آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

وري علم جي تلاش ۾

ھاڻي جڏھين مينهون چاريندي، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، گاھه گلزار، پُسيون ۽ پڪا، موسمون، سرديون، گرميون، سانوڻيءَ جون برساتون، ھاري ۽ سندن ھر، فصل ۽ ڦٽيون، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجھر، ھلر ھلھي ملھي، اناج جا انبار، بادشاھه پير جون بٽايون، اھي سڀ مشاھدي ھيٺ اچي چڪا ته پوءِ وري خيال ٿيو ته ھاڻي وري واپس علم جو دڳ وٺجي. انهيءَ زماني ۾ بدقسمتي سان اسان جي جھوپڙين ۾ اچي باھه لڳي، جيڪي ڪک ڪانا گڏ ڪري مس مس وڃي جوڙيون ھيوسين. اھي گھرن ۾ پيل مختصر سامان سميت باھه جو بک بنجي ويون. اسان لاءِ اھو حادثو ھڪ وڏو صدمو ھيو، پر شڪر آھي جو اسان جون مينهون ۽ مال بچي ويو. اسان عارضي طور وڃي مامي سُھيلي جي گھر ۾ پناھه ورتي ۽ ٻئي طرف وري ڪک ڪانا ۽ ڪايا گڏ ڪري جھوپڙيون جوڙڻ شروع ڪيوسين.
آئون حسبِ معمول صبح جو مينهون ڇوڙي، پھرين وڏيري حبيب الله جي اوطاق تي ويندو ھوس، جتان مجيرين جي مال سان گڏجي ديھه 11-دم ڏانهن مال ڪاھي وڃبو ھو. روزانه انهيءَ انصاري چوڪ واري گھٽيءَ مان گذرندي، سامھون اسڪول ۾ ٻارن کي پنهنجا سبق زور زور سان پڙھندي ٻُڌندو ويندو ھئس. ھيءُ اسڪول ھندن جي خالي ڪيل ھڪ وڏي ڀانڊي ۾ ھلندڙ ھو. انهيءَ اسڪول ۾ ھڪ دراز ريش، گيڙو پڳ ٻڌل استاد ٻارن کي پاڙھيندي ڏسندو ھئس. اھو صوفي منش استاد روزانه منھنجي ڌيان جو مرڪز بڻجندو پئي ويو، پوءِ دل ۾ خيال جاڳيو ته ڇونه انهيءَ صوفي صفت استاد وٽ وڃي علم پرائڻ خاطر حاضر ٿجي. نيٺ ھڪ ڏينهن شام جي وقت جڏھين مال ڪاھي گھر موٽيس، سج لٿي ماني کائيندي، مون پنھنجي والد صاحب کي چيو ” بابا! ھاڻي آئون مينهون ڪونه چاريندس، ھاڻي آئون اسڪول وڃي پڙھندس!“
منھنجي ان اعلان کي بابا سائين بلڪل قبول ڪندي چيو ته ” بابا! جيڪا تنھنجي مرضي تون ڀلي اسڪول وڃي پڙھه!“
سو ھڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ آئون پاڻ ان اسڪول ڏانهن ھليو ويس، جنهن جو روز مشاھدو ڪندو ھيس. انهيءَ مھربان صورت استاد جو وڃي سلام ڪيم. عرض ڪيومانس ته آئون حرن واري ڪئمپ جي اسڪول ۾ چوٿون درجو سنڌي پڙھندو ھيس، ڪجھه سال مال جو ڌراڙ ٿيس، ھاڻي وري پڙھڻ جو شوق ٿيو اٿم، ان لاءِ حاضر ٿيو آھيان. استاد سائين چيو ته ” بابا! انهيءَ اسڪول جو سرٽيفڪيٽ کڻي اچ ته توکي اسڪول ۾ داخل ڪيون!“
واپس گھر اچي امان کي سرٽيفڪيٽ ڳولڻ لاءِ چيم. ھن مامي جي گھر جي ڀتين جي جارن ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن اھو ڪاغذ ڳوليو، پر ڪونه لڌو. واپس وڃي استاد سان ڳالھه ڪيم. چيائين ته ” بابا! ھاڻي ھيئن ٿا ڪريون، جو آئون تنھنجو امتحان ٿو وٺان، پوءِ جھڙي درجي جو لائق ھوندي ان ۾ توکي ويھاريندس!“
پوءِ انهيءَ مھربان سائين سليٽ تي مونکان ”صورت خطي“ لکرائي ان کي چيڪ ڪيو، ڪجھه بيت پڙھڻ لاءِ چيائين ۽ آخر ۾ ٻه سليٽي حساب ڪرڻ لاءِ ڏنائين، جيڪي ٻئي مونکان حل نه ٿيا. پوءِ سائينءَ چيو ته ” بابا! سڀاڻي کان تون اچي، ھن ٽئين ڪلاس جي شاگردن سان گڏجي پڙھائي شروع ڪر!“
اھو محترم ۽ مھربان سائين، سومر خان لغاري صاحب ھيو، جيڪو ڳوٺ جعفر خان لغاري جو رھواسي ھيو. بھرحال ٻئي ڏينهن آئون ھٿ منهن ڌوئي، ڏندڻ پاڻي ڪري، سليٽ پين کڻي وڃي اسڪول ۾ ويٺس، جتي ٿورن ڏينهن پڄاڻان اسڪول جي سڀني ٻارن سان شناسائي ٿي وئي. ٿورن ڏينهن اندر کوڙا، ونڊ ۽ ضرب جا حساب سڀ وري ذھن ۾ اڀري ياد ٿي پيا ۽ سائينءَ کي ٻڌايم ته اھي حساب ھاڻي آئون حل ڪري سگھان ٿو. استاد امتحان ورتو ۽ پوءِ مونکي چوٿين ڪلاس ۾ ويھڻ جي اجازت ڏنائين. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ امان کي منھنجو سرٽيفڪيٽ به جاري ۾ رکيل ڪپڙي ۾ ويڙھيل ملي ويو ۽ اھو مون وڃي استاد جي حوالي ڪيو. ان بعد اسڪول ۾ منھنجي باقاعده داخلا ٿي ۽ پڙھائيءَ جو ڪم شروع ٿي ويو. سائين سومر خان لغاري جي شبيھه جو آئون اڄ به تصور ڪريان ٿو ته مونکي گرونانڪ جي شڪل واري بزرگ جي تصوير ذھن ۾ اڀري ٿي. ھي صوفي منش استاد منھنجي واپس پڙھڻ لاءِ اتساھه جو سبب بنيو. سائين اھڙو ته پيارو استاد بلڪه ”گرو“ ھو، جيڪو ٻالڪن تي ھميشھ مھربان رھندو ھئو. ھن وٽ ٻارن لاءِ ” پيار جي سنوار“ وارو فلسفو ھئو.
اسان جو اسڪول ھندو لوڪن جي خالي ڪيل ھڪ وسيع ڀانڊي ۽ رستي سان قائم ورانڊي ۾ قائم ھيو. ان جي ديوارن تي ڪنهن خوشخط استاد حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح جا قلمي اکرن ۾ بيت لکي ديوارن سان چنبڙائي رکيا ھئا. مونکي اھي بيت ڏسندي ياد ٿي ويا. انهن بيتن ۾ ھڪ بيت تمام وڏن اکرن ۾ آئون روزانو پڙھي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس، اھو بيت ” وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سجھن نيلا“ جي سٽ سان شروع ٿيندو ھو. آئون اھو سوچيندو ھئس ته اھي نيلا نانگ ڪھڙا ھئا، جيڪي ويچاري سسئي جو رستو روڪيو بيٺا ھئا! ھتي حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو ذڪر نڪتو آھي ته حضرت شاھه عبداللطيف جي رسالي جو ھڪ نسخو (مرزا قليچ بيگ وارو) منھنجي مامي وٽ موجود ھوندو ھئو. آئون ان رسالي مان بيت پڙھڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس ۽ ٽئين درجي ۾ پھچڻ تائين ڪچي ڦڪي انداز ۾ شاھه صاحب جو سمورو رسالو پڙھي ڇڏيو ھئم. منھنجو مامو سُھيلو بھڻ پڙھيل لکيل ماڻھو ھو. مونکي ياد آھي ته جھول شھر جا اڪثر ماڻھو وٽس ان ڪم لاءِ ايندا ھئا ته کين آفيسرن ڏانهن درخواستون لکي ڏئي. مامي سُھيلي جا اکر تمام سھڻا ۽ لکڻي صاف سٿري ھوندي ھئي، ان کي ڏسي مونکي سھڻا اکر لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان زماني ۾ درجي چوٿين، پنجين ۽ ستين تائين ھڪ عجيب و غريب مضمون (Subject) ھوندو ھو ” ليٽر پڙھڻ“ ان لاءِ استاد ڇا ڪندا ھئا، جو مٿئين ڪلاسن جي شاگردن کي اسڪول جو وزيٽرس بوڪ ڏئي، ان مان وزٽ نوٽ پڙھڻ لاءِ چوندا ھئا. مقصد اھو ھو ته شاگرد مختلف ماڻھن طرفان لکيل ھٿ اکر رواني سان پڙھي سگھي. انهن اکرن ۾ ڪن صاحبن جي اڌ اکري انداز ۾ به تحريرون ڏسي پڙھڻيون ھونديون ھيون. ھڪ دفعي استاد اسان کي وزيٽرس بوڪ ڏنو، جنهن ۾ عبدالڪريم سنديلي نالي صاحب جا وزٽ نوٽ پڙھڻا ھئا. سنديلي صاحب جا اکر تمام پرڪشش، سھڻا جھڙوڪر موتين جا داڻا، ڏسي مون ڪوشش ڪئي ته آئون به ان طرح ۽ اسٽائيل ۾ اکر لکان. ان زماني ۾ اھا چوڻي مشھور ھئي ته ”سھڻا اکر اڌ علم آھن.“ اسان جي اسڪول ۾ اڪثر ڪري صورتخطي جانچڻ وقت استاد شاگردن جي سھڻن اکرن لاءِ لفظ ”شاباس“ لکندا ھئا. ان ڪري شاگردن ۾ اکرن جي سھڻائيءَ لاءِ وڌيڪ شوق جاڳندو ھو. اسان جي اسڪول ۾ گنگو نالي ھڪ ميگھواڙ ڇھين، ستين ڪلاس ۾ پڙھندو ھو، ان جا اکر تمام سھڻا ۽ بلڪل عبدالڪريم سنديلي جي صاحب جي تحرير وانگر ھئا. ھي گنگو ميگھواڙ عجب قسم جو ماڻھو ھو. جنهن وقت اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙھندو ھيو، سندس خرچ پکو مير الھه بخش خان ٽالپر جي طرفان ملندو ھو. اڪثر ڪري مير صاحبن جا لاٿل وڳا وڏي شان سان پھري اسڪول ۾ ايندو ھو. ھي ميگھواڙ فيملي اصل ۾ ڳوٺ ” اڀپور“ جي رھاڪو ھئي. ھنن جا وڏا چمڙي جي ڪم جا وڏا ڪاريگر ھئا، وقت جي اميرن لاءِ چاندي مڙھيل جتيون ٺاھڻ ۽ گھوڙن جي سنجن تي چانديءَ جو ڪم سندن مشھوري ۽ شاھوڪاريءَ جو باعث ھئو. سندن عورتون ڀرت ڀرڻ جون ڪاريگر ھيون. ھاڻي ته اھي سڀ ھنر ۽ فن ماضيءَ جو قصو بنجي ويا آھن. اسان وارو اسڪول فيلو گنگو ميگھواڙ سنڌي فائنل امتحان ۾ ويٺو، خبر نه آھي ته ڪھڙي سبب امتحان ۾ ناپاس ٿي پيو. ان بعد سندس ذھني حالت عجيب غريب ٿي وئي. سفيد پٽڪو ٻڌندو ھو ۽ وڏي لنبي ڏاڙھي ڇڏي ڏنائين ۽ مڇون ڪوڙيل. مزي واري ڳالھه اھا ته مسلمانن سان اسڪول ۾ پڙھڻ دوران کيس قرآن شريف جون ڪافي صورتون برزبان ياد ھونديون ھيون، بلڪل عالم فاضل لڳندو ھو. کيس مسلمانن کان اھا شڪايت ھئي ته کانئس وياج تي ڏوڪڙ وٺي واپس ڪونه ڪندا ھئا. ڪچي ٻول ۽ وياج تي ڏوڪڙ ڏيڻ ڪري وٽس چڱي خاصي رقم موجود ھوندي ھئي. ڪڏھين ڪڏھين ڇا ڪندو ھئو، جو ملڪ جي ڪنهن ڏورانهين ھنڌ وڃي فقراءَ بنجي زڪوات، خيرات وٺندو ھئو. ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي ته لاڙ جي پاسي پنھنجي پاڻ کي سيد سڏائي، خير خيرات جو ڌنڌو ڪري رھيو ھو ۽ پنھنجو نالو سيد علي ڏنو شاھه ڪوٺايائين. شڪ ۾ پوليس کيس گرفتار ڪيو ۽ جڏھن جھول وارن کي خبر پئي، تڏھين مون سائين علي ڏني شاھه قلندر بخاري کي چيو ته ” يار! گنگو، تنھنجي نالي تي خيراتون پيو وٺي!“ سائين چيو ته ”يار گنگوءَ جو اڀپور وارن جي مٿان الاھي قرض رھيل آھي، ڳوٺاڻي ھجڻ ڪري جيڪڏھن منھنجو نالو اختيار ڪري خيرات ورتي اٿس ته معاف اٿس!“
جھول شھر جي مين روڊ جي اتر ۾ ھڪ ھائوسنگ ڪالونيءَ ۾ گنگوءَ ھڪ پلاٽ خريد ڪيو. ان پلاٽ تي جھول شھر جي ھڪ سياستدان ۽ مدرسي جي ھڪ مھتمم قبضو ڪيو. گنگو گھڻو ئي گوڙ ڪيو، مختلف ماڻھن جي درن تي وڃي دانهن ڏنائين، نيٺ پئنچن چيس ته ”ويھه ته فيصلو ٿا ڪريون!“ فيصلي ۾ کيس چيائون ته ” چڱو ھاڻي توکي پلاٽ جا ڏھه ھزار ٿا ڏيون!“ اھو فيصلو ٻڌي گنگو چيو ته ”آئون اوھان سڀني کي سڃاڻان! منھنجو حق کائڻ لاءِ سڀ متفق آھيو! مون اوھان جي تاريخ پڙھي آھي، اوھان وحشي ماڻھو آھيو، اوھان کان انصاف ڪونه ملندو. منھنجو پلاٽ اوھان ڦٻائي چڪا آھيو، ھاڻي مونکي اھي ڏھه ھزار ڪونه ٿا کپن!!“