ڀٽي صاحب جي سانگھڙ ۾آمد (مارچ 1970)
اھو 1970ع جو زمانو آھي، ڀُٽي صاحب وڏي جاھه و جلال سان اليڪشن مھم خاطر سانگھڙ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي جلسي ۾ جلوه گر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ڄام صادق علي، جيڪو پير صاحب پاڳاري جي پارٽيءَ جو خاص ماڻھو ھو، ان صاحب اچانڪ ڪنهن اشاري تي پير صاحب پاڳاري جي پارٽي ڇڏي وڃي، پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. نه صرف ايترو پر سانگھڙ ۾ پيپلزپارٽيءَ جا پير ڄمائڻ لاءِ ڄام صاحب سانگھڙ جي مشھور جوڻيجا خاندان حاجي محمد حيات جوڻيجو جي فرزندن کي به ڏٽا ڏيئي پيپلز پارٽي ۾ شريڪ ڪيو. ڄام صادق عليءَ جي سياست ڪنهن مٿئين اشاري موجب ھلندي ھئي. يحى حڪومت جي تحت جڏھين اليڪشن جون تياريون ٿي رھيون ھيون، ان وقت به ڄام صاحب، پير صاحب پاڳاري جي پارٽيءَ ۾ ھو. انهيءَ زماني ۾ پير صاحب جي حڪم تي مشرقي پاڪستان وڃي شيخ مجيب سان مليو. پير صاحب پاڳاري چونڊن ۾ شيخ مجيب سان سياسي الحاق ڪرڻ پئي چاھيو. شيخ مجيب، پير صاحب جي ان آڇ جي آجيان پڻ ڪئي ھئي. حڪمت عملي اھا ھئي ته جيڪڏھن شيخ مجيب جي پارٽيءَ جا ڪجھه ميمبر جيڪڏھن مغربي پاڪستان مان اليڪشن جيتي اچن ھا ته پوءِ شيخ مجيب کي آل پاڪستان ليول تي حڪومت جوڙڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿئي ھا. ھتان کان سنڌ جو ڏاھو سياستدان قاضي فيض محمد، شيخ مجيب جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل ھو. پر ڇا ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ ان وقت جي جرنيلن پير صاحب کي شيخ مجيب سان گڏجي سياست ڪرڻ کان منع ڪئي. ظاھر آھي ته شيخ مجيب جي پارٽيءَ کي مغربي پاڪستان ۾ قدم رکڻ کان روڪيو ويو.
ان زماني ۾ ڍاڪا ۾ آمريڪي سفارت خاني جو ڪائونسليٽ پنھنجي ڪتاب “ The Cruel Birth of Bangladesh” ۾ لکي ٿو ته، ھڪ ڏينهن شيخ مجيب سخت ڪاوڙ ۾ مونسان اچي مليو. شڪايت ڪيائين ته مغربي پاڪستان وارا فوجي پير صاحب پاڳاري تي سخت دٻاءُ وجھي رھيا آھن ته ھو منھنجي پارٽيءَ سان اتحاد ختم ڪري! مطلب ته ان وقت ئي اھي ارادا ظاھر ٿي چڪا ھئا. يعني ته ” اڌر هم. اُڌر تم!“