ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جي دنيا
سڪرنڊ شھر کان ھڪ ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف مين روڊ تي ٽريننگ ڪاليج جي وسيع ڪئمپس مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ھاسٽل انچارج استاد صاحب ڪمرو نمبر الاٽ ڪيو، جنهن ۾ اسان ٽي ساٿي گڏجي رھڻ لڳاسين. منھنجي ھنن ساٿين ۾ محترم مراد علي خان ڪلوئي ۽ مولا بخش حاجياڻو صاحب ھئا. ھنن دوستن سان اڳواٽ تعارف ۽ دوستي قائم ھئي. تنهنڪري ھاسٽل ۾ رھائش دوران ڪافي خوشگوار ماحول جڙي پيو.
سڪرنڊ شھر کان ھڪ ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف نيشنل ھاءِ وي لڳ اولھه طرف اسان جي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول/ ڪاليج جي ڪئمپس واقع ھئي. اولھه اوڀر جي رخ سان ھاسٽل جا ٽي يونٽ پور وڇوٽ قطارن ۾ تعمير ٿيل ھئا. ھر ھڪ قطار جي درميان ھاسٽل انچارج جو ڪمرو موجود. ھاسٽل جي ورانڊن کي ڪاٺ جي ڄاري ڏنل، اوڀر پاسي راند جو ميدان، جنهن ۾ والي بال ۽ باسڪيٽ بال جا نيٽ لڳل. انهيءَ راند جي ميدان سان لاڳو ڪاليج جي پرنسپال ۽ سنيئر استادن جون رھائشي جايون موجود.
ڪاليج جي اڪيڊمڪ عمارت تمام شاندار نموني سان تعمير ٿيل. عمارت جي مرڪز ۾ ھڪ ٻئي مٿان ٻه وڏا ليڪچر ھال، ان سان متصل اڀرندي الھندي استادن جون آفيسون ۽ پرنسپال صاحب جي آفيس واقع ھئي. مين بلڊنگ جي ڏکڻ ۾ پارڪ، پارڪ وٽ سيمينٽ سان جڙيل ڌرتيءَ جو وڏو گولو (Globe) ٺھيل، جنهن تي دنيا جي اھم ملڪن جا نقشا ۽ نالا لکيل.
مون ڏٺو ته ڪاليج جي مرڪزي عمارت تي ان وقت جي گورنر سنڌ سر لئنسلاٽ گراھم جي نالي وارو بنيادي پٿر لڳل ھو، جنهن مان خبر پئي ته اصل ۾ ھيءُ ادارو زرعي تعليم جي خاطر جوڙيو ويو ھو. جيڪو خبر نه آھي ڪھڙي سبب بند ڪيو ويو ۽ ان عمارت ۾ ٽيچرس ٽريننگ جو ادارو ھلايو ويو.
مون اسان واري ھاسٽل جي ڪمري ۾ ٻن ڪٻٽن جي طاقن تي ڪن ھندو شاگردن جا نالا لکيل ڏٺا. جنهن مان معلوم ٿيو ته ھي زرعي ڪاليج، زرعي گريجيوئيٽ جي تعليم لاءِ برپا ڪيل ھئي. ھاسٽل جي ڪمرن ۾ بجلي به ھلندڙ ھئي. مگر موجودھ وقت ۾ اھو انتظام موجود ڪونه ھو. تنهن ھوندي به ھاسٽل ۾ نوابشاھه جي گرمي ھوندي به ڪمرا گرم محسوس ڪونه ٿيندا ھئا. ورانڊي ۾ لڳل جعفري مان ھوا ٿڌي ٿي ڪمرن ۾ ايندي ھئي. تنهن ڪري پکي وغيره جي ڪا ضرورت محسوس ڪونه پئي ٿي.