جھول جا خاصخيلي
جھول شھر جي ڏاکڻي پاسي خاصخيلين جو پاڙو جھول جو قديم پاڙو آھي. ھن پاڙي ۾ مکڻ خاصخيلي جو ويڙھو، آچر خاصخيلي ٻڪرار جو ويڙھو، مخدوم صاحب ھالا جي مريدن جو ڪٽنب، حاجي الھوسايو خاصخيلي، چاچي جونڪي وارن جو ويڙھو وسيل آھي. چاچي جونڪي وارا پاڻ ۾ ڇھه ست ڀائر ھئا، انهن جو اولاد ھن پاڙي ۾ رھندڙ آھي. چاچو جونڪي ڇپر ٻڌڻ جو وڏو ڪاريگر ھو. ھن تر ۾ کيس ڇپر ٻڌڻ لاءِ ماڻھو وٺي ويندا ھئا.
هالا جي مخدومن جي مريدن ۽ خليفن ۾ عيسو فقير آخري ڏينهن ۾ ڪاٺ وڍڻ جو ڪاروبار ڪندڙ ھو.
حاجي الھوسايو جھول جي خاصخيلين ۾ نهايت دلچسپ بزرگ ٿي گذريو آھي. سندس دوڪان شاھي بازار جھول ۾ واقع ھو. 1950ع ڌاري سندس دوڪان ۾ گھوڙي جا سنج وڪامندا ھئا. ان زماني ۾ ھن تر اندر ماڻھن وٽ وڏي تعداد ۾ گھوڙا سواري لاءِ ڌاريل ھوندا ھئا. ان ڪري گھوڙن جي سنجن جو ڪاروبار سٺو ھلندڙ ھو. پوءِ جڏھن اھو ڪاروبار ماٺو ٿي ويو ته حاجي الھوسائي مڻيارڪو وکر رکڻ شروع ڪيو. دراصل حاجي الھوسايو ھميشھ پنهنجا خيال پيو تبديل ڪندو ھو. آخري ڏينهن ۾ حاجي صاحب پنھنجي دوڪان ۾ ھيئر ڪٽنگ سيلون يعني حجامڪو ھٽ کوليو، جنهن ۾ ڪاريگري به پاڻ ڪندو ھو.
حاجي الھوسايو اصل ۾ موسيقي جو ماڻھو ھو. چون ٿا ته ڪچي جوانيءَ ۾ کيس راڳ سکڻ جو شوق ٿيو. ۽ ان وقت جي مشھور ڳائڻي احمد حاجياڻو جو وڃي شاگرد بڻيو. حج ڪرڻ بعد به مقامي شادي مُرادي جي راڳ جي محفل ۾ ھارمونيم کڻي پھچي ويندو ھو. آئون ساڻس راڳ بابت ڪچھريون ڪندو رھندو ھئس. آخري عمر ۾ حاجي صاحب محلي ۾ چندو ڪري ھڪ ننڍڙي مسجد تعمير ڪرائي. انهيءَ مسجد سڳوري جي خدمت ۾ مصروف رھندو ھو. مغرب جي اذان نهايت سريلي انداز ۾ ڏيندو ھو. آئون سندس راڳداري جي شوق بابت ڪڏھين ڪڏھين جامع مسجد جي مک دروازي وٽ ميھر ........ جي ميوزڪ شاپ تي ڪنهن شاستري پنڊت جي ڪئيسٽ کڻي ميھر کي چوندو ھئس ته حاجي صاحب صبح جي وقت جڏھين ڀاڄي خريد ڪرڻ لاءِ ڇٻو کڻي انصاري چوڪ وٽ پھچي ته تون اھا ڪئيسٽ وڄائڻ شروع ڪري ڇڏ. پوءِ حاجي الھوسايو راڳ جو آلاپ ٻڌي دوڪان وٽ رکيل بئنچ تي ويھي راڳ ٻڌي پوءِ بازار ويندو ھو.