ميرپور شھر جي مقامي معززين کي ھٿو ھٿ اخبار پھچائڻ
ٻئي ڏينهن اھو به ھڪ اھم ڪم ھوندو ھو ته ميرپور خاص شھر جي معززين کي ھٿوھٿ اخبار پيش ڪجي. آئون اڪثر ڪري خانبھادر حاجي محمد حيات جوڻيجي صاحب کي سندس ميرپور واري مڪان تي اخبار ڏيڻ ويندو ھوس.
ساٺيڪي سال جي عمر وارو، ننڍي سفيد ڏاڙھي، ٿلھن شيشن واري عينڪ پاتل حاجي محمد حيات ھڪ سادو ڳوٺاڻو لڳندو ھو. ۽ ھر دفعي اخبار وٺڻ مھل مونکي ھڪ رپيو روڪ پنڌاڙي خاطر خرچي ڏيندو ھو. اھو ھڪ رپيو آئون انگريزي فلم ڏسڻ جي عياشيءَ لاءِ سنڀالي رکندو ھوس.
اخبار جي دفتر لاءِ ان زماني ۾ مختلف ملڪن جي انفارميشن سروس جا پريس بيان ايندا ھئا. انهن ۾ سوويت يونين طرفان ڪافي معلوماتي مواد سنڌي خواھه اردو ۾ ايندو ھو. ڪامريڊن طرفان ھڪ اردو ماھوار رسالو ”طلوع“ پھچندو ھو. آمريڪا بھادر جي سروس جي طرفان به ڪيترائي خبرناما پھچندا ھئا. ساڳئي وقت برطانوي سفارت خاني طرفان راڻي ايلزبيٿ جي تصويرن وارا رسالا ۽ خبرناما پڙھڻ لاءِ ملندا ھئا. اھو مواد آئون نهايت غور سان پڙھندو ھوس. جنهن معرفت مونکي ان وقت جي دنيا بابت ڪجھه معلومات ۽ ڪجھه سياسي سڌ ٻڌ ملندي ھئي.
ساڳئي زماني ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو رسالو ”انسان“ به دفتر ۾ ايندو ھو. ان زماني ۾ ڏيپلائي صاحب ھڪڙي پاسي وڏيرا شاھي خلاف لکندو ھو ۽ ٻئي پاسي ون يونٽ ۽ تخت لاھور بابت وڏا ليک ڇاپيندو ھو. مونکي ياد آھي ته ڏيپلائي صاحب پنھنجو مشھور ڊرامون ”ڏڪار ناٽڪ” لکيو. ان ڊرامي وڏي مشھوري ماڻي. اھو ڊرامو ٿر ۾ ڪاري ڏڪار بابت ٿر جي انسانن جي بک ۽ بي وسيءَ بابت ھو ته ان انساني ٽريجڊيءَ کي تخت لاھور ۾ ويٺل ون يونٽي حاڪم ڪيئن ٿو ڏسي!
ٿر ۾ ڏڪار پوي ٿو، ماڻھن وٽ کائڻ لاءِ اناج ناھي. ماڻھو بکن بي حال ڪري ڇڏيا آھن!! انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ مان لاھور جي حاڪم ڏانهن ٽيليگرام ڪيا ٿا وڃن ته ”ڏڪار ڊڪليئر ڪريو“ جيڪو سنڌ حڪومت جو پراڻو انتظامي قدم ھوندو ھو ته برساتون نه پوڻ ڪري ٿر لاءِ ڏڪار ڊڪليئر ڪري، ٿري ماڻھن کي مفت ۾ اناج فراھم ڪيو ويندو ھو. ھاڻي جڏھن ون يونٽ ۾ سموري سرڪار وڃي تخت لاھور تي براجمان ٿي ويٺي، تڏھن لاھوري حاڪمن اھي ٽيليگرام پڙھي، ھڪ ميٽنگ ڪوٺائي. بقول ڏيپلائي جي ھن ميٽنگ ۾ حاڪمن ۽ ماھرن لفظ ”ڏڪار“ يعني قحط سالي جو مطلب اردو، پنجابيءَ ٻوليءَ ۾ اھو ورتو ته جيئن ته ٿر ۾ ”ڊڪار“ يعني بد ھضمي جي اوڳراين جي بيماري پکڙي وئي آھي. ان لاءِ لاھوري ڏاھن اھو علاج تجويز ڪيو ته سنڌ جي ٿرين لاءِ ٻه ٽي لک ”سوڍامنٽ“ جون گوريون موڪلي ڏيو ته جيئن ان سان سندن بدھضمي دور ٿي سگھي.
ڏيپلائي صاحب جي ون يونٽ خلاف ان تحرير وڏي مشھوري ماڻي. بھرحال اھي سڀ تحريرون آئون تمام دلچسپيءَ سان پڙھندو ھوس. الفقراءَ جي آفيس سامھون ھڪ بزرگ ٻه آنا لائبريري ھلائيندو ھو. اتان کان ڪتاب وٺي پڙھندو ھوس. تاريخي ڪتابن سان گڏ دت ڀارتي جا رومانوي ڪتاب وٺي پڙھبا ھئا. منھنجي ذھن ۾ مطالعي جو شوق درجي به درجي وڌندو ويو. منھنجي مطالعي جي طلب ھفتي ۾ ٻه چار ڏينهن رات جو 7 وڳي ڌاري مونکي ميرپور خاص جي بلديه لائبريري ۾ وٺي ويندي ھئي. ان زماني ۾ لائبريري جي ريڊنگ روم جون ڪرسيون پڙھندڙن سان ڀريل نظر اينديون ھيون. روزنامھ اخبارون، مشھور رسالا، انگريزي رسالا، ٽائيم لائيف وغيره. پوءِ مطالعو ڪندي نيٺ لائبريري انتظاميھ لائبريري بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي ھئي. ۽ پوءِ ٻاھر نڪري ميرپور خاص جون ھوائون جھٽيندي واپس اچبو ھو.