خاصخيلي پاڙي ۾ اسان جون اروڙيءَ جي ڍير مٿان ٺاھيل جھوپڙيون به ھندو پراپرٽي ۾ شامل
مونکي اھو ڏينهن ياد آھي جنهن ڏينهن گھنڊڻ جا ٻه رانگڙ ڀاءُ (سلامو ٺونٺو) صبح ساڻ اچي اسان کي گھران سڏيو. ۽ ڪليم جا ڪاعذ ڏيکاريندي چيائين ته ھي اوھان جا گھر جھوپڙا، جنهن پلاٽ تي اڏيل آھن، اھو اسان کي ڪليم ۾ مليو آھي. تنهنڪري توھين قبضو خالي ڪريو. انهيءَ دوران مون ان زماني جي ڪليڪٽرن، مختيار ڪارن کي درخواستون موڪليون ته اسان جا گھر واڻين جي نه پر ڳوٺ جي زمين تي ٺھيل آھن. جتي ھندو پنھنجي ڳئن جا ڇيڻا اڇلائيندا ھئا، پر ڪجھه نه وريو. مونکي صلاح ڏني وئي ته نوابشاھه ۾ سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ وارن جو دفتر آھي، اتي وڃي اھڙي درخواست پيش ڪر.درخواست سنڌي ٻولي ۾ صاف، سھڻن اکرن سان لکي وڃي پيش ڪيم. اتي اردو ڳالھائيندڙ بابو ٽائيپ پان کائيندي چيو ته درخواست اردو ۾ لکائي اچ! ٻاھران الاھي ٽائيپسٽ ماڻھن جون درخواستون ٽائيپ ڪري رھيا ھئا. انهن کان انگريزي ۾ عريضي ٽائيپ ڪرائي، پان کائو ڪلارڪ کي پيش ڪيم. جنهن پڙھي چيو ته”آپ ڪي گھر جس پلاٽ پر واقع ھين، وه ھندئون ڪي ڇوڙي ھوئي زمين پر واقع ھين، اور ڪليم مين مھاجرون ڪو مل گئي ھين، اس ليي مين ڪڇ نهين ڪر سڪتا!“
منھنجي روينيو کاتي کي ڏنل درخواست جي نتيجي ۾ ھڪ ڏينهن مختيار ڪار تعلقو سنجھورو جن سرزمين ڏسڻ لاءِ جھول ۾ تشريف فرما ٿيا. مون موقعي تي مختيار ڪار صاحب کي ٻڌايو ته اسان جا گھر ڪنهن به ھندڪي پلاٽ تي واقع نه آھن، پر ڳوٺ جي حصي ۾ آھن. ان ڪري ڪليميءَ جو ڪليم رد ڪيو وڃي. مختيار ڪار صاحب سنڌي ماڻھو ھو. ان کي به حاجي سخاوت ڪليمي ايجنٽ ڏئي وٺي پنھنجي فائدي ۾ فيصلو ڪرائي ڇڏيو.
پوءِ ڇا ڪيائين جو اسان واري گھرن جا پلاٽ ۽ منھنجي مامي جي جڳھه گھنڊڻ وارن رانگڙن کان خريد ڪري ورتائين ۽ اسان کي قبضو ڇڏي ھتان لڏي وڃڻ جو چوڻ لڳو.
ھڪ ڏينهن جھول يونين ڪائونسل جي چيئرمين وڏيري خدا بخش ڪيريئي صاحب کي اھو سخاوت حسين وارثي عرف حاجي ڊالڊا اسان کي سمجھائڻ وٺي آيو. مون وڏيري صاحب کي چيو ته ھيءُ ماڻھو توھان جو خاص الخاص ماڻھو آھي. ھن کي چئو ته اسان جي پچر ڇڏي، اھي پلاٽ اسان کي وڪرو ڪري ڏئي. مون ڏٺو ته وڏيري خدابخش جو ان ماڻھو چوڻ نه ڪيو. ھڪ دفعي قاضي محمد عالم معصوم ، حاجي ڊالڊا کي چيو ته اسين ھاڻي تنھنجي ڪليمي ڪاروبار کي اخبارن ۾ لکنداسون. تنھنجي خلاف تحريڪ ھلائينداسون. تو اسان سنڌين کي ڇا سمجھيو آھي! ٻئي پاسي مير جان محمد خان ٽالپر به سخاوت حسين وارثيءَ جو سخت مخالف ھيو، ڇاڪاڻ جو اھو سخاوت وڏيري حاجي خدا بخش ڪيريئي صاحب جي لابيءَ جو خاص سياسي صلاحڪار ھو. ۽ ڪيريئي صاحب کي جيئن ته يونين ڪائونسل جي چيئرميني لاءِ مھاجرن جي ووٽن جي ضرورت ھئي. بھرحال ھڪ ڏينهن سخاوت وارثي مونکي چيو ته ”آئون پلاٽ اوھان کي وڪرو ڪري ڏيان ٿو، پر قيمت جيڪا آئون طلب ڪندس، اھا اوھان کي ڏيڻي پوندي!“ مون لاچار اھا ڳالھه قبول ڪئي ۽ ھاڻي اسان انهن اروڙي وارن مختصر پلاٽن جي خريداري ۾ ٽي ڄڻا گڏجي خريدار ٿياسون. منھنجي مرحومه ھمشيره، محمد صديق بھڻ ۽ مون اھي پلاٽ سخاوت کان رجسٽري ڪرائي ورتا! ھن ماڻھو اتي به بس نه ڪئي، پر مرندي مرندي ساڳئي نمبر وارا، اسان کي وڪرو ڪيل پلاٽ ٻيھر پنھنجي ھڪ نام نهاد وارث پٺاڻ طالب علم کي لکي ڏئي ويو. حالانڪه اسان جي رجسٽري تعلقي آفيس جي دفتر ۾ داخل ٿيل ھئي، جنهن جو مون وٽ سچو نقل به موجود آھي. ويندي ويندي لکنئو جو ٺڳ آخري ٺڳي ڪري چڪو، جنهن جي خبر مونکي چاليھارو سال گذرڻ کان پوءِ ھاڻي پئي آھي!
جھول شھر ۾ ھندن جي ڇڏيل ملڪيتن ۾ سنڌي ماڻھن مان مرحوم حاجي فتح علي لسڪاڻيءَ ڀرپور فائدو ورتو. حاجي صاحب پڙھيل لکيل ماڻھو ھو، جڏھن عالمي جنگ دوران ھتي ڪپڙي لٽي جو ڪال ھو. ڇاڪاڻ ته ڪپڙو انگلستان مان ايندو ھو، عالمي جنگ جي ڪري اھو اچڻ بند ٿي ويو. ھند انگريز حڪومت ھتي ڪپڙي جا ڊيپو کوليا. جھول وارو ڊيپو حاجي فتح علي لسڪاڻي ھلائيندو ھو. ياد رھي ته عالمي جنگ دوران ھتي ماڻھن کي ڪفن لاءِ ڪپڙو به ڪونه ملي سگھندو ھو. حاجي فتح علي لسڪاڻي ساڳئي وقت مسلم ليگ جو گارڊ پڻ ھو. پاڻ چوندو ھو ته ھندستان کان ايندڙ مھاجرن کي ريلوي اسٽيشن تي وڃي سندن آجيان ڪندا ھئاسون.کين دعوت ڏيندا ھئاسون ته ھندن جي خالي ڪيل مڪانن ۽ ملڪيتن ۾ ھلي آباد ٿين. انهن ڪليمن جي ڌنڌي مان اسان جي يار محترم حاجي غلام نبي شر صاحب به چڱو موچارو فيض حاصل ڪيو.
ھوڏانهن آسپاس ۾ سنڌي الاٽي ھاري زمين تان بي دخل ڪيا ويا، انهن غريبن کي ڏھه ٻارھن سال خود کيڙڻ ۽ کائڻ جو جيڪو موقعو مليو، اھو اوچتو ختم ڪيو ويو ۽ سندن معاشي حالت ويتر خراب ٿي وئي. سماجي طور به اھو ھڪ الميو ٿي گذريو ته اھي لڏي آيل جڏھين خود ھاري ھئا ته ان وقت سنڌي ھارين سان سندن تمام دوستانه تعلقات ھئا. ھڪ ٻئي جي ھارپ واري زمينن تي ھڪ ٻئي جون ونگارون وھندا ھئا، شادي غميءَ ۾ به ھڪ ٻئي جي سان شريڪ ٿيندڙ ھئا پر پوءِ جڏھين ھنن لڏي آيل ماڻھن کي ڪليم ۾ زرعي زمينون ملي چڪيون ته اھي سماجي تعلقات تبديل ٿي چڪا ۽ ھو پاڻ کي زميندار ۽ وڏي اھميت وارا اعلى شھري سمجھڻ لڳا، نون پراڻن ماڻھن ۾ جيڪا ثقافتي ويجھڙائي پئي ٿي اھا ختم ۽ ھڪ نئون حاڪم ڪلاس جُڙي پيو.