وري واپس علم جي شاھراھه تي
منھنجو پرائمري ٽيچر جو آرڊر آڪٽوبر 1960ع ڌاري جو ٿيل ھو. ھاڻي آئون اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ تي دخلڪار ٿيڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس. ٽين جي ھڪ ننڍي پيٽي ۾ ٻه وڳا ڪپڙن جا، ڪجھه ڪتاب مير الھه بخش پبلڪ لائبريري مان ورتل. مونکي ياد آھي ته جيئن قاضي محمد عالم معصوم ھالائي، جھول ۾ حاجي خدا بخش ڪيرئي واري ماڙيءَ جي دوڪانن ۾ مير الھه بخش پبلڪ لائبريري جاري ڪئي ته ڪتابن پڙھڻ جي ڪشش مونکي لائبريري ۾ وٺي وئي. قاضي صاحب سان به شناسائي ٿي ۽ ڪتابن جي مطالعي جو مون لاءِ مرڪز به کلي پيو ھو.
ھاڻي سڀ کان پھرئين سوال اھو ٿيو ته آخرڪار مير الھداد ٽالپر جو اھو ڳوٺ ۽ اسڪول کپري جھڙي وسيع تعلقي ۾ ڪھڙي ھنڌ واقع آھي. مونکي ڪنهن ماڻھوءَ ڏس ڏنو ته اھو ڳوٺ سنڌڙي واري بان جي موريءَ کان ٿورو اوڀر پاسي، کپري روڊ جي اتر ۾ واقع آھي. سنڌڙي جي موريءَ کان بلڪل سڏ پنڌ ٿيندو ۽ اتر کان ھڪ وڏو ڪوٽ به ڏسڻ ۾ پيو اچي.
آئون بھرحال سنڌڙي موريءَ تي بس مان لھي، ٽين جي پيتي کڻي وڃي انهيءَ نواب الھداد جي ڪوٽ وٽ پھتس. ڪوٽ جي پراڻي دروازي کان اندر ھڪ وڻ ھيٺيان ٻه ٽي ھمراھه ويٺل نظر آيا. سلام دعا بعد مون کين ٻڌايو ته آئون مير الھداد جي ڳوٺ ۾ استاد مقرر ٿي آيو آھيان، مونکي اسڪول جو ڏس ڏيو. اھا ڳالھه ٻڌي ھڪڙي ھمراھه حقو پيئندي ھلڪي مسڪراھٽ سان وراڻيو ته ھيءُ ڪوٽ ۽ زمين برابر مير صاحب جي آھي ۽ اسين زمين جا مقاطعي دار آھيون پر ھتي ڪوبه اسڪول ڪونهي. مير صاحب جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي جاگيرون آھن، توھان جو اسڪول ڪنهن ٻئي ھنڌ ٿي سگھي ٿو. ان ويلي سج به ذري گھٽ لھڻ وارو ٿي چڪو ھو. ھاڻي وڃجي ته ڪھڙي پاسي! ان زماني ۾ ميرپور کپرو روڊ تي ايتري گھڻي ڪا بس سروس به موجود ڪونه ھئي. ھاڻي بس ڌڻيءَ تي رکي واپس اچي روڊ ورتم ھنڱورني شھر ڏانهن. ٿوري گھڻي اوندھه ٿي چڪي ھئي، اتي ھڪ دڪاندار کان ھنڱورني شھر جي پرائمري اسڪول جي پڇا ڪيم، نيٺ ڪنهن طرح سان اسڪول وٽ اچي پھتس. اسڪول جي استادن بابت پڇا ڪيم، مونکي ٻڌايو ويو ته سامھون ھڪڙي ڪمري اندر ھڪ ٻه استاد رھندڙ آھن!
بھرحال اتي وڃي ڪلوئي مھمان ٿي، زور سان سلام واريم. ھڪ ھمراھه نڪتو، مون کيس ڪونه سڃاتو، پر ھن مونکي سڃاڻي ورتو ۽ نالو وٺي چيائين ته ”الھورايا! يار ھتي ڪٿي؟“ پوءِ مون سڃاتو ته اھو استاد ”عبدالله ٽالپر“ منھنجي استاد عبدالرحيم ٽالپر جو ڀاڻيجو ھو ۽ اڳئي واقفڪار ھئاسون. مون کيس مون واري نوابي پرائمري اسڪول ۾ استاد جي نوڪري جي ڳالھه ٻڌائي. رات جو رھياسون ھنڱورني شھر ۾. اتي مونکي استادن ٻڌايو ته واقعي ميرن جون جاگيرون سنڌ ۾ پکڙيون پيون آھن. خبر نه آھي ته تو وارو اسڪول ڪٿي آھي. ھينئن ڪر جو کپري واري لاريءَ ۾ سوار ٿي، تعلقي اسڪول جي ھيڊماستر سان مل. جنهن وٽ سموري تعلقي جي اسڪولن جي معلومات آھي. صلاح کي ٺيڪ سمجھندي صبح جي وقت بس ۾ سوار ٿي وڃي کپري ۾ پھتس. اسڪول جو پتو پڇندي نيٺ وڃي تعلقي پرائمري اسڪول کي ڏوري ڏٺم. اسڪول ھندن جي پراڻي ڌرم شالا جي عمارت ۾ ھلندڙ ھو. تعلقي ماستر جو پڇائي وڃي ميز اڳيان بيٺس. ھڪ عجيب و غريب شخصيت کي ڪرسيءَ تي براجمان ڏٺم. ھڪ رعبدار مڇن وارو ڪُلو ٻڌل، ڪوٽ پاتل شخص جو وڃي سلام ڪيم. حال احوال ورتائين، اسڪول جي نالو ٻڌي مُڇن جي زير لب مسڪراھٽ سان چيائين ته ”بابا! ڏاڍي ڏکئي ھنڌ وارو اسڪول اٿئي! خير ھاڻي ائين ڪر جو ھتان کان ڪچي رستي تي ھڪ کٽارو بس کاھي پٿورو ويندي آھي. انهيءَ ۾ سوار ٿي وڃي کاھي شھر ۾ پھچي، اتان کان الھندي طرف کاھي کان ڦلھڏيون وارو ڪچو رستو ڏئي، ٻه ڪلوميٽر ڦلھڏيون جي پاسي پنڌ ڪندين ته رستي جي ڏاکڻي پاسي، مير الھداد ٽالپر وارو اسڪول واقع اٿئي!“ مونکي اھو به ٻڌايائين ته ”بابا! ٻه ٽي مھينا ٿيندا ته انهيءَ اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نوابشاھه ضلعي جو ھڪ ڀٽي ذات جو استاد دماغي ڳڙٻڙ سبب موڪل تي ھليو ويو آھي، ھاڻي تون وڃ! الله ڀلي ڪندو!“
بھرحال آئون ۽ مون واري ٽين جي ننڍڙي پيتي، انهيءَ ڪچي رستي واري کٽاري لاريءَ ۾ لوڏا کائيندا وڃي کاھي پھتاسون. اتان ڏس مطابق ڦلھڏيون رستو وٺي اسڪول جي تلاش ۾ روانو ٿيس. واٽ تي جيڪو به ماڻھو ٿي مليو ان کان ڏس پڇندو پئي ويس. نيٺ سج لٿي مھل ٻنين مان گذرندي وڃي مير الھداد جي جاگير واري ڳوٺ ۾ پھتس. اسڪول جي پڇا ڪرڻ تي ھڪ ٻن ميگھواڙ قوم جي ماڻھن کلندي، مونکي اچي اسڪول واري ھنڌ پھچايو. پوءِ اتي ھڪ اوڏڪي ڀت واري ڊٺل ڪمري ڏانهن اشارو ڪري چيائون ته ”ماستر! اھو اٿئي تو وارو اسڪول جيڪو گذريل برساتن ۾ ڊھي پيو آھي.“
منھنجي دل ۾ خيال اڀريو ته مير الھداد ٽالپر ميرپور سرڪار جي ٽالپر حاڪمن جي نشاني، سنڌ ۾ دولتمند ۽ شاھوڪار ترين شخصيت جي ديھه ھالارو، تعلقي کپري واري جاگير واري ڳوٺ جو اسڪول ڊٺو پيو آھي يعني ” نام بڙا، درشن ڇوٽا!“
خير ٿوري دير کان پوءِ مير صاحبن جو مئنيجر جيڪو چانڊيا ذات جو ڀلو مڙس ھو، اھو اچي مونسان مليو. سندس چوڻ ھو ته اڳوڻو استاد بيماري سبب موڪل تي ھليو ويو، پويان اوڏڪي ڀت وارو اسڪول جو ڪمرو برساتن ۾ ڊھي ويو، پر اسڪول جون بئنچون محفوظ پيون آھن. اسڪول جي رڪارڊ واري پيتي به پئي آھي.
مون کيس عرض ڪيو ته في الحال اھي بئنچون ھن ٻٻر جي وڻ ھيٺيان رکي ڏيو. ڪاٺ جو بليڪ بورڊ مون رسيءَ سان ٻٻر جي ٿڙ سان ٻڌي ٽنگي ڇڏيو. ڳوٺ ۾ تمام مختصر گھر ھئا، جن ۾ اڪثريت ميگھواڙ قوم جي ھئي. ھڪ ٻه گھر ماڇي قوم جا ھئا. چڱو موچارو گھر چانڊئي صاحب جو موجود ھو. مون کين عرض ڪيو ته ھڪ کٽ مھرباني ڪري ھن ٻٻر ھيٺيان رکي ڇڏيو. باقي ڪم منھنجو آھي ته آئون ڪيئن ٿو ھلايان.
ٻئي ڏينهن ٻٻر جي وڻ ھيٺيان اسڪول جي پڙھائي شروع ڪيم. ڪافي ڏينهن لڳا ٻارن کي سندن وساريل سبق ياد ڏيارڻ ۾. چانڊئي صاحب جو ھڪ فرزند ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندو ھو، ڪافي ادب ۽ لحاظ وارا ماڻھو ھئا. آئون اسڪول ٽائيم ۾ ٻٻر ھيٺيان پڙھائي ڪندو ھئس. ٻارن کي موڪل ڏئي، ٻٻر جي ڦرندڙ ڇانو ۾ کٽ ريڙھي، ان تي آرام ڪندو ھوس. ٽي ويلا ماني مئنيجر صاحب وٽان ايندي ھئي. صبح جو لسي ماني، ڪڏھن مکڻ ڦٽي، يا ڪڏھين چانهه ماني ملندي ھئي. منهجند به دال ماني ۽ لسي ملي ويندي ھئي. رات جو کير مانيءَ تي گذارو ٿيندو ھو.
مھيني ۾ ھڪ دفعو کاھي وڃي، اتان پگھار وصول ڪبو ھو. سواريءَ لاءِ غريب طبع گھوڙي سنجي ڏيندا ھئا. اُھا اچي کاھي شھر ۾ گھوڙن ٻڌڻ جي پڙيءَ حوالي ڪبي ھئي. جتي ھڪ ماڻھو چوڪيداري جي معمولي رقم وٺندو ھو. پگھار وٺي وري پوئين پير اسڪول ڏي واپس اچبو ھو. ڪڏھين کاھي شھر کان ڳوٺ پيادل به واپس اچبو ھو. رستي ۾ شر ذات جي ھمراھه جي رڍن جي واڙي ۽ گھرڙو ٺھيل ھيو، سندس ذھين پٽڙو مون وٽ پھرئين درجي ۾ پڙھندو ھو. اتان کان گذرندي جيڪڏھن شر بلوچ جي نظر پئجي ويندي ھئي ته حجت ڪري گھران کٽ کڻي، ڪنهن وڻ ھيٺ رکي، مکڻ مانيءَ سان لنچ ڪرائي پوءِ ڇڏيندو ھو. غريب ھاري ھوندي به ھي ھمراھه ڏاڍو دل جو سخي مھمان نواز بندو ھو.