آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

خورشيد خان قائمخاني

خورشيد خان قائمخاني

خورشيد خان قائمخاني سان منھنجي ملاقات جهول ۾ مرحوم مير ضيغم الدين ٽالپر معرفت ٿي. پهرين ڪچهريءَ ۾ هن شخص جي گفتگو ۾ ماڻهپي جي مڻيا محسوس ٿي. تعارف مان خبر پئي ته خورشيد خان، قائمخاني راجپوت گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. مارو ديش يعني راجستان سان واسطو رکي ٿو. سندس قبيلو پنھنجي راجپوتي جي وڏائي جي روايت رکندڙ آهي. ساڳئي وقت سندس آبائي پيشو سپاهگيري آهي. قائمخاني راجپوت برٽش انڊيا آرميءَ جا خاص فوجي ٿي رهيا آهن. دستور موجب خورشيد خان ڪميشن وٺي پاڪ آرميءَ ۾ ڀرتي ٿيو. سندس والد برطانوي دور جي فوج جو سپاهي هو. هن پنھنجي فرزندن کي سٺي تعليم ڏياري آرمي سروس ۾ شامل ڪرايو. ان اميد سان ته سندس فرزند جرنيل ٿيندا. اهڙي ريت خورشيد خان ميجر جي عهدي تائين پهتو ۽ 1965ع واري جنگ وڙهي چڪو هئو. سال 1969ع ۾ جنرل يحى جي مارشل لا دوران، لاهور ۾ جنرل نيازي جي ماتحتي ۾ سروس ڪندڙ هو. خورشيد خان چواڻي ته هو لاهور ۾ قائم ٿيل مارشل لا ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ هو. سندس ڪنهن فيصلي سان جنرل نيازي جي ذاتي دلچسپيءَ سبب اتفاق نه ڪندي فيصلو تبديل ڪرڻ لاءِ چيو. ان ڳالهه تان هن راجپوت فوجي سخت احتجاج ڪيو. هوڏانهن جنرل نيازي هر طرح سان هڪ مخصوص مزاج رکندڙ زبان خواهه ڪلام ۾ نهايت ناقابلِ برداشت آفيسر هو. انهيءَ جهڳڙي ۾ خورشيد خان فوجي عهدي تان استعيفى ڏئي ڇڏي. ان تي سندس والد سخت ناراض ٿيو. پوءِ ڇا ٿيو جو خورشيد خان پاڪستان ڇڏي آمريڪا هليو ويو. جتان اٽڪل ڏهاڪو سالن کان پوءِ واپس وطن آيو. انهيءَ دوران هن جرنيلي سڙڪ کي ترڪ ڪري، جپسي بنجي جوڳين جو پنڌ پيچرو ورتو. سندس آڪهه ان طرز جي زندگيءَ بابت وڌيڪ ناراض رهڻ لڳي، کيس راجستاني ٻوليءَ ۾ ”باولو“ ڪوٺڻ لڳي. منھنجي نظر ۾ هن زور زبردستي، جنگ و جدل جي راهه تياڳي انسانيت جو دڳ ورتو. اهوئي سبب ساڻس دوستيءَ جو باعث بنيو.
82-1981ع ڌاري خورشيد خان جرنلزم ڏانهن مائل ٿيو. سندس آرٽيڪل جوڳين، سامين ۽ باگڙين جي زندگيءَ بابت ان زماني جي انگريزي اخبار اسٽار ۾ شايع ٿيڻ لڳا. ياد رهي تي ڊان اخبار طرفان نڪرندڙ اسٽار اخبار هر آچر تي رنگين ايڊيشن ڪڍندي هئي. هن ۾ هفتيوار خورشيد خان جا مٿين لاڏائو قبيلن بابت تحقيقي آرٽيڪل شايع ٿيڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ خورشيد خان پنھنجي پهرئين ڪتاب ”ڀٽڪتي نسلين“ لاءِ سندس انگريزي مضمونن جو اردو ۾ ترجمو ڪري ڪتاب تيار ڪيو. انهن انگريزي آرٽيڪلن ۾ هن صاحب، منھنجو تعارف حر ڪئمپ ۾ قيد ٻار جي حيثيت ۾ انٽرويو ڪري شايع ڪيو. ان مضمون جو اردو ترجمو به هن ڪتاب جو حصو بنايائين. سندس هن ڪتاب ائنٿرو پائلاجي جي مضمون سان دلچسپي رکندڙ ۽ ڏتڙيل انسانن جي زندگيءَ سان دلچسپي رکندڙن ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي. هن صاحب جا تعلقات ان وقت جي نالي وارن ليکڪن سان هئا. حيدرآباد ۾ سندس دوستي پروفيسر شيخ فريدالدين صاحب سان جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هو، ساڳئي وقت سندس دوستي تاريخ نويس ڊاڪٽر مبارڪ علي خان سان پڻ هئي. انهن ٽنهي دوستن سان حيدرآباد ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون.
خورشيد خان جا جوڳين وارا ڦيرا لڳاتار هلندا هئا. هڪ ٿيلهو ڪلهي تي، گهڻو ڪري ٽنڊي الهيار مان ريل رستي حيدرآباد پهچندو هو. سڀ کان پهريائين ريڊيو پاڪستان واري روڊ تي ڪڇي قبيلي جي ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو، جيڪي روڊ ڪناري چِکون ۽ موڙا ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. هنن کي هڪ دفعي ميونسپل وارن اتان کان لڏايو پئي ته خورشيد خان سندن همدرديءَ ۾ اسٽار اخبار ۾ ڪالم لکيو. جنهن بعد ميونسپل هنر مندن کي اتي رهڻ جو حق ڏنو. حيدرآباد کان پوءِ خورشيد خان جهول شهر ۾ محترم مير ضيغم الدين ٽالپر وٽ پهچندو هو. جتي منھنجي ساڻس ڊگهي ڪچهري ٿيندي هئي. ڪچهريءَ جو موضوع اڪثر ڪري ڏتڙيل لاڏو قبيلن بابت هوندو هو. جهول مان ڪچهري بعد هو صاحب سانگهڙ پهچي ڪنڊياري شهر ۾ واقع جوڳين جي بستي وزٽ ڪندو هو، جتي سندس ڪافي جوڳيئڙا دوست رهندا هئا. ان بعد خورشيد صاحب ميرپور خاص پنڌ پوندو هو جتي سندس سڱيڻا عزيز رهندڙ هئا. ان بعد ڦيرو پورو ڪري، اچي ٽنڊي الهيار پهچندو هو. خورشيد خان جي والد صاحب کي ٽنڊي الهيار جي اتر پاسي زمين مليل هئي، جنهن تي انبن جو وڏو فارم هوندو هو. خورشيد خان اتي پنھنجي هارين جي ”ڀيل بستي“ قائم ڪئي ۽ پنھنجي لاءِ هڪ مختصر رهائشي جڳهه ٺاهي، اتي رهندو هو ۽ پنھنجو تحريرون تخليق ڪندو رهندو هو.
خورشيد خان جي محترمه خديجه گوهر صاحبه سان ادبي دوستي هئي. هن محترمه جا وڏا ڪڇ گجرات کان کوکرا پار ريل ۾ لڏي پاڪستان آيا هئا ۽ پوءِ سائوٿ آفريڪا ۾ رهڻ لڳا. خديجه صاحبه جي خاندان جي نيلسن منڊيلا سان دوستي هئي، جتان پوءِ محترمه اچي لاهور ۾ مقيم ٿي. انگريزي زبان ۾ سندس تحريرون ۽ ناول “The Coming Crop” ڇپيل آهي. هيءَ صاحبه اڪسردو ۾ هڪ N.G.O هلائيندي هئي. گرميءَ جي موسم ۾ خورشيد خان سندس تنظيم لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ محترمه جي مضمونن کي ٽائيپ پڻ ڪندو رهندو هو. هن محترمه جون ٻه ڌيئرون لاهور ۾ ٿيئٽر ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ پنھنجي دور جون مشهور مايون هيون.
محترمه خديجه گوهر اسڪردو ۾ اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري گذاري وئي. جنهنجو خورشيد صاحب کي وڏو دلي صدمو پهتو. ان شديد صدمي بابت مون ڏانهن هڪ خط ۾ ذڪر ڪيو اٿائين. خورشيد ٿريو هجڻ جي ناتي وسڪاري جي مند ۾ اهو سارو وقت ٿر ۾ پنھنجي ”دلت“ دوستن سان گڏ گذارڻ پسند ڪندو هو. دلت دنيا جي پاڪ هند دوستن سان سندس رابطو هيو. ايتري قدر جو هن ناياب انسان جو ورلڊ جپسي آرگنائيزيشن وارن سان به لڳ لاڳاپو هيو. خورشيد خان جيتوڻيڪ ”ليفٽ“ جي سوچ وارو انسان دوست ماڻهو هيو. حر تحريڪ کي سنڌي ماڻهن جي آجپي جي تحريڪ سمجهندو هو. ان موضوع تي ڪالم پڻ لکيائين. آخري ڏينهن ۾ سندس اسڪردو وارو ٺڪاڻو ويران ٿي ويو ۽ پاڻ ڀيل بستيءَ ۾ مستقل رهڻ لڳو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن ريل رستي حيدرآباد گهانگهري واري روشني پبليڪيشن تي دوستن سان ڪچهريون ڪندو هو. 2012ع ڌاري کيس ”برين اسٽروڪ“ ٿيو پوءِ اچي گهر ڀيڙو ٿيو. سندس بيماريءَ جو ٻڌي آئون کين پڇڻ ويس. ظاهري طور ته ٺيڪ ٺاڪ پئي لڳو پر سندس حافظي کي نقصان پهچي چڪو هو. منھنجي ساڻس اها آخري ملاقات هئي. سندس وفات 8 جنوري 2013ع ۾ ٿي. سندس فرزند پهريون تعزيتي پرگرام ٽنڊي الهيار ۾ ڪيو. ان بعد سندس ورسي حيدرآباد ۾ منعقد ٿي. هنن پروگرامن ۾ خورشيد خان جا جپسي ۽ جوڳي دوست شريڪ ٿيا. انهن ۾ آئون به شريڪ ٿيس. بهرحال خورشيد خان، ماروديس جو موتي ماڻهو، زماني جي فوج جي بادشاهي کي ٺڪرائي جوڳي بنيو. سندس ننڍو ڀاءُ پاڪستان جي فوج مان جرنيل ٿي ريٽائر ٿيو آهي. خورشيد خان جا هڪ سئو کان وڌيڪ خط مون وٽ محفوظ آهن. جيڪي شايع ٿيڻ جا منتظر آهن. بهرحال تمام محبوب ماڻهو هو.