مولوي محمد الياس پنهور
مولوي صاحب اصل دادو پاسي جو رھاڪو ھو، سندس شروع کان مقرري ھن ڪاليج ۾ ٿي ھئي. مولوي صاحب سادي طبيعت جو ھڪ خوش دل ماڻھو ھو. اسان جو سينيئر دوست چوڌري محمد علي، مولوي صاحب سان چرچا ۽ شرارتون ڪندو رھندو ھو. مولوي صاحب ھاسٽل ۽ ميس جو انچارج، پارڪن جو انتظام رکندڙ، پاڻيءَ جي واري وقت نظاماڻين جي ڪمدارن کان پنھنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪندو ھو. آسپاس جي مسجدن ۾ پيش امام ٿي رھيو. تنهنڪري محلي ۾ ڪافي واقفيت رکندڙ ھو.
مولوي صاحب سان ھڪ دفعي چوڌري محمد علي مزيدار شرارت ڪئي. اسان جي ڪاليج ۾ وئڪيشن دوران فوجين جي ھڪ ٽيم اچي رھندي ھئي. مولوي صاحب فوجين جو آڳو پيڇو ڪندو رھندو ھو. کين نمازون به پڙھائيندو ھو. وئڪيشن دوران فوجي پنھنجي ميس ھلائيندا ھئا. اڪثر ڪري ٻڪر ذبح ڪري گوشت رڌيندا ھئا. عجب ڳالھه ھئي ته فوجي ٻڪر جي منڍي استعمال نه ڪندا ھئا. تنهنڪري اھا مولوي صاحب جي حوالي ڪندا ھئا. جيڪو ان جا ميڄالا ۽ مغز پچائي جُڃ ڪندو ھو. فوجي ڪئمپ ختم ٿيڻ تي لڏو کڻڻ کان اڳ پرنسپال صاحب کان ڪليئرنيس سرٽيفڪيٽ وٺي روانا ٿيندا ھئا. چوڌري محمد علي ان ڏينهن ڏٺو ته پرنسپال جي ميز تي ھڪ الماريءَ جو لاڪ، جيڪو الماريءَ مان ٻاھر نڪتو پيو ھو. مولوي صاحب کي سڏي چيائين ته ”ھي ڏس ڪھڙو پرزو فوجي وساري ويا آھن؟ لڳي ٿو، ڪنهن ريڊار جو پرزو آھي. تنهن ڪري ڏاڍو راز وارو پرزو آھي، ھاڻي جيئن تون ان ٽيم جو انچارج ھئين، تنهنڪري اھو پرزو به ڪپڙي ۾ ويڙھي، وڃي شھدادپور ۾ فوجي ڪنوائي وٽ پھچي انهن جي حوالي ڪري اچ. پر ياد رک ته پرنسپال کان ان خفيه پرزي متعلق ليٽر لکائي کڻي وڃ ته متان رستي ۾ ڪا ايجنسي نه پڪڙي وٺي.“ مولوي صاحب تياري ڪئي. ڪُلو ٻڌائين، شيرواني زيب تن ڪيائين، پرزو ڪپڙي ۾ ويڙھي وڃي پرنسپال صاحب کي ليٽر لکي ڏيڻ لاءِ چيائين! پرنسپال صاحب چيس ته ”بابا! اھو پرزو ته ڏيکار“ مولوي ڪپڙو کولي الماريءَ جو ڀڳل لاڪ ان کي ڏيکاريو! پرنسپال کلي چيس ته ”ميان! ھي ته لوھي ڪٻٽ جو اندروني تالو آھي. توکي ڪنهن چيو ته ھي ريڊار جو پرزو آھي!! ماٺ ڪري وڃي ٽيچرس روم ۾ ويھه!“ پوءِ مولوي صاحب، چوڌري محمد علي کي اچي صلواتون سڻايون، اسين سڀ کلي کلي کيرا ٿي پياسين. بھرحال مولوي ڏاڍو پيارو ۽ مزيدار ماڻھو ھو، سندس ٻول ھميشھ ياد رھندا.