آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

ميرپورخاص کي الوداع ۽ تعليم جي سفر جو اچانڪ خاتمو

ميرپورخاص کي الوداع ۽ تعليم جي سفر جو اچانڪ خاتمو

انهيءَ سال آئون ھاءِ اسڪول ۾ ڇھين درجي انگريزيءَ جو لوڪل امتحان ڏيئي رھيو ھوس ته اچانڪ الفقراءَ اخبار کي بند ڪيو ويو ۽ فقير صاحب لڏو کڻي ڪري سانگھڙ واقع پنھنجي زمينداري لاءِ سارڪي ڪنڊي ديھه ڏانهن ھليو ويو. الفقراءَ جنهن ھندڪي جڳھه ۾ ھلندڙ ھئي اھا جاءِ ڪنهن مھاجر کي ڪليم ۾ ملي چڪي ھئي. ان جڳھه خالي ڪرائڻ لاءِ قانوني چاره جوئي جاري رکي. فقير صاحب جي چاھي ھا ته اھا جڳھه ڪليميءَ کان خريد ڪري پئي سگھيو. پر ھن ميرپور ۾ رھڻ جو ارادو ڪونه ٿي رکيو.
انهيءَ دوران مون چاھيو پئي ته امتحان جا ھڪ ٻه پيپر پورا ڪري پوءِ ڳوٺ وڃجي. آخري رات ۽ صبح جو بغير ڪنهن نيرن ناشتي جي مون وڃي آخري پيپر ڏنو. ان بعد واپس اچي پنھنجي ڪتابن جي ھڙ ٻڌي ڳوٺ واپس اچڻ جي تياري ڪيم. ھڪ ته ان ڏينهن مون وٽ منجھند جي مانيءَ لاءِ پئسو نه ھو، اھا بک جھليو پئي ھليس. ٻيو وڏو مسئلو ھو ته ميرپور خاص کان جھول تائين مون وٽ ريل جو رپيو سوا جي ٽڪيٽ لاءِ رقم به موجود ڪونه ھئي. بھرحال تمام گھڻي ڏک ۽ بک کي ساڻ کڻي، اچي ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن جي گيٽ تي بيٺس. راجا واري ريل گاڏي جيڪا جھول کان اچڻي ھئي ان جي انتظار ۾ ته متان ڪو جھول مان واقفڪار ماڻھو ملي وڃي! خوشقسمتيءَ سان جھول مان منھنجو پاڙيسري ۽ واقفڪار ھمراھه گيٽ تي نمودار ٿيو، اڳ جھلي ھمراھه سان وڃي مليس، کيس احوال ٻڌايم. ھن چيو ته شھر ۾ ٿورو ڪم آھي، اھو لاھي واپسيءَ واري ٽرين ۾ جھول ھلون ٿا. انهيءَ درميان ان دوست منجھند جي ماني پڻ کارائي. اھڙي طرح تمام گھڻي مايوسي پاڻ سان کڻي آئون جھول اچي گھر ڀيڙو ٿيس. يعني ته علم جو سفر ختم. Back to square one. وري ساڳئي زيرو تي زندگي اچي ڇيھه ڪيو. منھنجي تعليمي سفر جو اچانڪ خاتمو ٿيڻ، مون لاءِ تمام وڏو دلي صدمو ھيو. پر ڇا پئي ٿي سگھيو. والدين جو حال تمام غريباڻو ھو. منھنجي سوچ به مايوسيءَ ۾ بلڪل ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
بھرحال منھنجي گھر واپس اچڻ ڪري امان ڏاڍي خوش ٿي. سڀ کان پھريائين منھنجي ڪمزور صحت کي ڏسي چيائين ته ” ابا! شھر جي مرچن وارن کاڌن توکي تمام گھڻو نقصان پھچايو آھي.“ واقعي ميرپور جي کاڌن ۾ سواءِ مرچن جي ٻيو ڪجھه ڪونه ھو.
ھڪ ته ڪئمپ ۾ ٻاروتڻ جي شروعات ۾ ئي، منھنجي صحت کي وڏو ڇيھو رسيو، ڇو ته قيد ۾ صحت مند کاڌو ميسر ڪونه ھيو. منھنجو ڏٻرو جسم Malnutrition جو اڳ ئي شڪار ٿيل ھو. تنهنڪري اسڪول جي دوستن منھنجو نالو ئي ” سنهڙو“ رکيو ھو. ميرپور خاص جي ماحول ويتر منھنجي صحت کي خراب ڪري ڇڏيو. ان لاءِ امان منھنجي کاڌي پيتي جو خاص بندوبست ڪيو. صبح جو کير ولوڙڻ وقت منھنجي لاءِ ”مھيءَ“ جي وٽي ڀري رکندي ھئي. آئون مکڻ ۽ مھيءَ سان نيرن ڪندو ھوس. ڪجھه ڏينهن کير، مکڻ ۽ لسيءَ جي خوراڪ طبيعت ۾ ڪجھه قدر بھتري ضرور آندي.