ميلبرن ۾ سنڌي ماڻھن سان ملاقات
اسان جي گروپ کي ٻڌايو ويو ته آچر جي ڏينهن ميلبرن جي پاڪستاني ڪميونٽي جي طرفان اسان کي MONASH يونيورسٽي جي ھڪ پارڪ تي منجھند جي ماني جي دعوت ڏني وئي آھي. ان لاءِ آچر جي صبح جو ڏھين وڳي ڌاري ھاسٽل جي سامھون روڊ تي اچي بيھڻو آھي. پاڪستاني ماڻھن جون ڪارون اوھان کي اتان کڻي يونيورسٽي وٽ پھچائينديون. آئون ۽ حميد بلوچ ڪجھه دير سان وڃي سواري جو انتظار ڪرڻ لڳاسون، اسان وٽ ھڪ ڪار اچي بيٺي، ان جي اڳئين سيٽ تي ھڪ مائي ۽ ٻار ڊرائيور سان ويٺل ھئا. ڊرائيونگ ڪندڙ ھمراھه اسان کي انگريزي ۾ چيو ته ”پليز ! Any two“ مون حميد صاحب کي سنڌي ۾ چيو ته تون ٻئي پاسي پوئين پاسي در کولي پوئين سيٽ تي ويھه آئون ھن دروازي کان ويھان ٿو. اھو جملو ٻڌي ڪار ڊرائيور سنڌي ۾ چيو ته ”يار! سنڌي آھيو ڇا؟“ اسان چيو ته” ھا يار! اوھان به سنڌي آھيو!! يار ڪمال ٿي ويو جو اسان سنڌي ماڻھن جو نمبر اوھان سنڌي ماڻھن جي ڪار ۾ لڳو.“ ھن جذبات ۾ چيو ته ”يار! يونيورسٽي پوءِ ٿا ھلون، پھرئين اسان جي گھر ھلو.“ پوءِ روھڙي جي قاضي فيملي سان واسطو رکندڙ دوست اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويا. جتي سندن گڏيل خاندان سان ملاقات ٿي. خاندان جو سربراھه ڊاڪٽر قاضي ميلبرن يونيورسٽي ۾ پروفيسر ھيو. سندسن ٻه ڀاڻيجا به ساڻس گڏ اتي رھندڙ ھئا. ھهڙي ست سمنڊ پار ڊائون انڊر ملڪ ۾ سنڌي ماڻھن سان ملي ڏاڍي دلي خوشي ٿي. ان بعد موناش يونيورسٽي تي وڃي مانجھاندو ڪيوسين. اتي پاڪستاني ڪميونٽي رنگارنگ ميلي جو ماحول بنايو بيٺي ھئي. شام جو قاضي فيملي اسان کي چيو ته روزانو شام جو سندس گھر وڃبو ۽ سنڌ بابت ڪچھري ڪبي. پوءِ ٻه چار ڏينهن اسان جو ھن سنڌي خاندان سان تمام خوشي ڀريو وقت گذريو.