آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

علم جي نئين منزل تي پھچڻ جي جدوجھد

علم جي نئين منزل تي پھچڻ جي جدوجھد

سال 1968-1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي طرفان، B.ed جي امتحان ۾ پرائيويٽ اميدوارن کي شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. مون ان قدم کي اڳتي وڌڻ جو ھڪ سٺو موقعو سمجھي منھنجي پياري دوست استاد مراد علي خان ڪلوئي سان صلاح مشورو ڪيو. ھيءُ دوست پڻ ساڳئي امتحان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اھڙي طرح بي ايڊ جي امتحان جي تياريءَ ۾ لڳي وياسين.
ھن امتحان جي نصاب ۾ جيڪي مختلف مضمون ۽ موضوع شامل ھئا، تن بابت ٽيچرس ٽرينگ دوران جيڪو نصاب اڳئي ازبر ٿيل ھو، ان وڌيڪ مطالعي ۾ وڏي مدد ڪئي. بھرحال نيٺ امتحان جو وقت اچي ويو. حيدرآباد جي سٽي ڪاليج کي امتحان جو مرڪز بنايو ويو. مراد علي خان ۽ آئون ڪتابن جي ھڙ ٻڌي وڃي حيدرآباد ڀيڙا ٿياسون. ھيءُ امتحان اٽڪل سورنهن سترھن ڏينهن تائين ھلڻو ھو. ان ڪري حيدرآباد ۾ رھائش جو مسئلو ڏاڍو مشڪل پئي لڳو. ان کي ائين حل ڪيوسين ته جتي ڇوٽڪي گھٽي حيدرآباد جي شاھي بازار سان ملي ٿي، اتي ھڪ ”ھنڌ کٽولو ماڙيءَ تي“ ٽائيپ جي مسافرخاني ۾ وڃي پاٿاري ڪئي سون. جنهن ڏينهن پيپر ھوندو ھو، ان ڏينهن شاھي بازار مان ھلندي، ٺوڙھي واري چاڙھي لھي وڃي ڪاليج ۾ پھچبو ھو. اتي پنھنجو پيپر ڏئي وري ساڳي واٽ واپس مسافر خاني ۾ پھچبو ھو. منهنجند جو ڇوٽڪي گھٽيءَ جي ڪنهن ننڍڙي ھوٽل ۾ دال ماني کائي گذر ڪبو ھو. امتحان جي ٽائيم ٽيبل ۾ ھڪ سھولت اھا ھئي ته پيپر ھڪ نه ٻئي ڏينهن رکيل ھوندا ھئا. تنهن ڪري وقفي واري ڏينهن صبح جو نيرن پاڻي ڪري، ڪتاب ٿيلھي ۾ وجھي وڃي راڻي باغ حيدرآباد ۾ پاٿاري ڪبي ھئي. اتي ڪنهن وڻ جي ڇانو ۾ ويھي ايندڙ ڏينهن جي مضمون جو مطالعو ڪبو ھو. چانهه سگريٽ سان ساھي پٽي وري پڙھڻ کي لڳي ويندا ھئاسون. منجھند جي ماني راڻي باغ ۾ قائم ھڪ ننڍڙي ھوٽل تان دال ماني گھرائي گذر ڪبو ھو. اھڙي طرح اڌ مھينو حيدرآباد ۾ بي ايڊ جو امتحان ڏيندي گذريو. امتحان پورو ڪري وري اچي ماڳ تي پھتاسين، ڪجھه عرصي کان پوءِ يونيورسٽي جي طرفان رزلٽ اخبارن ۾ ڇپجي ظاھر ٿي، نهايت بي تابيءَ سان ڌڙڪندڙ دل سان رزلٽ ڏٺي سون. پنھنجي نمبر جي ڪاميابي پسي دل ڏاڍي خوش ٿي. ڇاڪاڻ ته علم جي منزل اھو ڏاڪو بي حد محنت ۽ صبر سان پار چڙھڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. منھنجو فلاسافر دوست مراد علي خان ڪلوئي به پاس ٿيو ۽ ھاڻي اسان کي اھا اميد پيدا ٿي ته پرائمري استاد جي عھدي کان ھاڻي سيڪينڊري استاد بنجڻ جي راھه ھموار ٿئي پئي.