علي جناح بابت ھڪڙو بيت ٺاھيو، جنهن جي پھرئين مصرع ھئي ته ”اجھو اچي پيو جنا (جناح)، ڪفر ماري ڪندو فنا!“ چاچي علڻ جي بيت کي سڄي ڪئمپ ۾ وڏي پذيرائي ملي. اھو بيت ٻار خواھه وڏن جي زبان تي ھوندو ھو. اسان اھڙن سڀني اھڃاڻن مان اھو مطلب پئي ڪڍيو ته ھاڻي ڪاري قيد جا ڏينهن ۽ راتيون ڄاڻ ته اچي پورا ٿيا آھن. ۽ پوءِ اسان کي احساس ٿيو ته استاد سڪيلڌي ھنڱوري ڇاجي لاءِ اسڪول اسيمبليءَ ۾ انگريز حاڪم جو ترانو ڳائڻ بند ڪرائي ڇڏيو آھي.
پوءِ وري ھڪڙو ٻيو عجيب نظارو ڏسڻ ۾ آيو. اھو لقاءُ اسان جي ڪئمپ وٽان ھلندڙ وڏي ريل گاڏين بابت ھو. پھرئين ڇا ٿيو جو فوج جون ڀريل ريل گاڏيون تمام گھڻيون نظر اچڻ لڳيون ۽ پوءِ اسان کي خبر پئي ته ” پاڪستان“ ٺھي ويو آھي. ھاڻي اسلامي حڪومت ٺھندي ۽ اسين سڀ آزاد ٿي پنھنجي ماڳن ڏي موٽنداسون.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ريل گاڏين جا نه رڳو وقت ٻيا ٿي ويا پر مسافر گاڏين ۽ مال گاڏين ۾ انساني انبوھه سوار نظر آيا. ايتري قدر جو گاڏين جي ڇتين تي به ماڻھو وڏي تعداد ۾ سفر ڪندي نظر آيا. گھڻو ڪري ھي گاڏيون اتر کان الاءِ ڪٿان ماڻھن جا انبوھه لڏي پئي آيون. پوءِ خبر پئي ته اھي قافلا لٽيل ھندستاني مسلمانن جا آھن. جن کي ڪافرن لٽي ڦري ھيڏانهن ڌڪيو آھي. ۽ ھاڻي ھي ھتي ”پناھگير“ ٿي آيا آھن. اسان روزانو اھو منظر ڏسندا ھئاسين ته اھي گاڏيون رات ڏينهن ھزارين بلڪه لکين انسان اتر کان ڏکڻ کنيو پيون اينديون ھيون. پوءِ مائٽن اسان کي ٻڌايو ته اھي مسلمان ڀائر نوابشاھه جي اسٽيشن ۽ شھر ۾ ھزارن جي تعداد ۾ اچي لٿا آھن. ھڪ شام جو حاضري کان پوءِ فقيرن گڏجي صلاح ڪئي ته انهن مسلمانن جي مدد ڪرڻ گھرجي. ٻيو نه ته گھٽ ۾ گھٽ کين کاڌو پھچائڻ لاءِ سموري ڪئمپ جي ھر گھر مان مانيون ۽ ٻيو جيڪي ڪجھه ملي سگھي اھو کڻي وڃي، مھاجرن کي پھچائجي. پوءِ ڏٺو سين ته دال جا ديڳڙا، ڀت جو ديڳيون، مانين جو ڀريون کڻي ماڻھو روز صبح شام وڃي اھي مسلمان ڀائرن ۾ ورھائي ايندا ھئا.
انهيءَ دوران ھڪ ٻي عجيب حرڪت يا تبديلي ڏسڻ ۾ آئي، اھا اُھا ته اسان جي ڪئمپ ڀرسان ريلوي لائين جي الھندي پاسي، جيڪي ڪمند، مڪائي، جوئر، ٻاجھريءَ جا کيت ھئا. سي سڀئي رات پيٽ ۾ ڀيلجي ويا. ماڻھن اھي سڀ فصل وڍي تاراج ڪري ڇڏيا. ياد رھي ته اھي فصل سک قوم جي ماڻھن جا ھئا. جن کي عجيب ڀيروارا پٽڪا ٻڌل ھوندا ھئا ۽ سندن ڏاڙھيون به خوفناڪ قسم جون ھونديون ھيون. ساڳئي وقت چيلھه سان تلوارون ٻڌيو پيا ھلندا ھئا. سندن ٻنيءَ ڏانهن ويندي عام طور ماڻھن کي خوف ٿيندو ھو. پر ھڪ ٻن ڏينهن ۾ اھي سڀ فصل تلف ٿي ويا. پوءِ اھا به خبر پيئي ته ڪالھه راجا واري ريل گاڏي جيڪا پوري سکن جي عورتن، ٻارن ۽ سامان سان ڀرجي ھندستان ڏي پيئي وئي، سا گاجرا واھه ٽپي بيھي رھي ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان گاڏيءَ جي مسافرن کان ڦرلٽ ٿيندي رھي. ڪافي مرد سک قتل ٿي ويا. سندن مال و اسباب لٽجي ويو ۽ اھو پڻ ٻڌو ويو ته ھاڻي اھا ريل گاڏي نوابشاھه اچڻ بند ٿي ويئي آھي. ملھار فقير خاصخيلي فقيرن کي پئي ٻڌايو ته ”نوابشاھه جي ڪليڪٽر مسعود کدرپوش، نوابشاھه جا ڏاميچ ماڻھو گھرائي، سکن کي قتل ڪرايو. ڇوته سندس عزيز پنجاب ۾ سکن ماري ڇڏيا ھئا.“ فقير اھو به چيو پئي ته ھاڻي واڻين ۾ ”ڀاڄ“ پوڻ واري آھي. اھا ڀاڄ پوڻ واري ڳالھه مون کي ڪافي وقت تائين سمجھه ۾ ڪونه ٿي آئي.
آئون ھڪ ڏينهن بنا ٻڌائڻ جي نوابشاھه شھر ھليو ويس. پادرين جي مريم بستي کان اڳتي ھلي، ڪوچڙن وارين جھوپڙين وٽان ٽپي، جيئن مون ڦاٽڪ وٽان ريلوي اسٽيشن ڏي نهاريو ته اتي ماڻھن جا انبوھه ويٺا ھئا. اتان کان پاسو ڪري آئون موني بازار ڏي ويس ته اتي به عجيب ”دوسرا“ ماڻھو پئي ڦريا ۽ جڏھن مون اتي وڃي ڏٺو ته اھو سوناري وارو دڪان به بند ھو ۽ اھو علائقو به اوپرن ماڻھن سان ڀريو پيو ھو. منھنجي اکين ان سھڻي سوناري نينگري لاءِ نهاريو جيڪا اتي موجود ڪونه ھئي. ان گھٽيءَ ۾ عجيب ويرانيءَ جو منظر پئي محسوس ٿيو. ڪوبه ٻار مونکي راند روند ڪندي نظر نه آيو. مون چڪري واري ھنڌ ماڻھن جا ٽولا ھيڏانهن ھوڏانهن ھلندي ڏٺا. جن جا نکٽ ۽ نمونا مونکي اوپرا پئي محسوس ٿيا. پوءِ آئون وري ساڳي ڊوڙ ۾ پوئين پير اچي ڪئمپ پھتس. اھو حال پنھنجي ساٿي ٻارن کي ٻڌايم ته آئون ڇا ڏسي آيو آھيان.
ھاڻي جڏھن ته پاڪستان جو نالو نه رڳو نيشانبر ٿي چڪو ھو ۽ پاڪستان جي حڪومت جي حڪومت قائم ٿي چڪي ھئي. ھاڻي اسان جي ڪئمپ ۾ آزاديءَ جي اميد پيدا ٿي چڪي ھئي ته ڄاڻ قيد ۽ بند مان آجا ٿيڻ وارا آھيون.
ھڪ ڏينهن ملھار فقير ۽ ٻين وڏن اسان ٻارن کي گڏ ڪري چيو ته سڀاڻي وزير صاحب لوڙھو ڏسڻ ايندو. ۽ پوءِ اھو اوھان ٻارڙن جو اسڪول پڻ گھمڻ ايندو. اوھان کي اسان گلن جا ھار ڏينداسون. اوھان اھي ھار وزير صاحب کي پارائجو. ۽ پوءِ سڀ جا سڀ ٻار ھٿ ٻڌي يڪ زبان ٿي وزير صاحب کي عرض ڪجو ته ” سائين! ھاڻي پاڪستان ٺھي ويو آھي، اسان جو عرض آھي ته اسان کي آزاد ڪريو.“ اھو جملو باقاعدي اسانکي ياد ڪرايو ويو. ٻئي ڏينهن جڏھن ھڪ ڊگھي قد وارو، عجيب ٽوپي پاتل ماڻھو، اسان جي اسڪول ۾ جلوس سان پھتو، تڏھن اسان جي استاد کيس ھار پيش ڪيو. ۽ پوءِ اسان سڀني اٿي بيھي، ٻانهون ٻڌي کيس آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو. اسان کي اميد ھئي ته وزير صاحب اسان معصوم ٻارن جو عرض اگھائيندو. پر وزير صاحب صاف سنڌي ٻوليءَ ۾ چيو ته ” اوھان کي آزاد نه ٿو ڪري سگھجي، ڇوته اوھان جا بابا ٻاھر ڌاڙا پيا ھڻن!“ وزير صاحب جي ھن جملي سان، اسان آزاديءَ جا آسرا ۽ اميدون لاھي ويھي رھياسون. پر ساڳئي وقت ھن ماڻھو جي غرور اسان جي دلين کي وڏي ڏک ۽ رنج ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. اسان سوچيو ته ”اسان جا بابا ته اسان سان گڏ قيد ۾ قابو آھن، وزير صاحب الائجي ڪھڙن بابن جو ذڪر پيو ڪري!!“
ھن وزير خبر نه آھي، ڪنهن جي بابن بابت پئي ڳالھه پئي ڪئي. وزير صاحب جي اھڙي جواب بابت جڏھن گھر اچي اسان پنھنجي گھر ڀاتين کي ٻڌايو ته انهن جي اميدن تي ماڪ پئجي ويئي. ھن وزير جي رويي جي ڪري اسان جي آزادي، جيڪا سامھون پئي نظر آئي، سا وري ڏاڍي ڏور ٿي ويئي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اسان قيدين جون آزاديءَ بابت جيڪي اميدون ۽ آسرا ھئا. سي آھستي آھستي نا اميديءَ ۾ تبديل ٿيندا پئي ويا. اسان جي انهن اميدن ۽ آسرن جو سبب اھو ھو ته انگريز سان جنگ جوٽڻ ڪري اسان کي ھن قيد ۾ قابو ڪيو ويو ھو. ھاڻي پاڪستان جو اسلامي ملڪ وجود ۾ اچي ويو آھي. تنهن ڪري اسان کي ھڪدم شان مان سان آزاد ڪيو ويندو. پر ائين ڪو نه ٿيو. تنهن ڪري اسان جي دلين ۾ ڪاوڙ ۽ مايوسي پيدا ٿي. ٻئي پاسي ائين به ٿيو ته نوابشاھه ۾ فسادن جي ڪري ڪيترائي ڪاروبار ڪجھه وقت لاءِ بند ٿي چڪا ھئا. ان ڪري حر ڪئمپ جي قيدين لاءِ مزدوري ملڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پئي. روزانه مزدوري ڪندڙ، بار ڍوئيندڙ، ڪاٺيون وڪڻندڙ ماڻھو بلڪل بيروزگار بنجي ويا. ھندن ۽ سکن ۾ ڀاڄڙ پوڻ ڪري ھيءُ شھر روزگار پيدا ڪندڙ آسامين کان خالي ٿي ويو. سندن جاءِ تي ايندڙ ماڻھو اڃا تائين انبوھن جي صورت ۾ ريلوي اسٽيشن جي شيڊن ۽ ٻين ھنڌن تي پناھه گزين ھئا. اھي ويچارا اسان کي ڪھڙي مزدوري ۽ ڪھڙو روزگار فراھم ڪري پئي سگھيا. اسان ٻار جڏھن شھر ويندا ھئاسين، تڏھن ھنن اوپرن ۽ نرالن ماڻھن کي جاچي ڏسندا ھئاسين. اسان کي سندن لباس، خاص ڪري ڪپڙن جون ٽوپيون ۽ سوڙھا پاجاما عجيب لڳندا ھئا. سندن ٻوليءَ بابت ته اسان ٻارن کي ته ڪا ڄاڻ ئي ڪانه ھئي.
ملھار فقير خاصخيليءَ جي جھوپڙي، اسان واري جھوپڙي جي ويجھو ھئي. تنهن ڪري شام جو ملھار فقير وٽ فقيرن جي ڪچھري ۾ ٿيندڙ خبرون ڪن لائي ٻڌندا ھئاسين. ملھار فقير ڪڏھين ڪڏھين شھر مان اخبار به کڻي ايندو ھو. ھڪ دفعي اسان اخبار ۾ ھڪ ڦوٽو ڏٺو عينڪ ۽ شيرواني پاتل ھڪ ٿلھو متارو ماڻھو، پنھنجي ھٿ جي مُڪ مٿي کڻي بيٺو ھو. چيائون ٿي ته ”پنھنجي پاڪستان جي وزيراعظم نواب زادي لياقت علي خان، ھندستان کي مڪو ڏيکاري، ڪشمير فتح ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.“ جنهن منجھان اسان ٻارن اھو انومان ڪيو ته وڏو طاقتور پھلوان آھي ۽ اڪيلو ئي وڃي، وڙھي ڪشمير فتح ڪري ايندو. ھن موقعي تي ملھارفقير جماعت جي طرفان جاري ٿيل اخباري بيان به پڙھي ٻڌائيندو ھو ته ”سنڌ جي حرن ڪشمير جي جھاد ۾ حصو وٺڻ لاءِ حڪومت کي پنھنجيون خدمتون آڇيون آھن. ته جيڪڏھن کين آزاد ڪري، ڪشمير ۾ وڙھڻ لاءِ موڪليو ويندو ته ھزارين حر وڃي جھاد ڪري ڪشمير فتح ڪندا.“ پر ائين ڪونه ٿيو. نڪو اسين آزاد ٿياسين، نڪو ئي ڪشمير آزاد ٿي سگھيو.
اھڙين مايوسين ھوندي به اسان جي دلين ۾ آزاديءَ لاءِ ھڪ جھيڻي اميد موجود رھندي پئي آئي. پاڪستان ٺھڻ بعد ايترو ضرور ٿيو جو، ھاڻي قيدين کي ضروري ڪمن لاءِ سندن ڳوٺ وڃڻ بابت ”پاس“ ملڻ جو ڪم ڪجھه قدر آسان ٿي پيو ھو. ساڳئي وقت اسان جي ملاقاتي عزيزن کي ڪجھه ڏينهن اسان سان گڏ رھڻ جي اجازت پڻ ملڻ لڳي. ان ڪري سموري بنديخاني جي اسيرن جا عزيز جيڪي اڳي ٻاھران ٻاھر ملاقات ڪري ھليا ويندا ھئا. سي اسان سان ملڻ ۽ اسان وٽ ڪجھه وقت رھڻ لڳا. ماڻھو پنھنجي وڇڙي ويل عزيزن سان ملاقاتي ٿي سرھائي محسوس ڪرڻ لڳا. خود اسان جا عزيز و اقارب جڏھن اچي اسان وٽ رھندا ھئا. تڏھن اسين ڏاڍا خوش ٿيندا ھئاسون. پر اسان جي اھا خوشي ڏاڍي عارضي ھوندي ھئي. ڇوته حال احوال اورڻ دوران جڏھن انهن عزيزن جو ذڪر ٿيندو ھو، جيڪي انهيءَ ڪال ڪوٺڙين واري عرصي دوران ھي جھان ڇڏي چڪا ھئا. تن جي وڇوڙي جو ٻڌي ماڻھن جي ڳلن تي لڙڪن جو لارون وھي ھلنديون ھيون. انهيءَ درد واري حال احوال دوران وڇڙي ويل پيارن جي شڪل شباھت، سندن پيار ڀرين عادتن ۽ ھمٿن جو ذڪر نهايت متاثر ڪندڙ ۽ جذباتي جملن ۾ ڪيو ويندو ھو. اڪثر ڪري ائين چيو ويندو ھو ته مرھيات اوھان سڀني کي ساريندي ساھه ڏنو!! اھڙا جملا ماڻھن جي جيءَ کي جھوري وجھندا ھئا. اھڙا منظر ته اسين ٻارڙا به ڏسي نه سگھندا ھئاسين.
مونکي ياد آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اسان جو مامو گھنور پاس تي اسان جي ڳوٺان ٿي آيو ھو. ۽ شام جي پھر اسان جي گھر اچي، اسان جي امڙ کي سندس ويجھي عزيز جي موت جي خبر ڏني ھئائين. جنهن کي لنڊي بلا پاڻي ورائڻ دوران ڏنگي وئي ۽ ھو فوت ٿي ويو ھو. اھڙي قسم جا موت جيڪي جدائيءَ جو داغ دلين کي ڏئي ڇڏيندا آھن، انهن جي درد جا پاڇولا تا عمر ماڻھوءَ جي من کي تڙپائيندا رھندا آھن.
مونکي پنھنجي ماءُ جي ھمت ۽ بھادريءَ جو وڏو احساس ھوندو ھو. مصيبت جي وقت مون کيس ھمت ڏياريندڙ ڪردار ادا ڪندي ڏٺو. جيڪو اسان جي گھر جي ڀاتين لاءِ ھميشھ وڏو سھارو سمجھيو ويندو ھو. پر سندس ھڪ ڳالھه جيڪا ٻاروتڻ ۾ منھنجي سمجھه ۾ ڪونه ايندي ھئي، سا اھا ته جڏھن به سانوڻ جي رُتِ ايندي ھئي، چوطرف ميگھه ملھار ڇانئجي ويندي ھئي ۽ وڏڦڙي جي وسڪار ٿيندي ھئي، تڏھن اسين ٻار ته چولا لاھي، برسات ۾ بدن پسائيندا ۽ ”ڀيڄ پاڳارا“ جا نعرا ھڻندا ڊوڙندا رھندا ھئاسين. اھا مھل ھر ساھه واري لاءِ خوشيءَ جي مھل ٿي پوندي ھئي. پر اھڙي خوشيءَ جي ويلي، امان جو چھرو رنج ۽ الم جي آرسي بنجي پوندو ھو. ۽ ھوءَ خاموشيءَ سان ڳوڙھا ڳاڙڻ شروع ڪندي ھئي. مونکي عجب لڳندو ھو ته آخر ھن برسات جي خوشيءَ واري موقعي تي امڙ ڇو ھڪدم ڏکاري ٿي ٿئي؟
ان درد جي احساس جي پروڙ مونکي ھاڻي پئي آھي ته برسات ۾ انسان کي خوشي ته ٿئي ٿي، پر اھا تڏھن جڏھن ماڻھو آزاد ھجي ۽ پنھنجي عزيزن، قريبن سان گڏجي مينهڙا وسائي. پر پنھنجي مٺن ماروئڙن، ڀٽن، ڀاڻن، ٻنين ٻارن کان ڏور، برسات ھڪ طرح سان دکدائڪ ۽ جدائي جي يادگيرين جا اندر ۾ اوھيرا وسائي ٿي ڇڏي. جنهن جي ڪري ماڻڪ ماڻھن جا منهن ملول ٿيو پون. آئون ھينئر جڏھن حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي سر مارئي کي پڙھندو آھيان ته، مونکي پنھنجي امڙ جي ان ڏک جو احساس ٿيندو آھي. توھان ان درد جي احساس کي ڇھڻ لاءِ ھي بيت پڙھي ڏسو.

*سھسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،
اباڻن جي آسري، ڪتي ڪانه ڪيام،
جا ڍٽ ڍڪيام، تنھنجو پرور پن رھائيين.

*سِبي سيبا ڏي، ڀوريءَ نينهن نه ڪڄيو،
کَٿِيءَ وَٽيون کُٿيون، سَتِي سِيوي سي،
مڇڻ چَونم ڪي ته لَڄايُئِي ٿر ڄائيون.

*مون سين ماروئڙيون، ڪھڙي رِيت رُسَنديُون،
چوٽيءَ ۾ چِيڙُ پيو، پِيئن رَتُ ڄَيُون،
نيڻن نِنڊ وِھُه ٿي، ساري ساڏويون
ھِتي جي ھُيون ته سُڌِ پين سيل جي.
.............................................................................
حر تحريڪ جي تاريخ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مردن، عورتن، ٻارن ۽ پيرسن انسانن کي قيد و بند ۾ قابو رکڻ جو ھيءُ عذابناڪ داستان، اسان کي احساس ٿو ڏياري ته، ھنن باندي ماڻھن جا سندن قيد دوران، پيارا عزيز تخته دار تي لٽڪايا ويا، سندن ڳوٺ جلائي ڀسم ڪيا ويا. سندن مال لٽايا ويا. سندن عورتون اغوا ڪيون ويون. ۽ سندن ڪيترائي جگر گوشا گم ٿي چڪا ھئا ته پوءِ جڏھين سانوڻ جو واءُ ورندو ھو، پوربي ھوائن ۾ برسات جي خوشبو رچندي ھئي ۽ ڪڪر ڪنڍرون ڪري، اتر پاسي کان اٿندا ھئا ۽ جڏھين وڏڦڙا مينهن وسندا ھئا، تڏھن ھنن قيدين کي پنهنجا دل گھريا دلدار ڪيئن نه ياد ايندا ھوندا؟
انهن ئي ڏينهن ۾ منھنجو وڏو ڀاءُ عرس اسان سان ملاقات لاءِ نوابشاھه آيو. پاڻ سان گڏ ھڪ مکڻ سان ڀريل چئونري ۽ ھڪ گيھه جو شيشو پڻ کڻي آيو. ھن ٻڌايو ته جھول جا واڻيا، گھڻا تڻا شھر ڇڏي لڏي ويا آھن. (ياد رھي ته منھنجو ڀاءُ ھندن جي ڳئن جي گوھر چاريندو ھو) ھن اھو به ٻڌايو ته واڻين جي جاءِ تي ھندستان مان آيل ڪجھه اوپرا ۽ ڪجھه ٻيا نوان ماڻھو اچي رھيا آھن.
ملاقاتن ۾ نرمي ٿيڻ کان پوءِ، اسان جي عزيزن سان گڏ حر جماعت جا بزرگ، تارڪ فقير به اچڻ لڳا. انهن بزرگ تارڪ فقيرن وٽ ھڪ گودڙي نما ھڙ، جنهن کي بگري چوندا ھئا. سا ھميشھ ساڻن گڏ ھوندي ھئي. ان سان گڏ ھڪ لٺ پڻ ساڻ کڻي ھلندا ھئا. اھڙن بزرگ فقيرن مان 70-80 سالن جو ڪيوڙو فقير اڪثر اسان وٽ مھمان ٿي ايندو ھو. ڪيوڙو فقير جماعت جو وڏو تارڪ ۽ راڳي فقير ھو. ان عمر ۾ به اسان کي ڪيتريون ئي ڪافيون جھونگاري ٻڌائيندو ھو. منھنجي لاءِ فقير جي لٺ دلچسپيءَ جو باعث بنبي ھئي. ھڪ ته اھا لٺ مونکي اصل کڻڻ ڪونه ڏيندو ھو. جي غلطيءَ سان سندس لٺ، پٽ تي پيل مونکان اورانگھجي ويندي ھئي ته فقير صاحب ڏاڍو ڪاوڙبو ھو ۽ مونکي لٺ جو ادب ٽوڙڻ ڪري دڙڪا ڏيندو ھو. مونکي ان ڳالھه تي حيرت ٿيندي ھئي ته فقير آخر ڪاٺيءَ جي لٺ اورانگھڻ تي ناراض ڇو ٿو ٿئي؟ جماعت سڳوري ۾ تارڪ فقيرن جو ھي طبقو سموري جماعت ۾ سفر ڪندي عمر گذاري ڇڏيندو ھو. سندن خاص ڪم اھو به ھو ته جماعت کي مرشدن جي رشد و ھدايت جون حقيقتون ٻڌائيندا رھن ۽ فقيرن کي جماعت جي مرشد جي ڏسيل راھه تي ھلڻ جي تلقين ڪندا رھن. ھي فقير جيئن ته دنيا جا رشتا تياڳي پئي ھلندا ھئا، تنهن ڪري کين جماعت ۽ فقيرن طرفان جتي ڪٿي خوش آمديد چيو ويندو ھو. سندن ھدايتن کي ادب سان ٻڌو ويندو ھو.
حر ڪئمپ ۾ انگريز صرف اھو ڪم ڪيو ھو جو، ھزارن ماڻھن کي قيد ۾ قابو ڪري، سندن مٿان پوليس جا پھرا مقرر ڪري ڇڏيا ھئائين. پر قيدين جي کاڌي خوراڪ، صحت ۽ صفائي بابت ھنن وٽ ڪوبه پروگرام ڪونه ھو. نه ڪو ڪنهن ڏاھي ۽ ڊاڪٽر طرفان ڪا صلاح ڏني ويندي ھئي ته. اتي ڪھڙي ريت صفائي رکي وڃي وغيره. ان جو نتيجو اھو نڪرندو ھو جو عورتون ۽ ٻار اڪثر ڪري وچڙندڙ بيمارين ۾ مبتلا رھندا ھئا. مٿان وري اھا مصيبت جو ڪئمپ ۾ نه ته ڪنهن ڊاڪٽر يا ڪمپائوڊر جي مقرري ٿيل ھئي نه ڪو ڪا اھڙي قريبي اسپتال ھئي. جنهن ۾ ايمرجنسي طور مريضن جو علاج ٿي سگھي. تنهن ڪري اھي ٻار، ٻڍا ۽ عورتون بيمار ٿيڻ بعد الله جي ليڪي ۾ پيا دانهون ڪندا ھئا. ماڻھو ويچارا ھڪ ٻئي کان پُڇي گھريلو ستيون، ڦڪيون ۽ دُعائون پيا ڪندا ھئا. پر جيئن ته مريضن جو ڪو سٺو علاج ڪونه ٿيندو ھو. تنهن ڪري ٻارن، ٻڍن ۽ عورتن جي موت جا واقعا وڏي تعداد ۾ پيا ٿيندا ھئا. اھڙي طرح اھي قيمتي حياتيون ضايع ٿينديون رھنديون ھيون. سرڪار کي سندس اھڙي وھنوار بابت ڪنهن به شرم ڪونه ڏياريو. ايتري قدر جو پاڪستان ٺھڻ بعد به سرڪار جي انهيءَ فرنگي رويي ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو.
اسان جي ڪئمپ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ھيءَ صورتحال ھئي ته عورتون ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا کليل کڏن مان پاڻي ڀرينديون ھيون، جتي ساڳئي وقت ڪتا، ٻلا پيا تڙڳندا ھئا. ان ڪري ھنن قيد خانن ۾ اڪثر ڪري موتمار وبائون پکڙي وينديون ھيون.بغير ڪنهن ويڄ طبيب جي، بنان ڪنهن دارون دوا جي ڪيتريون ئي انساني زندگيون ضايع ٿي وينديون ھيون. ھنن لوڙھن ۾ عورتن جي قضاءَ حاجت لاءِ ڪوبه بندوبست ٿيل نه ھو. اڪثر قيد خانن ۾ قيدي ونگار ڪري، ڪنڊن پاسن ۾ کڏا کوٽي، سَرن جو پترون ڏئي، اھڙا ڪميونٽي بيت الخلا ٺاھيندا ھئا، جن ۾ ڪابه جراثيم ڪش دوا ڪونه ھئي. جيڪا ڇڙڪي ماحول کي مرضن کان آجو ڪري سگھجي.
اسان جي ڪئمپ لاءِ نه ته ڪو ڊاڪٽر مقرر ٿيل ھو، نه ڪو ڪمپائونڊر. انتظاميھ طرفان ڪڏھن به ان سلسلي ۾ ڪابه مدد ڪونه ملي سگھندي ھئي. اسان ٻارن جو اکيون اٿي پونديون ھيون ته مائرون ڪرمچي رنگ وارو پاڻي علاج خاطر اکين ۾ وجھنديون ھيون. جنهن ڪري اسان جا ڪپڙا اڪثر ڪري ھوليءَ جي رنگ جو ڏيک ڏيندا ھئا.
مطلب ته انگريزن جڏھن پنھنجي ديسي حمايتين سان گڏجي، ھنن ھزارين ماڻھن کي قيد ۾ رکيو ته ان فيصلي ۾ نه ڪو داد نه انصاف. وري جڏھين قيد دوران ھزارين ماڻھو مري ويندا ھئا. تڏھن به ڪا شنوائي ڪونه ٿيندي ھئي. افسوس جي ڳالھه اھا آھي ته ان زماني ۾ ڪنهن به وڏي سياسي ليڊر، ڪنهن زوردار نموني سان سرڪار کي شرم و حياءَ ڏيارڻ لاءِ ڪابه جدوجھد ڪانه ڪئي. ھيڏي ساري ظلم ۽ بي حسي جي پويان، سامراجي سرڪار جو مطلب اھو ھيو ته ” ھنن ماڻھن کي جيلن ۽ ڪئمپن اندر اھڙي ماحول ۾ رکيو وڃي، جيئن اھي سڀ مري کپي وڃن يا سندن بھادري ۽ جرئت وارو ڪردار تبديل ٿي وڃي.“
مون ھن مضمون ۾ ھڪ ھنڌ اھو لکيو آھي ته منھنجو وڏو ڀاءُ جڏھن اسان سان ملڻ آيو ھو، تڏھن ھو گيھه جو شيشو ۽ مکڻ جي چونري اسان لاءِ کڻي آيو. ھن وقت توھان اندازو نه ٿا لڳائي سگھو ته اھو گيھه ۽ مکڻ ڏسي اسان ٻارن کي ڪيڏي نه خوشي ٿي ھئي. اھا ان ڪري جو اسان قيدين جو کاڌو، جيڪو اسان کي ھن زندان ۾ ميسر ھو، ان کي ڪھڙو کاڌو چئي ٿي سگھياسين. ھتي ته سڀ کان پھريائين اسان جا مائٽ پورھيو ڪري اٽي جو سير اڌ وٺي گھر پھچائيندا ھئا. تڏھن سڪل، سڙيل ڍوڍو نصيب ٿيندو ھو. اڪثر ڪري گھرن ۾ جنڊ موجود ھئا. تنهن ڪري اسر ويل گھرن مان جنڊن جي ھلڻ جا مخصوص آواز پيا ايندا ھئا. سڪل ڍوڍي کي کائڻ لائق بنائڻ لاءِ اڪثر ڪري، بصر، سرنهن يا ڄانڀي جو ساڳ. ھڪ موسم ۾ ڏاڍو ڪم ڏيندو ھو. سياري ۾ ڪڏھن ڪڏھن ته ائين به ٿيندو ھو ته ڪڻڪ مان ”چِلُ“ جو گاھه پٽي ان جي ڀاڄي رڌي کائبي ھئي. گوار جون ڦريون وڏي تحفي واري ڀاڄي سمجھي ويندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته ماڻھو لوسڻ به رڌي لوڻ مرچ وجھي پيٽ جي دوزخ جي باھه اجھائيندا ھئا. ان ڪري مکڻ ۽ لسي جو ملڻ ته عيد برابر سمجھيو ويندو ھو. ان زماني ۾ کاڌي پيتي ته ڇا پر ڪپڙي ۽ ٻين عام شين جو ڏڪار ھوندو ھو. باھه ٻارڻ لاءِ ماچيس ڪونه ملندا ھئا. ان ڪري بابا ھڪ رڪ جو ٽڪرو ۽ چقمق وارو پٿر ساڻ رکندو ھو. رڪ جي ٽڪر کي پٿر جي چقمق سان ٽڪرائڻ ڪري جيڪي چڻنگون نڪرنديون ھيون، ان وسيلي باھه ٻاربي ھئي. انهيءَ زماني ۾ ڪپڙو ملڻ به ڏاڍو مشڪل ھو. چون ٿا ته ٻي عالمي جنگ سبب انهن سڀني شين جو قحط پئجي ويو ھو. ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ صابڻ جو ڪوبه تصور نه ٿي ڪري سگھياسين. جيڪڏھن سوڍا کار ملي ويندي ھئي ته واھه واھه نه ڇا ٿيندو ھو جو، لاڻيءَ جا ساوا سڪا ٻوٽا وڍي ڍير ڪري، ان کي باھه ڏبي ھئي. ان جي سڙي وڃڻ کان پوءِ جيڪا ڇار بچندي ھئي، ان کي ڪاري کار چوندا ھئاسون. اھا کار ٺاھڻ ۽ ان جي مدد سان ڪپڙا ڌوئڻ ۽ اڇا اجرا ڪرڻ جو ڪم عورتون ڪنديون ھيون. اھو موقعو اسان ٻارن لاءِ ھڪ قسم جي پڪنڪ برابر ھوندو ھو. بنديخاني کان ٻاھر ڪنهن واھڙ تي وڃي ڪپڙا ڌوئبا ھئا. ان لاءِ ڪُنو چاڙھبو ھو. يعني ٽين جي دٻي ۾ ڪاري کار وجھي ان ۾ ڪپڙا پسائي، ان کي باھه تي رکي پوءِ ڏونگرين سان ڪُٽي اڇو ڪبو ھو. ان موقعي تي اسين ٻار جن وٽ اڪثر ھڪڙو ئي وڳو ھوندو ھو. سي جيسين تائين اسان جا ڪپڙا ڌوپي سڪي تيار نه ٿيندا ھئا، تيستائين راند روند پيا ڪندا ھئاسين، ان بعد ڌوتل ڪپڙا پھري واپس گھر ايندا ھئاسون.
پوءِ ھڪ دفعي رات واري حاضريءَ تي نواب شاھه لوڙھي جي مئنيجر بابي کي ٻڌايو ته ”اسان جي آڪھه جي بدلي ھاڻي شھدادپور واري ڪئمپ ۾ ٿي آھي، ان ڪري ھڪ ٻن ڏينهن ۾ ليٽر وٺي، توھان شھدادپور وڃي حاضر ٿيو.“ ان خبر جي ڪري اسان جي ڪئمپ ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي. سال کن اڳ منھنجي لکيل ٻاراڻي درخواست نيٺ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. شھدادپور جي ڪئمپ ھڪ ته نوابشاھه جي مقابلي ۾ اسان جي ڳوٺ جي قريب ھئي. ٻي ڳالھه اھا ته شھدادپور کان ٻه ٽي ميل پري اسان جي عزيزن جو ڳوٺ ھو. جتي اسان جي ڀيڻ پرڻيل ھئي ان کي پڻ ويجھي ھئي. ان ڪري اسان کي اھا تسلي ٿي ته شھدادپور ۾ رھندي اسين پنھنجي ڳوٺ ۽ عزيزن کي وڌيڪ ويجھا ٿينداسين. پوءِ ٿيو ڇا جو ٻئي ڏينهن ٽپڙ ٻڌجي ويا. اسان وٽ ھڪ کٽ ھئي، جنهن جون ايسون اکوڙي، ان ۾ ڪجھه ٽپڙ ويڙھي، موڙي ڪري ٻڌاسين. چوندا آھن ته ” ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي“ ان جي مصداق اسان اھي پنهنجا مختصر سامان کڻي، نوابشاھه کان ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي اچي شھدادپور پھتاسين، جتي اسان کي ھڪ اڳ بدلي ٿي ويل ڪٽنب جي خالي ڪيل جھوپڙي الاٽ ڪئي ويئي. نوابشاھه کان شھدادپور اچڻ اسان ٻارن لاءِ ھڪ وڏي تفريح جو موقعو ھو. ڪجھه ڏينهن تائين شھدادپور ۽ آسپاس وارن علائقي ۾ گھمڻ جو خوب موقعو مليو. ان بعد نيٺ اسڪول جي ھيڊ ماستر مونکي طلب ڪري اسڪول ۾ داخل ڪيو. شھدادپور ۾ پڙھڻ لکڻ جو ھڪ تمام نئون ۽ سخت ماحول ھو. صبح کان منجھند تائين پرائمري اسڪول ۾ پڙھبو ھو. موڪل ملڻ بعد منجھند جي ماني کائي فورن پوءِ مسجد ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ حاضر ٿبو ھو. جتي قرآن شريف، ناظره ۽ ابتدائي فارسي جي تعليم ڏني ويندي ھئي. وچينءَ جي نماز تائين مدرسي ۾ موجود رھبو ھو ۽ پوءِ مس مس گھر وڃڻ جي موڪل ملندي ھئي. شھدادپور جو ھي سال ڏيڍ اسڪول ۽ مدرسي ۾ قيد ڪاٽڻو پيو. فقط جمعي جي ڏينهن نماز کان پوءِ اڌ ڏينهن موڪل ملندي ھئي. ھڪ ٻن ڪلاڪن جي اھا آزادي اسان کي وڏي نعمت سمجھڻ ۾ ايندي ھئي. نه ته اسڪول ۾ کوڙن ۽ حسابن جي غلطين تي مار ۽ مدرسي ۾ فارسيءَ جو سبق ياد نه ڪرڻ تي بي حساب موچڙا ملندا ھئا. اسان جو مولوي صاحب پڙھائڻ وقت ڪابه رعايت نه ڪندو ھو. قرآن ڪريم جو سبق روزانو انفرادي طور ٻڌي پوءِ اڳتي سبق ڏيندو ھو ۽ ان سان گڏ فارسيءَ جي پڙھائي، خاص ڪري فارسيءَ جا بيت روزانه بلند آواز ۾ خاص رڌم سان مولوي صاحب کي ٻڌائڻا پوندا ھئا. جنهن ۾ غلطيءَ جي ڪا گنجائش نه ھوندي ھئي. ان دوران جيڪڏھن ڪا ھڪ سٽ ”ڪريما“ جي وسري وئي ته پوءِ مار جا وسڪار ٿي ويندا ھئا. ان وقت ھيءُ مدرسو اسان ٻارن کي ھڪ قيد خانو لڳندو ھو. جنهن کي به روئي رڙي پيا منهن ڏيندا ھئاسين. جمعي واري موڪل جي دوران آئون بابي سان گڏجي اسان وارن مائٽن جي ٻنيءَ تي گاھه ڪرڻ ويندو ھوس. شھدادپور ۾ پھچڻ کان پوءِ اسان کي ھڪ مينهن ڌارڻ لاءِ ملي وئي ھئي. جنهن مان کير، مکڻ ۽ لسي خوب ملڻ لڳي. ان لاءِ گاھه ڪرڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو ھو. انهيءَ ساڳئي شھدادپور جي روڊ تي اھا ٻني ھئي. جتان شام جو گاھه جي ڀري کڻي، بابي سان گڏجي اچبو ھو. واٽ تي روڊ جي اترئين ڀر چنڙن جي ڳوٺ وٽ ھڪ گھاٽي ڪنڊي جو وڻ، جنهن جون لامون ھيٺ تائين پيون لڙڪنديون ھيون، جنهن کي ”ٿڳڙئي پير“ جو ڪنڊو“ چوندا ھئا. اھو منھنجي دلچسپي جو مرڪز بنجي ويندو ھو. ھن ڪنڊيءَ جي ٽارين ۾ سوين ھزارين ڪپڙي جو ليڙون ۽ اڳڙيون ٻڌيون پيون لڙڪنديون ھيون. اھي اڳڙيون ماڻھو ويچارا پنھنجي من جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ سُکا طور ٻڌي ويندا ھئا. مونکي جڏھن اھا خبر پئي ته پوءِ ايندي ويندي ڪپڙي جو ليڙون ٿڳڙئي پير واري ڪنڊي ۾ ان مراد سان ٻڌندو ھوس ته ھاڻي ھتان کان به آزادي ملي وڃي. (تازو اڳئين ھفتي ھڪ شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جھول کان موٽر سائيڪل رستي شھدادپور وڃڻ ٿيو. مون ڏٺو ته ٿڳڙئي پير جي ڪنڊي وارو وڻ ڪر کنيو بيٺو ھو. جيتوڻيڪ اھو وڻ ايترو سرسبز ۽ سايه دار نه رھيو ھو. نه ڪو ان جون ڪي ڊگھيون لامون پئي لڙڪيون، پر تنهن ھوندي به اھو اڳڙين، ٿڳڙين سان ڀريو پيو ھو. منھنجي دل چاھيو ته، آئون وڃي ٿڳڙئي پير جي ڪنڊيءَ ۾ ڪا نئين اڳڙي ٻڌي اچان. ڇو ته منھنجي ٻاروتڻ واري آزادي جيءَ سُکا اڃان تائين پوري ڪونه ٿي ھئي. شھدادپور ڪئمپ ۾ اسان جي آڪھه جي زندگي ۾ نوابشاھه کان وڌيڪ بھتري آئي. ھڪ ته مينهن ڌارڻ ڪري، کير، مکڻ ۽ لسي پنھنجي ٿي پئي ھئي ۽ کاڌي پيتي جو ٻيو سامان به ڳوٺان اچي ويندو ھو. ليڪن ھتي اسڪول ۽ مدرسي جي لاڳيتي حاضريءَ جو عمل ڏاڍو ٿڪائيندڙ ھوندو ھو. صبح جو اسڪول وڃبو ھو، منجھند جو جھڙي تهڙي ماني کائي، سڌو مسجد ۾ پڙھڻ وڃبو ھو. جتي زور زور سان ڪنڌ ڌوڻي، خاص سر سان ڪورس ۾ ” ڪريما به بخشائي برحال ما،ڪھ ھستم اسيري ڪمند ھوا.“ وارو نظم پڙھندا ھئاسين. مولوي صاحب به ماشا الله مار ڏيڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو مستعد ھوندو ھيو، جنهن جو ٿورو سبق ڪچو ٿيو پوءِ لٺين جو وسڪارو ۽ ڇورن جون ڇڙھيون ۽ رڙيون پيون لڳنديون ھيون. بھرحال مسجد سڳوريءَ جي ٻهاري سھاري ۽ فرش ڌوئڻ جو ڪم به ڪرڻو ھوندو ھو. ھاڻي اسان مان ڪجھه سينيئر طالبن اذان پڻ ڏيڻ شروع ڪئي ھئي.
جيئن مون اڳ به اھو لکيو آھي ته شھدادپور ڪئمپ ۾ اچڻ کان پوءِ قيد و بند جي صعوبتن جو جيڪو شديد احساس ۽ عذاب سر تي سوار ھوندو ھو، ھو ھتي اچي گھٽجي ويو. ڇاڪاڻ ته ھاڻي ڳوٺ ويجھو ھو ۽ مٽن مائٽن سان اسان جو ملڻ آسان ٿي ويو ھو. اسان جي والده کي سندس اڪيلي ڀاءُ مامي سُھيلي جي شاديءَ بابت تمام گھڻي اڻ تُڻ ھوندي ھئي. مامو سھيلو جيڪو پنجاھه، پنجونجاھه سالن جي عمر جو ھيو، ان جي شادي بابت امڙ کي ڳڻتي ان ڪري ھئي جو مامي کي پھرئين شادي مان جيڪو اڪيلي پٽ جو اولاد ھو، سو عين ڦوھه جوانيءَ ۾ مارشل لا وقت گذاري ويو. سندس گھر واري به فوت ٿي وئي. کيس فقط ٻه نياڻيون ھيون، جن مان وڏي نياڻي به فوت ٿي چڪي ھئي. تنهنڪري امڙ چاھيو پئي ته سندس موڀي ڀاءُ جي ٻي شادي ڪرائي ته جيئن وري پٽڙن جو پيءُ بنجي ته سندس اباڻي نک جو سلسلو جاري رھي. آخرڪار وڏي جدوجھد بعد، اسان جي مامي جي شادي جي مراد پوري ٿي ۽ ھاڻي امڙ سندس ڀاءُ جا پٽ ڏسڻ جي آس من ۾ رکندي، پيرن فقيرن جون باسون باسڻ لڳي.
انهيءَ درميان اسان جي ھڪ وڌيڪ درخواست جي نتيجي ۾ اسان جي آڪھه کي شھدادپور ڪئمپ مان بدلي ڪري، جھول واري ڪئمپ ۾ وڃڻ جي اجازت ملي. انهيءَ ڪري اسان لاءِ ته ڄڻ عيد ٿي پئي. ڇوته جھول جي ڪئمپ جھڙو ڪر اسان جي ڳوٺ جھڙي ٿي پئي. اسان جو اباڻو ڳوٺ گڻنگ اُتان کان ويجھڙو ھيو. ساڳئي وقت جھول شھر، جنهن ۾ منھنجو مامو رھندڙ ھو سو به گھر وانگي ھو. ان ڪري اسان جڏھن جھول جي ڪئمپ ۾ اچي لڏو لاٿو ته غلاميءَ جي زنجيرن جي جڪڙ جو احساس ويتر گھٽ محسوس ٿيڻ لڳو. ڪئمپ ۾ جھوپڙي ملڻ بعد ٽپڙ ٽاڙي سولا ڪري رکي، پوءِ ھڪ ڏينهن ابي امان سان گڏجي اسان وارو ڳوٺ گڻنگ گھمڻ وياسين. پنھنجي جنم ڀومي واري ڳوٺ کي ڏسڻ وارو پنڌ مون لاءِ نهايت خوشي وارو پنڌ ھيو. آئون سموري واٽ وڻ ٽڻ، ٻنيون ٻارا ڏسندو پئي ھليس ۽ امان مونکي انهيءَ رستي تان اھو ٻڌائيندي پئي ھلي ته ھي ٻني ڦلاڻي آڪھه وارا ڪاھيندا ھئا. ھي کٻڙ جو وڻ تمام پراڻو ۽ اسرارن ڀريل وڻ آھي وغيره وغيره. مون ڏٺو ته امڙ کي ان راھه تي ھلندي وڻن، ٽڻن، ڪنڊن ۽ ڪرڙن ۽ سڀني پيچرن بابت چڱي ڄاڻ ھئي. ۽ ان درميان جيڪي وڻ اتان غائب ھئا، ان بابت ٻڌائيندي ھئي. اھڙي طرح نيٺ اسين وڃي پنھنجي ڳوٺ گڻنگ پھتاسين. امان ان ڳوٺ جي اولھه پاسي ھڪ آباد زمين واري ھنڌ بيھي ھيڏانهن ھوڏانهن نهارڻ لڳي. بابي کان ڪجھه سوال پڇيائين، اسان وارو ڳوٺ ويران پٽ تي مشتمل ھو، اتي تمام ٿورا گھر ڏسڻ ۾ آيا.
مون ڏٺو ته ڳوٺ ڏانهن اچڻ وقت امان جي مک تي جيڪا اميدن ڀري خوشي ھئي، پنھنجي اباڻن پڊن کي ڏسڻ جي ۽ سندس قدمن ۾ اوڏانهن ھلڻ جي جيڪا بي تابي ھئي، سا ھاڻي جھڪي ٿي چڪي ھئي.
”ھتي اسان جو ٿلھو ٺھيل ھو، ھن پاسي گيدوڙي جو وڻ ھو ۽ ھتي جيڪا نم پوکيل ھئي. اھي سڀ الائجي ڪيڏانهن ويا؟“ پوءِ کيس ياد آيو ته 1942ع ۾ ھن ڳوٺ کي ملٽري وارن جيڪا باھه ڏني ھئي. جنهن ۾ سمورو ڳوٺ باھه جو بک ٿي ويو ھو. ھاڻي ان ھنڌ اھي گھر، اھي ڇپر، اھي ڇنا ۽ سرسبز وڻ ڳولڻ اجايا ھئا. اتي ته ڪاري وارا ڪک لڳا پيا ھئا. پوءِ امان کي ياد آيو اسان جي گھرن کي باھه لڳائڻ جو منظر.......” ابا ڳوٺ کي ملٽريءَ اچي گھيرو ڪيو، بندوقون تاڻي گھرن ۾ ڪاھي پيا. سڀني کي گھرن کان ٻاھر ڪڍي بيھاريائون ۽ پوءِ گھرن جي ڇپرن مٿان گاسليٽ ھاري تيلي ڏنائون ۽ باھه جا ڀڀڙ اٿي آسمان کي ڇھڻ لڳا. اسان جي اکين جي سامھون اسان جا گھر باھه جو بک ٿي ويا ۽ انگريز جا ڪارا سپاھي، اسان تي بندوقون تاڻيو بيٺا ھئا. ھن ٻڌايو ته مون جھٽ پائي سڙندڙ باھ مان اٽي سان ڀريل تس ۽ ھڪ چونري ڪڍي ورتي ته ھڪ سپاھي اچي اھي ٻئي شيون مون کان کسي واپس باھه جي ڀڀڙ ۾ اڇلائي ڇڏيون! ھڪ ويلي جو اٽو ڇڏڻ جي به رعايت نه ڪيائون!!
گڻنگ جو ڳوٺ جيئن ته حرتحريڪ جي مرڪز گڻنگ بنگلي جي ڀروارو وڏو ڳوٺ ھيو ۽ انگريز کي چغلن اھا رپورٽ ڏني ھئي ته ھن ڳوٺ ۾ حر ويڙھاڪ اچن ٿا ۽ ماني کائين ٿا. تنهن ڪري ھنن ھن ڳوٺ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو. گڻنگ جو اھو وڏو ڳوٺ جيڪو ان وقت جلي ويران ٿيو ھو، سو 1950ع تائين به ائين ئي ويران لڳو پيو ھو. ڪجھه ڪنڊن جا باکڙ وڻ موجود ھئا، باقي منظر مڪمل طور ويرانيءَ جي ور چڙھيل ھو. واپسيءَ ويل امان ابي کي چوڻ لڳي ته ” ھاڻ گڻنگ پنھنجي رھڻ جھڙو ته نه رھيو آھي! پاڻ وٽ نه ته اھي مال آھن نه مينهون، نه ڪو ڏاند نه گاڏي......“
انهيءَ دوران بابو اسان جي مجيري وڏيري حبيب الله خان ڀنڀري سان به ملي آيو ھو. اسان جي زميندار حبيب خان به پنھنجي ڳوٺ مان مارشل لا دوران لڏي اچي جھول وسايو ھو. مجيري جو چوڻ ھو ته اسان پنھنجي پڊن تي ڀلي اچي آباد ٿيون. ۽ ساڳي ٻني به ھارپي تي ڀلي آباد ڪيون، پر ڳوٺ جي ويراني کي ڏسندي اسان اتي آباد ٿيڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو.
ان زماني ۾ جھول شھر منھنجي دلچسپين جو مرڪز بنجي چڪو ھو. آءُ اڪثر ڪري روزانه جھول جي ريلوي اسٽيشن تي وڃي ريل گاڏيءَ جو نظارو ڏسندو ھيس. نوابشاھه ۽ ميرپور خاص کان ايندڙ راجا واري ريل گاڏي جھول اسٽيشن تي الائجي ته ڪھڙين ولائتن کان مسافر آڻي ھتي لاھيندي ھئي. جيئن ئي گاڏي بيھندي ھئي ته ڀرپاسي وارن ڪارخانن جون مڪراني مزدور عورتون ٿانو کڻي، ريل جي انجڻ سان لڳل ٽانڪيءَ مان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀرينديون ھيون. اسٽيشن جي اترئين پاسي ڪيترائي ٽانگا، ٽيڪسيون، ڍڳي گاڏيون ۽ گھوڙن جا وھٽ مسافرن کي کڻڻ ۽ پھچائڻ لاءِ ھتي موجود ھوندا ھئا. ريل جو نظارو ڏسڻ کان پوءِ آئون روزانه جھول شھر ۾ پنھنجي مامي جي گھر ويندو ھوس، جتان سج لٿي مھل وري واپس ڪئمپ ۾ ايندو ھوس.
جھول جي حر ڪئمپ ۾ جيڪي جماعت جا معزز فقير اسان سان گڏ قيد ھئا، انهن جي اڪثريت سکر ضلعي جي اوٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي، پني عاقل ۽ ان پاسي جي ڳوٺن ۽ شھرن جي ھئي. اترادي فقيرن جي ڳالھائڻ جو نرالو نمونو . اتي مونکي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيو. اتر پاسي جا ھي فقير اڪثر ڪري روزي نماز جا پابند ھئا. روزانو ”ذڪر“ ڪرڻ سندن معمول ھوندو ھو. ھنن فقيرن ۾ ڪيترائي سگھڙ، شاعر ۽ اسان جي جماعتي راڳ جا ملوڪ ھئا. اسان جي گھر جي ڀرسان ”اٽل فقير“ جو گھر ھوندو ھو. اٽل فقير اڪثر ڪري سندس ڳوٺان آندل ڪتل (کجي) وڪرو ڪندو ھو. اسين ٻار آنو ٽڪو کنيو اٽل فقير وٽ بيٺا ھوندا ھئاسين. ڪتل تورڻ وقت فقير چرچو ڪندي کيس چوندا ھئا ” اٽل! ڪر اُٽل!“ يعني ته ڪتل توريندي ڪجھه سرس ڏي. اسان جي گھر جي ڀرسان، جانوري فقيرن جو ھڪ گھر آباد ھو. ڪل ٽي ڀاتي ھئا. ھڪ ننڍڙي نينگر، ٻه زال مڙس. اھو جانوري فقير به ڏاڍو دلچسپ ماڻھو ھو. ٻني جو ڪم ڪندي ڪندي اوچتو ڇا ڪيائين جو سندس گھر جي سامھون مٽيءَ جو ھڪ چلھو ٺاھڻ شروع ڪيائين. انهيءَ چلھي جي تعمير دوران اھو جانوري فقير ۽ سندس گھر واري ٻروچڪي ٻوليءَ ۾، جيڪا اسان کي سمجھه ۾ نه ايندي ھئي ان ۾ وڏي آواز سان جملن جي ڏي وٺ ڪندا ھئا. ٻئي روز جانوري فقير انهيءَ چلھي ۾ باھه ٻاري، ان جي مٿان گيھه سان ڀريل ڪڻاھي رکي، جڏھن ” جليبيون“ ترڻ شروع ڪيون، تڏھين اسان ٻارن جا اتي ميڙ لڳي ويا. گھران آنو، ٽڪو کڻي اچي جليبيون وٺندا ھئاسون. اسان پاڙيسري ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائدي واري ڳالھه اھا ھوندي ھئي ته شام جو بچيل جليبين مان (جيڪي الاھي بچي پونديون ھوس) اسان کي مفت ۾ ڍءُ ڪري کائڻ جيتريون جليبيون ملي وينديون ھيون. اھو جليبين ٺاھڻ جو عمل ھفتي کن لاءِ ھلندو ھو. آخر ڪار مايوس ٿي ھي فقير جليبيون ٺاھڻ بند ڪري وري مزدوري ڪرڻ لاءِ ھليو ويندو ھو. پر مستقل طور مايوس نه ٿيندو ھو. ٻه ٽي مھينا ترسي وري ساڳيو چلھو ٺاھي، ساڳيو عمل دھرائيندو ھو ته اسان لاءِ عيد ٿي پوندي ھئي.
اسان جي پاڙي ۾ خاصخيلي ذات جو ھڪ ڪٽنب رھندو ھو. ھي فقير ٿر جي صفا اندرئين علائقي جا رھندڙ ھئا. ۽ گھر ۾ ٿري يا ڍاٽڪي ٻولي ڳالھائيندا ھئا. سندن ھڪ ننڍڙي نياڻي ھوندي ھئي، جنهن کي شام ويل ماءُ چوندي ھئي ”اري جا جوت لي آ!“ اھا جوت معنى باھه يا ٽانڊو. اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ جي ڳالھه ٻولھه تمام ڌيان سان ٻڌندا ھئاسون. وري ساڳيا جملا وڏي آواز ۾ دھرائيندا ھئاسون. اھو ڪم اسان ٻارن لاءِ وندر جو باعث بنبو ھو.
ھاڻي ائين پئي محسوس ٿيو ته اسان جي عذابن، مصيبتن، وڇوڙن ۽ جدائين جو طويل سفر شايد پنھنجي پڄاڻي تي پھچڻ وارو آھي. اسان کي اھو اندازو پنھنجي وڏن جي ڳالھه ٻولھه مان پئي ٿيو. ھنن ڏينهن ۾ اسان جي بزرگن جي گفتگو جو موضوع اڪثر ڪري پير صاحب جي گاديءَ جي بحاليءَ جو ھوندو ھو. اسين سڀ اسير ان ڳالھه جا مشتاق ھئاسون ته اسان جو مرشد جلد ولائت کان واپس اچي ۽ درگاھه شريف تي وري ذڪر جي گونج ٿئي. جماعت سڳوري جا ساڳيا اجتماع ٿين، مرشد ڪلنگي ۽ دستار پھري، اسان کي ديدار ڪرائي ته جيئن ھن دردناڪ قيد و بند جا سور ھڪ لحظي ۾ لھي وڃن. انهيءَ حساب تحت ھاڻي سنجھي ويل ۽ اسر وقت جماعت ۾ ”ذڪر“ وڏي آلاپ ۽ بلند آھنگ سان ٿيڻ لڳو. ”لا الھ الا الله “ جو آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو. ھن آواز ۾ ايڏو ته زور ھوندو ھو جو ڄڻ ته فقيرن ذڪر جي زور سان ھن قيد جا ڪڙا ڀڃڻ ٿي چاھيا. ھاڻي اسان ڏٺو ته فقيرن ھڪ ٻئي جون دعوتون جھلڻ شروع ڪيون. اڄ ھڪڙي گھر ۾ بزرگن جي دعوت آھي ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي فقير وٽ. انهن دعوتن دوران اسان جا بزرگ جيڪي به ڳالھيون ڪندا ھئا. اسين ٻار اھي سڀ وڏي ڌيان سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا ھئاسين. ھنن ڪچھرين ۾ اڪثر ھي جملا بار بار ورجايا ويندا ھئا. ”بابا! الله جا شڪرانا آھن ۽ مرشد جي دعا آھي. جو ھن ڪاري قيد جو ڏک ڏيندڙ سفر، جماعت سڳوريءَ جي ھمٿ ۽ صبر سان ڄاڻ ته اچي پورو ٿيو آھي. اسان ھي مصيبتن جو درياءُ، پنھنجي ايمان جي سلامتيءَ سان جھاڳي اچي پورو ڪيو آھي. فقير سائين! جھڙي ريت اسين پنھنجي مرشد جي محبت ۽ پنھنجي دين ايمان جي امانت کڻي آيا ھئاسين. اھا ساڳي، محبت ۽ امانت سلامت کڻي ھتان آزاد ٿينداسين. اھي انگريز جا ٿاڻا اتي ئي ٿڪون پيا جھليندا!!“ ھن زماني ۾ لوڙھن اندر سماع جون محفلون به وڌنديون ويون. سماع جي محفل جي دوران سگھڙ فقير جيڪي بيت جھونگاريندا ھئا، انهن ۾ اسان جي ايمان جي فتح و نصرت جو پيغام سمايل ھوندو ھو.
اسان جي ننڍڙي ڪٽنب ۾ ھاڻ، انهن ڳالھين تي گھڻو بحث ٿيندو ھو ته ھتان نڪري ڪٿي آباد ٿينداسون؟ منھنجي امڙ ان مسئلي بابت تمام گھڻي فڪرمند ھئي. کيس ان ڳالھه جو وڏو ويچار ھو ته اسان جو اباڻو ڳوٺ گڙنگ، ھاڻي اھو اڳيون آباد ڳوٺ نه رھيو ھيو. ھاڻي نه اتي ساڳيا وڻ ھئا، نه ئي ويڙھيچن جا ويڙھا. امان جي ڳالھه ٻولھه ۾ ھاڻي اسان جي وڇڙي ويل عزيزن قريبن جو ذڪر وڌيڪ ٿيڻ لڳو ھو. انهيءَ دوران ماھه محرم ۾ امان ھرتلي فقير واري قبرستان مان ٿي آئي ھئي. گھر اچڻ بعد ھن ھرھڪ عزيز جي قبر جي حالت ۽ ان عزيز سان وابسته ساروڻين جي بابت ڳالھيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. انهن عزيزن جي وڇوڙي جو داستان خاص ڪري انهن جي جدائيءَ جو حال، جيڪي اسان جي قيد و بند دوران اسان کان بنان موڪلائي وڇڙي ويا ھئا. مون محسوس پئي ڪيو ته امان اھو طويل غيرحاضري جو خال ڀرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. پنھنجي اباڻن پڍن کان جدائيءَ جو خال، پنھنجي ٻني ٻاري کان پري رھڻ جي وٿي. مطلب ته امان ھاڻي اھو پئي چاھيو ته قيد و بند جي خاتمي کان پھريائين سڀني مئن، جيئرن، ٻوٽن، وڻن، وٿاڻن، ويڙھيچن ۽ ٻنين ٻارن سان وري تعلق قائم ڪري، ھڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري. ھن پنھنجي زمين کي اھو سنيھو پئي ڏيڻ چاھيو ته، ھاڻي وري نئين سر گڏجي زندگي گھارڻ جو ويلو اچي ويو آھي.
پوءِ ھڪ ڏينهن شام جو، قيدين جي حاضري بعد، سڄي لوڙھي ۾ اھو ھُل ھلي ويو ته سڀاڻي رات جو ٻارھين وڳي کان پوءِ جيل جو گھنڊ وڄندو ۽ پوءِ ھرڪو آزاد ھوندو!! پھريائين ته ماڻھن کي ان ڳالھه تي ويساھه ڪونه پئي آيو ته ڀلا ھڪدم ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي. متان اھو ڪوڙو افواھه ته ناھي! پر پوءِ ماڻھن کي يقين ٿي ويو ته اھو سچ آھي. ۽ واقعي ھاڻي آزاديءَ جي اھا سھائي گھڙي اچڻ واري آھي، جنهن لاءِ ھزارين انسانن جا روح پيا تڙپندا ھئا. جنهن لاءِ اسان ڏينهن رات آسمان ڏي نظرون کڻي پيا نهاريندا ھئاسين ته من غيب مان ڪو امام مھديءَ جھڙو مددگار اچي ۽ اسان کي آزادي ڏياري.
ھن خبر ٻڌڻ کان پوءِ قيد خاني جا مرد ۽ مايون، خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چھرن سان ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ھنن سڀني جي مک تي فتح ۽ ڪامرانيءَ جي ھڪ فاخرانه مرڪ جي جھلڪ ڏسڻ وٽان ھئي. ھي سڀ ھزارين انسان جيڪي الائجي ڪيتري مدت کان ”آزاديءَ“ جي قدمن ۾ پنھنجي تمام پيارين شين جي ڀيٽا ڏيئي چڪا ھئا. سي ھاڻ ھن دين و دنيا جي ڀيٽا ۾ سرخرو ٿيڻ وارا ھئا. ھاڻ سندن وطن سان وفا وارو وچن پورو ٿي چڪو ھو.
انهيءَ آزادي واري رات ذڪر کان پوءِ ماڻھو ھڪ ٻئي کان جڏھن آخري موڪلاڻيون ڪري چڪا، تڏھن ھر ھڪ گھر جا ڀاتي جاڳي، انهيءَ آزادي جي جرس جو انتظار ڪرڻ لڳا. جنهن کي آخر ڪار اڄ رات ٻارھين وڳي وڄڻو ھو. آڌيءَ رات ويل جڏھن سڀ ڳالھيون کُٽي ويون، بھار رت جي ٿڌي ھوا گھلڻ لڳي، تڏھين اسان جا ڪن ان ساڳيءَ گھنٽيءَ جي آواز ٻڌڻ لاءِ اتاولا ٿيڻ لڳا. ھيءَ اھا ساڳي گھنٽي ھئي. جيڪا رات ڏينهن ھر ڪلاڪ بعد وڄندي رھندي ھئي ۽ اسان کي پنھنجي قيد جي طويل ۽ اڻ کٽندڙ وقت جو احساس وڌيڪ شدت سان ڏيندي رھندي آھي. جنهن سان اسان اڳي ته نفرت ڪندا ھئاسين پر اڄ اسان سڀني کي ان گھنٽيءَ جي مڌر آواز جو ڪيڏي نه بي تابيءَ سان انتظار پئي ڪيو!! ۽ نيٺ رات جي خاموشيءَ کي گھنٽيءَ جي تيز آوازن اچي ٽوڙيو. ھن وقت اھو وقت جو گھنڊ وڏي آواز سان طويل عرصي تائين ٽڻ ٽڻ ڪندو رھيو. ان وقت ماڻھو ” ڀيڄ پاڳاره“ جا نعرا ھڻي ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي والھانا انداز سان نچڻ لڳا. اھا آڌيءَ رات جي آزادي (Midnight Freedom)نيٺ اچي وئي!
ان کان پوءِ ترت ئي اسان ڏٺو ماڻھو پنهنجا ٽپڙ کڻي، قيد جي دروازي کان ٻاھر وڃڻ لڳا. اسان ڏٺو ته ھاڻي سنگينن سان سينگاريل بندوقن وارا سپاھي اتي موجود ڪونه ھئا. ماڻھو تيز تر قدمن سان ڪئمپ کان ٻاھر قطارن ۾ ھلندا ويا. انهن مان گھڻن جو رخ جھول جي ريلوي اسٽيشن ڏانهن ھو. جتان ھن اڳ ان ساڳي راجا واري ريل ۾ قيد ٿي ھتي آيا ھئا. ۽ اڄ وري اھا ساڳي ريل، کين پنھنجي محبوبن سان ملائڻ لاءِ واپس وٺيو پئي وئي. اھڙيءَ ريت صبح تائين ھي بنديخانو نوي سيڪڙو خالي ٿي ويو. اھي سڀ جھوپڙيون خاموش ۽ خالي ٿي چڪيون ھيون، ھاڻي انهن پڃرن جا پکي آزاد ٿي اڏامي ٿي چڪا ھئا، پنھنجي نئين ماڳ ڏي.
جيئن ته اسان جو ڳوٺ اتي ئي ھو، تنهن ڪري اسان کي ڪا جلدي ڪونه ھئي. تنهنڪري آئون ان صبح جو تيز تيز قدمن سان ڊوڙندو سڌو ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويس، جتي فقيرن جا قافلا پنھنجي زالن ۽ ٻارن سميت پھچندا پئي ويا ۽ ريل جو انتظار ڪرڻ لڳا. جنهن کي ڏھين وڳي ڌاري اچڻو ھو. اسٽيشن تي آئون تڙ تڪڙ ۾ پنھنجي سنگتين ساٿين کان موڪلائڻ ويو ھوس. اتي منهنجا اسڪولي ساٿي ڪافي تعداد ۾ موجود ھئا. راند جا ساٿي به ھئا. اھي سڀ ٻار پنھنجي اڻ ڏٺل ڳوٺن ڏانهن پھچڻ لاءِ بي تاب ٿي نظر آيا. خاص ڪري ريل گاڏيءَ ۾ سواري ڪرڻ جي شوق ٻارن جي دلين ۾ ڇوليون پئي ھنيون. ۽ پوءِ ريل گاڏي ڇڪ ڇڪ ڪندي، ڪارا دونهان ڪڍندي اچي پھتي. ماڻھن پنهنجا مختصر سامان ريل گاڏيءَ ۾ رکيا. ۽ ريل گاڏي رواني ٿي ويئي....... اھا ساڳي ريل ھاڻي نئين منزل ڏانهن گامزن ھئي. حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي قول موجب؛

ھي ھنڌ ڀيڻيون ھاڻ، ساڙيان سڀ ڏيھين ريءَ
ڪُل شيءِ،يرجع اِلى اصله، ٿي جھڄان جھانگين ڪاڻ
ڀري پنھنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو.

بھرحال پھرئين اپريل 1952ع جي ڏينهن اھا آزادي جي ديوي جنهن جي انتظار ۽ اڪير ۾ اسان ڪيترائي ڏينهن، ڪيتريون ئي اونداھيون راتيون. اميدن جا ڏيئا ٻاريندي ڪاٽيون ھيون، سا اوچتو ئي اوچتو سچ پچ ته اسان جي سامھون مرڪندي اچي بيٺي ھئي.
ڪئمپ مان آزاد ٿيڻ بعد اسان جھول شھر ۾ مامي سُھيلي جي گھر اچي ديرو دمايو. منھنجو سڳو مامون سُھيلو حر مارشلا دوران قيد ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. پوءِ اتان کان کيس نوابشاھه جي لوڙھي ۾ موڪليو ويو. جيئن ته مامو سُھيلو پڙھيل، لکيل ماڻھو ھو، تنهنڪري پنھنجي آزاديءَ لاءِ درخواستون لکندو پئي رھيو. جنهن جي نتيجي ۾ کيس آزاد ڪيو ويو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ اچي جھول شھر ۾ مقيم ٿيو. منھنجو وڏو ڀاءُ محمد عرس پڻ اتفاق سان قيد ٿيڻ کان بچي ويو ھو، ڇاڪاڻ جو ھو ان وقت جھول شھر ۾ سيٺين جون ڳئون چاريندو ھو ۽ ھندن جي گھرن جو پاڻي ڀريندو ھو.
جھول شھر ۾ ھن وقت جنهن جاءِ تي اسان جا گھر واقع آھن، ان وقت اتي خالي پڌر موجود ھو، جنهن بابت چيائون ٿي ته اتي ھندن جي ڳئن جو واڙو ھو. ۽ ھڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن ڪنڀر جي آوي جا آثار پڻ موجود ھئا. اھو سمورو پڌر مال جي ڀاڻ ۽ ڪنڀر جي ڀڳل ٿانون جي ٺڪرن سان ڀريل ھو.
ان جاءِ تي وساڻن، شنهڙن ۽ بھڻن جي آڪھن اچي ڪئمپ قائم ڪئي. ھي سڀ ماڻھو پنھنجي اصلي ڳوٺن ، ماڳن مڪانن جي ڳولا ۾ ناڪام ٿي، مايوسي جي حالت ۾ ھتي اچي گڏ ٿيا ھئا. ڇاڪاڻ جو سندن اصلي ڳوٺ انگريز جلائي برباد ڪري چڪا ھئا. ھاڻي انهن ھنڌن تي اھي ڳوٺ ۽ ويڙھا، سندن عزيز ۽ آڪھيون موجود ڪونه ھيون. تنهن ڪري ھي سڀ ويچارا ھتي اچي ڪٺا ٿيا ھئا.
شروع وارن ڪجھه ڏينهن تائين اھي سڀ پنھنجي لاءِ اجھا اڏڻ خاطر ڪاٺيون، ڪک، ڪانا جمع ڪرڻ ۾ جنبي ويا ته جيئن سِر لڪائڻ لاءِ ڪا جھوپڙي جوڙي سگھن. انهيءَ ڪم لاءِ ڏينهن جو اڏاوت جي سامان تلاش ڪرڻ لاءِ ٽڙي پکڙي ويندا ھئا. پوءِ شام جو ڪٿان ڪاڃڻ ته ڪٿان ڪايو، ڪٿان سرن جو ھڪ ٻه گَڏو ھٿ ڪري ايندا ھئا. اھڙي ريت ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنھنجي لاءِ جھوپڙيون جوڙي ٿانيڪا ٿي ويٺا. ھنن سڀني ماڻھن جي رات جو جڏھن ڪچھري مچندي ھئي، تڏھن سندن گفتگو جو موضوع سندن اباڻن ڳوٺن، پاڙي ۾ وسندڙ ماڻھن ۽ سندن ٻنين ٻارن بابت ھوندو ھو. ھو ھڪ ٻئي کي ور ور ڏيئي ٻڌائيندا ھئا ته ھاڻي پوئتي انهن ماڳن تي ڪجھه به موجود ڪونه ھو. ھو نالا وٺي ٻڌائيندا ھئا ته، سندن وڳر مان قفس جي قيد ۾ ڪھڙا ڪھڙا پيارا ڀاتي وڇڙي ويا آھن ۽ اڄ اھي ساڻن گڏ ھن واھيري تي ڪونه آھن، ھتي جتي سندن ڳوٺ آباد ھئا. ھاڻي اتي ڦٽل ۽ برباد پڊن کان سواءِ ڪجھه باقي ڪونه بچيو ھو. مون محسوس ڪيو ته ھنن جي دل ۾ جيڪا آزادي جي آس ھئي ۽ پنھنجي ڳوٺن ۾ آباد ٿيڻ جي جيڪا تمنا ھئي، واپس وڃي سندن کيتن کي آباد ڪرڻ جي جيڪا چاھت ھئي، سندن ان آس کي وڏو صدمو پھتو ھو. ھو سڀ جو سڀ ڏينهن جو ڳڀي جي ڳولا ۾ ھليا ويندا ھئا. پر رات جو وري ساڳيو ماضي جي مزارن وارو مامرو سندن زبان تي ھوندو ھو. ۽ ساڳيا دل دکائيندڙ داستان دھرايا ويندا ھئا. مون اھو به ڏٺو ته شروع وارن ڏينهن ۾ سندن چھرن تي جيڪا آزادي ملڻ واري مرڪ ھئي، اھا غائب ٿيندي پئي ويئي، کين اھو ڏک ورايو بيٺو ھو ته ھو ڪنهن جي ڳوٺ ۾ وڃي پناھه وٺن؟ ھتي جھول شھر ۾ مون اھو پڻ ڏٺو ته ھندو ڀائي بندن جي گھرن، دوڪانن ۽ ماڙين ۾ ھندستان مان ھجرت ڪري آيل، پناھگير ماڻھو براجمان ھئا ۽ پنھنجي ڌنڌي ڌاڙي ۾ مصروف ھئا. پر اسان واري ھنن نو آزاد ماڻھن وٽ نه ڪو ڌنڌو ھو، نه ڪو ٻڄ، نه ھر ڦار، نه ڪو ھلٽ، جو ڪنهن وٽ وڃي ھارپي تي ڪو ٻني ٻارو آباد ڪن. اسان جي ھنن ماڻھن کي آسپاس جي ماڻھن کان بيگانگي واري ھلت بابت پڻ شڪايت ھئي. کين ڪوبه دوڪاندار اوڌر ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه ھو. ڇاڪاڻ جو ھنن دوڪاندارن حرن کي خطرناڪ ماڻھو ٿي سمجھيو. کين سندن اوڌر موٽي ملڻ بابت پڪ ڪونه ھئي. ماڻھن جي اھڙي حالت کي محسوس ڪندي، اسان جا ماڻھو پنھنجي پاڻ کي نڌڻڪو محسوس ڪرڻ پئي لڳا. اھڙي مايوسي واري وايو منڊل ۾ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ھمراھن پنهنجا ھوش سنڀاليا ۽ حوصلا قائم ڪيا. سڀني کان پھرئين مامون ھوت چاڪي خبر ناھي ته ڪٿان کان ھڪ عدد ڏاند ڪاھي آيو ۽ ان سان گڏ تيل پيڙڻ جي گھاڻي جو سمورو ساز و سامان به کڻي آيو. ھن الله توھار ڪري جھول جي ڦٽل بازار ۾ سيٺ مختيار واري دوڪان جي اوڀر پاسي ھڪ ڊٺل دوڪان جي جاءِ تي ڇپر اڏي، گھاڻي جا ڪاٺ زمين ۾ کوڙي، تيل پيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. مون ڏٺو ته سندس دوڪان تي چھچٽو لڳي ويو. سڄو ڏينهن تيل پيڙائڻ وارا ۽ سرنهن جي نج تيل وٺڻ وارا ماڻھو پيا ايندا ھئا. ان واقعي مان اسان جي ٻين ماڻھن کي پڻ حوصلو مليو ۽ ڪوشش ڪري ڪٿي نه ڪٿي پورھيي سان لڳي ويا.
جيئن ته منھنجو وڏو ڀاءُ ان وقت ھر ھاري ھو، وٽس ڍڳن جو ڀلوڙ جوڙو، ڍڳي گاڏي ۽ ٻيو ھرڦار وارو ھلٽ موجود ھو، تنهن ڪري منھنجو والد صاحب به، ھن سان ٻنيءَ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. جيئن ته اسان پنھنجي مامي جي گھر ۾ پئي رھياسين، تنهنڪري نئين گھر اڏڻ لاءِ مکيءَ مان ڪيترائي سَرن جا گَڏا ۽ لئي جي وڻ جا ڪايا ۽ ڪاٺيون گڏ ڪري رکيوسين ته جيئن واندڪائي ۾ گھر اڏي سگھجي. منھنجي لاءِ آزادي جي شروعات تمام گھڻي خوشگوار ھئي، ھڪ ته روزانه اسڪول وڃڻ کان آزادي ملي ويئي ھئي، جتي روزانه ڪجھه قدر مار جو ڊوز ملندو رھندو ھو. جيئن ته مون پنھنجو ھوش ڪئمپن ۾ سنڀاليو ھو ۽ اتي ساڳيا ماڻھو ساڳيون جھوپڙيون، ساڳيان سنگينن وارا سپاھي ۽ پھريدار ڏسندو رھيو ھوس. ھاڻي منھنجي دل چاھيو پئي ته جھول جا ماڻھو ۽ مڪان جانچي ڏسان ته ڪيئن ٿا لڳن!
انهيءَ زماني ۾ مونکي ھڪ ڊيڪلي ھٿ اچي وئي ھئي. جيڪا ھر وقت ڊوڙائيندو رھندو ھوس. سو مون انهيءَ ڊيڪلي پويان شھر جي مختلف گھٽين ۾ ڊوڙڻ شروع ڪيو. ان وقت جھول شھر ايڏو وڏو ڪونه ھو. شھر ۾ آئون سڀ کان وڌيڪ سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙي کان متاثر ٿيس، ڇوته اھا ماڙي شھر جي سڀني عمارتن کان اوچي ٺھيل ھئي. ان جي ڀرسان سيٺ لکو مل جي ماڙي، جيڪو ھڪ تمام وڏو گھر ھو. اسان جو مجيري وڏيرو حبيب الله خان ڀنڀرو جنهن ماڙي ۾ رھندڙ ھو اھا به لڏي ويل ھندو ڀائي بندن جي ملڪيت ھئي. شھر ۾ گھڻي قدر دوڪان ته سادا سودا ھئا، ڪيترا دوڪان ڊٺل پُٺل ھئا. شھر جي وچ تي جامع مسجد جھول جي ننڍي مگر خوبصورت عمارت مونکي ڏاڍي وڻندي ھئي. ساڳي مسجد جي پيش امام حاجي محمد صالح شر جي نوراني شڪل مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو. ھي بزرگ مسجد ۾ نماز پڙھائڻ کان پوءِ پنھنجي ريزڪي دوڪان تي ويھڻ سان گڏ اتي به ننڍڙن ٻارن کي پاڙھيندو رھندو ھو.
اسان جي مجيري وڏيري حبيب الله خان جي گھر واري دروازي وٽ، جتي منھنجو روز وڃڻ ٿيندو ھو، ھڪ مندر موجود ھيو. جنهن جي دروازي تي تالو لڳو پيو ھو، منھنجي دل چاھيندي ھئي ته، ان مندر ۾ جھاتي پائي ڏسان ته ڀلا ڀڳوان ڇا پيو سوچي يا ڇا پيو ڪري؟ پر افسوس ھڪ ته مندر کي مستقل تالو لڳل ھيو، ٻيو ان ۾ مڪمل خاموشي ڇانيل ھئي. شايد اھو ڀڳوان به ھتان کان ھجرت ڪري، ڀائي بندن سان ھند ڏي ھليو ويو ھو ۽ اتان کان وري موٽ ۾ ايندڙ ماڻھن جو يزدان ھجرت ڪري ھتي آيو ھو.
ھا ھتي ھڪڙي جاءِ اھڙي به ھئي، جنهن جي ماڙي واري مُھاڙي مونکي ڏاڍي وڻندي ھئي. اڄ ڪلھه جنهن ھنڌ کي انصاري چوڪ چيو ٿو وڃي، اتي بيھي ڏکڻ طرف ڏسبو ھو ته ان ماڙي جي بلند مھاڙي جي بلڪل وچ تي ھڪ خوبصورت گلابي رنگ جو بت جيڪو بانسري وڄائي رھيو ھو، ۽ ان جي ٻنهي پاسي سھڻا مور نهايت ڌيان سان شايد ڪرشن ڪنهيي جي بانسري ٻڌي رھيا ھئا. آئون ايندي ويندي ان بانسري واري فنڪار کي ڏسندو ھوس ۽ سھڻن مورن تي نگاھه وجھندو ھوس. پوءِ ڪجھه عرصي بعد ان جاءِ جي مھاجر مڪينن کي احساس ٿيو ته ھاڻي اھا جاءِ ڀڳوان ڪرشن جي ناھي رھي، تڏھن ھنن ڇا ڪيو جو پھريائين اھا مورت اتان گم ڪري ڇڏيائون ۽ پوءِ آخر ڪار مور به گم ٿي ويا. مونکي ماڻھن جا چھرا، مھرا ۽ لباس به جاچي ڏسڻ جو شوق ھوندو ھو، اھو پڻ شايد ان ڪري جو قيد بند ۾ ساڳيا ماڻھو، ساڳيا لباس، ۽ ساڳيا مھانڊا ڏسندو رھيو ھيس. پر مون ھاڻي شھر جي محلن ۾ وڃي، ڀانت ڀانت جا ماڻھو ڏسڻ پئي چاھيا ته مايون، مرد ۽ ٻار ڪھڙي قسم جا آھن؟ اسان واري پاڙي جي اوڀر پاسي جيڪي مڪين ھيا، تن جي ماين کي ڪاري رنگ جا ڊگھا چولا ۽ گھاگھرا پھريل ھئا. اڪثر ماين جو قد ڊگھو ۽ مھانڊا موھيندڙ ھئا. ھاڻي جڏھن انهن جي اولاد اھو لباس پھرڻ ڇڏي ڏنو آھي ته انهن جي شڪلين خواھه لباس ۾ اھا ڪلاسيڪل ڪشش ڪونه رھي آھي. ٻئي پاسي ھڪ محلي ۾ سوڙھن پاجامن وارا ماڻھو، Yellow Turban عجيب و غريب شڪيلن وارا لڳندا ھئا. ھي ڀيلواڙي راجستان جا ماڻھو ھئا، جيڪي ھاڻي تمام ماڊرن ٿي پيا آھن. شروع شروع ۾ ھنن ماڻھن جي ٻولي به گھٽ سمجھه ۾ ايندي ھئي. ڊگھي قد جا گھاگھرا پھريل عورتون ۽ پھراڻ گوڏ وارا ”کرل“ ذات جا ماڻھو فيروزپوري پنجابي ڳالھائيندا ھئا.
جھول شھر جي ھن ساڳئي مين روڊ جي اتر پاسي ان وقت ڪوبه دوڪان يا آبادي ڪونه ھئي. ڏکڻ طرف ڪجھه حصي تي شھر ۽ بازار ھئي، اتر طرف روڊ سان لاڳيتو باغ پوکيل ھيو. سيٺ لکومل جو ھي باغ پھرئين دفعي گھمڻ سان مونکي ڏاڍو سھڻو لڳو. ڇوته ھن کان اڳ مون باغ بستان ڪونه ڏٺا ھئا. روڊ سان لاڳيتو پوکيل باغ ۽ باغ جي اتر کان روڊ جي پوروڇوٽ ۾ وھندڙ واٽر ڪورس. اھو باغ ۽ اھو واٽر جھول جي ماڻھن لاءِ آرام ۽ آسيس جا ھنڌ ھئا. باغ ۾ گلاب ۽ موتئي جا تمام گھڻا گل ٻوٽا بھاري لايو بيٺا ھوندا ھئا. ڪن قطارن ۾ زنگي گل ۽ باغ جي اولھه ۾ واٽر جي ڪنارن سان ڪيلي جا ٻوٽا ساوڪ بخشيو بيٺا ھوندا ھئا. ڪٿي ڪٿي خفتي تاش جي راند ۾ مصروف ھوندا ھئا. مطلب ته رونق لڳي پئي ھوندي ھئي. ھن باغ جي اڀرندي طرف واري حصي ۾ زيتونن ۽ توتن جا وڻ لڳل ھئا. توت جا وڻ بھار جي مند ۾ نئين سر گونچ ڪڍي ڦٽندا ھئا. اھي ساوا چھچ وڻ، ماڻھو ڇيڻو، پکي پکڻ لاءِ راحت جو سبب ۽ سامان ھئا. جھول شھر ۾ ھن مين روڊ تي ھن وقت جتي ڪيريا خاندان جي ڊگھي عمارت آھي، شروع ۾ اھو ھنڌ بلڪل خالي ھو ۽ خيري واھه جو اتي ڀڏو ھو. شھر جي شاھي بازار جو اھو مھاڙي وارو ھنڌ به ان وقت تائين خالي پڌر ھو. جامع مسجد جھول جي اترئين طرف ھڪ شاھي پپر جو وڻ ھو، جنهن جون تمام ڊگھيون ۽ پکڙيل ٽاريون ۽ ڏار پري پري تائين ڇانو ڪري بيٺا ھوندا ھئا. ھن پپر کان اتر پاسي نمن جا ٻه ٽي وڏا وڻ ھوندا ھئا. جنهن ڪري پپر ۽ نمن جي درميان ھڪ وسيع ڇانو وارو ميدان ٺھي پيو ھو، جتي ھر وقت مسافر آرام پيا ڪندا ھئا. پپر ھيٺيان به سارو ڏينهن ڪچھريون قائم لڳيون پيون ھونديون ھيون. شھدادپور ۽ سانگھڙ کان ايندڙ لاري ۽ ٽانگي وارا ھتي اچي بيھندا ھئا. سامھون لارين جو اسٽينڊ ھو، ان ڪري ھتي رونق لڳي پئي ھوندي ھئي. ھن وسيع ميدان ۾ شھر جا ڇوڪرا بلورن ۽ لاٽن سان رانديون ڪندا ھئا ۽ ساڳئي وقت ماڻھو پپر جي ڇانو ۾ ويٺا ھوندا ھئا.
ھڪ ڀيري مون ڏٺو ته ھڪ ڪاري کٿي پھريل فقير اتي ويٺل ماڻھن سان اچي ڪچھري ڪئي، ماڻھن کي وڏي آواز ۾ بيت چئي ٻڌايائين. جيڪي سندس ئي جوڙيل ھئا. فقير جي بيان ۽ ڪلام ۾ جيڪا رواني ھئي، ان کان آئون ان وقت به ڏاڍو متاثر ٿيس. ھو ڳالھائيندو ويندو ھو ۽ قافيھ ۽ رديف ملائيندو ڪلام ٺاھيندو ويندو ھو. ھلندي ڦرندي ماڻھن کان نالا پڇندو ويندو، مثال طور ”ابا! نالو ڇا اٿئي؟“ ”سائين! راڻو“ پوءِ فقير شروع ٿي ويندو ھو. ” ابا! نالو اٿئي راڻو، متان ڪرين ماڻو“ اھڙي طرح بيت جوڙي وڃي پار پوندو ھو. ھيءُ فقير جڏھن به جھول شھر ۾ وارد ٿيندو ھو ته آئون ان جا ٻول ٻڌڻ لاءِ ان جي پويان ھلندو ھوس. ان فقير ھڪ ڏينهن حسبِ معمول بيت ٻڌائڻ کان پوءِ چيو ته ”بابا! ھن جھول شھر جو چڱو مڙس ڪير؟“ ڪنهن چيو ته رئيس ڦلاڻو، ڪنهن چيو ته مير صاحب، ڪنهن ڪنهن جو نالو ورتو ته ڪنهن ڪھڙو پر فقير نه مڃيو. چيائين ته ” بابا! ھن جھول شھر جو چڱو مڙس آھي، ھي پپر جو وڻ! جنهن جي ڇانوَ ۾ ھندو، مسلمان، امير، غريب، ٻار ۽ وڏا سڀ امن آرام سان ويٺا آھن. بابا! ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو چڱو مڙس ھوندو ڇا؟ جھول شھر جو چڱو مڙس ھي پپر جو وڻ آھي.“
اھي ڏاھپ ڀريا بيت ۽ نقطا ٻڌائڻ وارو ماڻھو، ھن تر جو مشھور سگھڙ بچايو فقير رند ھو. جيڪو جتي به چاھيندو ھو، ڪچھري قائم ٿي ويندي ھئي. سندس ھر ھڪ بيت ھڪڙي وراڻيءَ تي پورو ٿيندو ھو ” بخش گناھه بچائي جا، تون سيد جي صدقي!“
جھول شھر ۾ مون ڏٺو ته اسڪول ھندن جي خالي ڪيل ھڪ پيڍي نما عمارت ۾ قائم ٿيل ھو. جنهن جي رستي سان ٺھيل کليل ورانڊي ۾ ٻار گوڙ شور سان پڙھڻ ۾ مصروف ھئا. مون ڏٺو ته اتي ھڪ ڊگھي ڪاري اڇي ڏاڙھي واري عجيب ڀير سان گيڙو رنگ جو پٽڪو پھريل ۽ عينڪ پاتل استاد حڪم پئي ھلايو. ھن استاد جي شخصيت مونکي ڏاڍي دلچسپ ۽ نرالي لڳي. پر جيئن ته مونکي اسڪول ۾ پڙھڻ جو ھاڻي ڪوبه ارادو ڪونه ھو. ڇاڪاڻ ته مونکي جھول شھر ۽ آسپاس کي ڏسڻ، پرکڻ جو شوق کنيو بيٺو ھو. بس گھران ماني کائي، ڊيڪلي کڻي، ان کي جھول جي گلين ۾ ڊوڙائيندو رھندو ھوس. جھول شھر جي اندرئين پاڙي ۾ ھڪ ماڙي ڏاڍي دلچسپ ھئي. اھاننڍڙي ماڙي، جنهن جون گئلريون ڪاٺ جي ھنر سان سينگاريل ھيون، ان جي ھيٺين منزل جي درين تي ڪاٺ مان ٺھيل ڀولڙن جا بت لڳل ھئا. اھي بت ڏاڍا مزيدار لڳندا ھئا. انهن بتن ۾ ڀولڙيون پنھنجي ٻچڙن کي ببا ڌارائيندي ٺھيل ڏيکاريل ھيون. ھن ماڙي جي مٿئين گئلرين سامھون پڻ ساڳيا ڀولڙن جا بت جوڙيل ھئا.ھن خالي ماڙي کي ڏسندي عجيب ويراني ۽ خوف گاڏڙ احساس اڀريو ٿي. مون ڏٺو ته اھا ماڙي آخر تائين مڪينن کان خالي رھي ۽ آخر ڊھي وئي. پر ان ۾ ڪوبه آباد ٿيڻ جي ھمت ساري نه سگھيو.
جھول شھر جي سرسري سروي ڪرڻ کان پوءِ مون جھول جي ڪاٽن فيڪٽري ڏانهن رخ رکيو. اسان جڏھن نوابشاھه ڪئمپ ۾ قيد ھئاسون. تڏھن بابو ڦٽين جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندو ھو. ان ڪري اھو ڪارخانو منھنجو ڏٺل وائٺل پئي لڳو. ان جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي پوسٽ آفيس قائم ٿيل ھئي، جنهن ۾ ھڪ بابو صاحب ٽيليفون تي ھلو ھلو ڪندو رھندو ھو، يا ٽيلي گراف مشين تي ٽڪ ٽڪ ڪندو رھندو ھو ۽ پوسٽ مئن صاحب خطن تي زور زور سان ٺپا پيو ھڻندو ھو. اھا ڳالھه منھنجي لاءِ نئين ھئي.
پر سڀني کان وڌيڪ جيڪو ھنڌ مونکي وڻندو ھو، سو اھا ھئي جھول جي ريلوي اسٽيشن. ھتي شايد ٻه دفعا گاڏيون نوابشاھه، ميرپورخاص کان اينديون وينديون ھيون، آئون تصور ۾ سوچيندو ھوس ته اھي ڇڪ ڇڪ ڪندڙ ۽ دونهان ڪڍندڙ ريل گاڏيون، آخر ڪار ڪٿي وڃي ڇيھه ڪنديون ھونديون. اھو سارو ملڪ يا ڏيھه ڪھڙو ھوندو. اتي جا ماڻھو ڪھڙي شڪل ۽ لباس جا ھوندا، منھنجي دل ۾ ھميشھ ھڪ اجھل خواھش اھا به ھئي ته، ڪڏھن ان گاڏيءَ تي چڙھي وڃي ڏسجي ته آخر ڪيستائين ٿي وڃي ڇيھه ڪري! آئون روزانه ڊيڪلي ڊوڙائي ڏينهن ۾ ٻه دفعا وڃي ريلوي اسٽيشن تي بيھندو ھوس. ان زماني ۾ جھول ريلوي اسٽيشن ھر وقت ماڻھن جي اچ وڃ سان آباد ھوندي ھئي. اسٽيشن جي اتر طرف مسافرن کي کڻي اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ موجود ٽيڪسيون، ٽانگا، بيل گاڏيون، سنجيل گھوڙا موجود ھوندا ھئا. شھدادپور سانگھڙ ۽ ٻين ھنڌن کان ماڻھو اچي ريل مان لھندا ھئا. ۽ ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ انتظار ڪندا ھئا ۽ ڪيترا سنجيل وھٽ، ٽانگا ۽ گاڏيون، ايندڙ مسافرن کي کڻڻ لاءِ بيٺل ھوندا ھئا. ھن سموري چھچٽي ۾ منھنجي دلچسپي جو سامان ڀانت ڀانت جا ماڻھو ۽ سندن چھرا مھرا، ۽ لباس ڏسڻ ھوندو ھو. آئون ريل اچڻ وقت به ايندڙ ويندڙ مسافرن کي جاچي ڏسندو ھوس. ريل گاڏي ۾ ويٺل ماڻھو به منھنجي دلچسپي جو مرڪز ھوندا ھئا. عورتن وارا گاڏا، ان ۾ ويٺل عورتون، سندن لباس، سندن زيور، سندن شڪل شباھت نهايت غور سان ڏسندو ھوس. مونکي اھڙي انساني مشاھدي تي تمام گھڻي خوشي ٿيندي ھئي. آئون جڏھن ان ڳالھه تي اڄ سوچيان ٿو ته ان جو سبب اھو ٿو لڳي ته، ھوش سنڀالڻ کان وٺي اٺن سالن جي عمر تائين، مسلسل ھڪ محدود جاءِ ۾ قيد رھڻ کان پوءِ مون ھن ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن کي ڏسڻ، سڃاڻڻ ۽ پرکڻ ٿي چاھيو. اھوئي سبب ھو جو ڀانت ڀانت جا ماڻھو، قسمين قسمين لباس پھريل ماڻھو، نرالين نکٽن ۽ صورتن وارا ماڻھو ڏسڻ جو شوق منھنجي دل ۾ ڀريو پيو ھو. ريل گاڏيون اينديون ھيون ۽ ريل گاڏيون ڪوڪون ڪنديون، ڇڪ ڇڪ جا آواز پيدا ڪنديون ھليون وينديون ھيون. آئون اھو منظر ڏسي ڏاڍو خوش ٿي، ڊيڪلي ڊوڙائي گھر ڀيڙو اچي ٿيندو ھوس، ۽ ٻئي ڏينهن وري وڃڻ جو پڪو ارادو دل ۾ موجود ھوندو ھو.
ھڪ دفعي ريلوي اسٽيشن ڏسڻ کان پوءِ مون خيال ڪيو ته وڃي ڪئمپ کي ڏسي اچان، ڇو ته ريلوي اسٽيشن وٽان ڪئمپ جا اوچا مورچا نظر ايندا ھئا. آئون جڏھن ڊيڪلي ڊوڙائيندو، ڪئمپ جي وڏي در وٽ ويس ته اتي ڪوبه سنگينن وارو سپاھي موجود ڪونه ھو. جڏھن ڪئمپ اندر داخل ٿيس ته مڪمل ويرانيءَ جو واسو ھو. مون ھڪ دفعو جيڪو اھا ويراني ڏٺي، ان جو منظر اڄ تائين به ياد اٿم. ڇاڪاڻ جو سڀ جا سڀ گھر خالي، ڪوبه انساني آواز نه، ان کي محسوس ڪندي يڪدم ٻاھر ڀڄي آيس ۽ وري ڪڏھن به اوڏانهن گھمڻ ڪونه ويس.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مونکي مائٽن چيو ته ”ھاڻي وڃي اسڪول ۾ پڙھه!“ پر مون ٺڙ ٺپ جواب ڏنو ته ”اسڪول ۾ پڙھڻ ڪونه ويندس.“
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مون ڏٺو ته اسان وٽ ٻه عدد مينهون الاءِ ڪٿان کان پھچي ويون. ھي ڦرن واريون، تازيون سُئا مينهون منھنجي لاءِ دلچسپي جو مرڪز بنجي پيون. امان ٻڌايو ته اسان جو اھي ڏھه ٻارھن مينهون مارشل لا دوران ڪاھي ويا ھئا. انهن مان ھي ٻه موٽي مليون آھن. ٿوري وقت ۾ مينهن لاءِ منهن ۽ آھورا ٺھي ويا. ٻه مينهون مامي جون اڳي ئي ھيون، ھاڻي اسان وٽ چار مينهون ٿي پيون.
انهيءَ دوران ھڪ ڏينهن بابي پڇيو ته ڀلا پڙھڻ نه ٿو وڃين ته پوءِ مينهون چارڻ وڃ! اھو ٻڌي مون يڪدم ھا کڻي ڪئي. فيصلو ٿيو ته ٻئي ڏينهن صبح سان آئون پنھنجي چئن مينهن کي جھنگ ۾ پھرائي چارڻ ويندس. منھنجي جھنگ کان اڻ واقفيت کي محسوس ڪندي، اھو فيصلو ڪيو ويو ته آئون اسان جي مجيري، وڏيري حبيب الله ڀنڀري جي مال جي ڌراڙ سان گڏ (جيڪو منھنجو ھم عمر ۽ مائٽ ھو) وڃي مال چاريندس. ڌنار بنجڻ لاءِ تياري طور ھڪ لٺ ڏني وئي ۽ ھڪ ننڍڙو پٽڪو پڻ ٻڌرايو ويو.
اھڙي طرح صبح جو چڙن جي چونگار ۾ آئون ڌراڙ بنجي مال پھرائي، گڻنگ وارو ڪچو رستو وٺي روانو ٿيس. پھريائين ڪجھه ڏينهن منھنجي دل ۾ جھنگلي جانورن جو خوف ھوندو ھو ته متان اوچتو جھنگ جي جھڳٽي مان ڪو بگھڙ نڪري حملو نه ڪري. ٻين ڌراڙن کان جدا ٿي پري وڃڻ جي ڪوشش نه ڪندو ھوس. ان زماني ۾ جھول جي آسپاس خاص ڪري اتر، اُلھندي ۽ اڀرندي پاسي چڱا موچارا جھنگ ھوندا ھئا. ڪرڙ، ڪنڊيءَ جا جھنگ ان زماني ۾ تمام وسيع ايراضيءَ ۾ ھئا. اھي سڀ زمينون جھنگ سان آباد ھيون. ان ڪري مال چارڻ وارن ماڻھن جي موج ھئي. مال چارڻ دوران پھرئين ڪجھه ڏينهن تائين آئون پري کان پنھنجين ۽ پراين مينهن جي پرک ڪري نه سگھندو ھيس. تنهن ڪري منھنجو مائٽ ڌراڙ مونکي چوندو ھيو ته ”اھا پريان تنھنجي مينهن ڀيل ڪرڻ لاءِ پئي وڃي! ڊوڙ وڃي ورائي اچ، نه ته ٻنيءَ وارو ھاري مار ڪڍندئي!“ پوءِ آئون ڀڄندو ڀڄندو وڃي مينهن جي ويجھو پھچندو ھوس. تڏھن خبر پوندي ھئي ته، اھا ته مون واري مينهن ڪونه ھئي. ڪافي ڏينهن کان پوءِ مونکي پنھنجي، پرائي مينهن سڃاڻڻ جي تميز ٿي. پوءِ درجي به درجي آئون مينهن جي نالن ۽ قسمن بابت سکندو ويس. چال مينهون، ڪنڍيون مينهون، ماڻڪين اکين واريون ڀِلون ڀٽاريون ۽ ٻيا قسم.
مينهن چارڻ دوران منهن جي لاءِ جھنگ ۾ سڀئي وڻ ٻوٽا ھڪ دلچسپيءَ وارو سامان ھئا. ٻاروتڻ ۾ تمام گھٽ وڻ ٻوٽا ڏسڻ جو موقعو مليو ھو. پر ھاڻي وڻن ۽ ٻوٽن جي وسيع ميدان ۾ پئي گھميس. ان لاءِ سڀني وڻن، ٻوٽن ۽ گاھن جي ڄاڻ حاصل ڪيم. گڻنگ ڏانهن ويندي رستي وٽ 11 دم واري موريءَ کان سَر اڀرندي پاسي ميراڻي زماني جي واھه جو ڀڏو ڄاڱرين ٻيرين جي وڻن سان ڇانيل ھوندو ھو. اتي مال پھچڻ بعد اسين بي فڪر ٿي پيا ھلندا ھئاسين. ڄاڱرين ٻيرين جا کٽا مٺا ٻير اسان لاءِ وڏي لذيذ ميوي آچار ھوندا ھئا. اھڙي طرح پڪن جي مند ۾ سمورا ڪرڙ انهيءَ گلابي فروٽ سان ڀرجي ويندا ھئا. اھي پڪا کائڻ ۾ ڏاڍا مٺا ۽ لذيذ لڳندا ھئا. ڪي ڪي اڻ ڄاڻ ماڻھو پڪا گھڻي تعداد ۾ ٻج سوڌو کائي ويندا ھئا. پوءِ اڪثر ماڻھن جا لنڊ ٻَجھي پوندا ھئا.
پھرئين ڏينهن جڏھن آئون سج لٿي مھل مينهون چاري گھر پھتس ته سڄو جسم ٿڪاوٽ کان چور ھو. بنان کاڌي کائڻ جي کٽ تي سمھي رھيس ۽ وڃي صبح جو جاڳ ٿي. وري پٽڪي ٻڌي، لٺ کڻي مال سان روانو ٿي ويس. ڇو ته ان ۾ ڪوتاھي ڪرڻ جي ھرگز اجازت نه ھئي. ائين آئون اٽڪل ٻه سال کن مينهن جو ميھار رھيس. انهي دوران مونکي وڻن ٽڻن، پکين ۽ جانورن جو ڏاڍو مزيدار مشاھدو ٿيو. ھاڻي منھنجي من مان جھنگ ۽ جانورن جو خوف ختم ٿي ويو. ۽ آئون پاڻ کي ان جو حصو سمجھڻ لڳس.
جھول جي ڪئمپ جتي قائم ھئي، ان جي اترئين پاسي غير آباد ڪرڙن جو جھنگ ۽ اڇي اجري زمين جو پوٺو ھوندو ھو. شام جو اسان اتان کان مال ڪاھي ڳوٺ ڏي موٽندا ھئاسين، ان وقت آئون ڪرڙ جون قلم جھڙيون ڪاٺيون ڳولي، ان سنئين سڌي اڇي پوٺي تي ويھي، الف ب جا وڏا اکر ۽ پنھنجي ڌنار دوستن جا نالا لکندو ھوس. مون ڏٺو ته اڃا مونکي سھڻا اکر لکڻ جي چاھت آھي.
برسات جي زماني ۾ اھي ڪنڊي ۽ ڪرڙن سان ڇانيل جھنگ ڏاڍا خوبصورت ٿي پوندا ھئا. قسمين قسمين گاھه گلزاري ڪندا ھئا. انهيءَ زمين تي ھڪڙو ننڍڙو گاھه اڀرندو ھو، جنهن کي ”ڌاڃورو“ چوندا ھئاسين. ان ننڍڙي ڪَل جھڙي گاھه جي پاڙ کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھو. ان جي پاڙ ۾ ھڪ اھڙي خوشبو ھوندي ھئي. جيڪا اڄ تائين مونکي ياد آھي. اھا مٽيءَ جي عطر جي خوشبوءَ جھڙي ھوندي ھئي. ھاڻي ڪلر، مصنوعي ڀاڻ، پيسٽيسائيڊ جي ماريل زمينن مٿان نه ته اھڙو ڪو خوشبو دار گاھه ٿو اڀري، نه ڪو سانوڻ جي برسات جا تازا ڇنڊا پوڻ وقت ھن مئل مٽيءَ مان ڪا خوشبو ٿي اچي!!
ھنن مينهن ڀٽارين کي چاريندي، مون ڏٺو ته گھر ۾ امان جي مصروفيت ڏاڍي وڌي وئي ھئي. ھن ھڪ مٽيءَ جو ٿلھو ٺھرائي، اتي مينهن جو کير ولوڙڻ جو ”نهرو“ اچي کوڙيو. ڪاٺيءَ جو اھو نهرو ڏاڍو نرالو ھو. ان جي مٿان ڪيتريون ئي ٽاريون ھيون، جن کي ڪپي صرف انگھا ڇڏيا ويا ھئا. جن مٿان چنئوريون، ٽڀا ۽ ٻيا الاھي ٿانو ٽنگيا پيا ھوندا ھئا. امان صبح جو سوير اٿي کير جو ولوڙو شروع ڪندي ھئي. انهيءَ دوران گھر جا ڀاتي ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿيندا ھئا. اسان وٽ کير ڏيندڙ سوئائون، ڀليون مينهون ھونديون ھيون. انهن جي کير ولوڙڻ وقت جھو جھو ماٽيءَ وارو بيت ياد اچي ويندو ھو. اسان ٻارن کي صبح جي وقت مکڻ ماني کائڻ سان ڏاڍي دلچسپي ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن مکڻ ماني ملندي ھئي. ۽ اڪثر ڪري مکڻ ۽ ڳڙ سان پچيل (پڪل) ماني جنهن کي ”بُسري“ يا ”ڳڙھاري“ چوندا ھئا، اھا به ملندي ھئي، وڏي لذيذ چيز ھئي.
کير ولوڙڻ جي وقت مون ڏٺو ته، امان ڪنهن بني بشر کي ويجھو اچڻ ڪونه ڏيندي ھئي. کيس خوف ھو ته، جيڪڏھن ٻئي مکڻ جي چاڻي ڏسي ورتي ته نظري ڇڏيندو ۽ پوءِ ايترو مکڻ ڪونه لھندو. ان ڪري آئون ڪوشش ڪندو ھوس ته مکڻ جي چاڻي ٺھڻ وقت وڃي امان جي ڀر جھلي بيھان. ائين ڪرڻ وقت امان دڙڪا ڏيئي پري ڀڄائي ڇڏيندي ھئي. اسان محسوس ڪيو ته قيد و بند جي ڏڪار ۽ بکن کان پوءِ ھاڻي اسان وٽ جھڙوڪر سڪار ۽ سکن جو وقت اچي ويو آھي. ھر چنڊ جي يارھين تاريخ امام بادشاھه پير جي يارھين طور کير ورھائي ڇڏيندي ھئي. ۽ ان رات کيرڻي به تيار ٿيندي ھئي. مون محسوس ڪيو ته، امان کير ولوڙڻ، مکڻ گڏ ڪرڻ، مکڻ مان گيھه تيار ڪرڻ جي عمل ۾ ڪيتري نه قابل ھئي. ھوءَ کير ولوڙڻ وقت گھر تي پنھنجي بادشاھي سمجھندي ھئي. سامھون بندر تي ڀلاريون ڀٽاريون مينهون ۽ ڀلوڙ ڏاند ٻڌل ھئا. سڀ اھل ۽ اولاد خوش ھئا. وڏي ڳالھه ته امان جي موڀي ڀاءُ سُھيلي کي سندس ٻي شاديءَ مان پٽ جو اولاد به پيدا ٿيو ھو. جيڪا امان جي ديرينه خواھش ۽ خواب ھئو. ھن خواب جي پورائي ٿيڻ ڪري امان ڏاڍي خوش ۽ مسرور ھئي. پاڻ کيرن، پٽن واري، مال ڌڻ واري ٿي پئي ھئي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خوشحالي ٿي پئي سگھي. ھن سال جڏھن سانوڻ جي مند آئي، مينهن وسيا ته مون ڏٺو، امان ساڳي قيد و بند واري رسم موجب مينهن وسندو ڏسي روئيندي ھئي. پر ھن سانوڻ ۾ امان ڪونه رني، سندس اڱڻ تي چال ۽ چوڙ ڪنڍيون مينهون، سندس ڀاڪر ۾ سندس ٻچا ۽ ڀائر سڀ موجود ۽ خوش ھئا!