ڳوٺ گل حسن سريوال جي اسڪول جون يادگيريون
ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ پاڙھيندي مونکي ٽي سال گذريا، انهيءَ درميان 1963ع ۾ مون مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيو. (1963ع تائين مئٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي ھئي.) مئٽرڪ جي ھن امتحان ۾ ذاتي مطالعي سان گڏ مير پور ھاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪيل پڙھائي وڏي مدد ڏني. ان عرصي ۾ جھول سنڌي ادبي سنگت جي ادبي صحبت ۽ مطالعي منھنجي معلومات ۾ اضافو ڪيو، ميرپور خاص مان اچانڪ تعليمي سفر جي خاتمي جو دُک دور ٿيو ۽ منھنجي طبيعت ۾ خود اعتمادي پيدا ٿي.
ھن زماني ۾ ميرالله بخش پبلڪ لائبريري ۾ موجود ادبي ۽ تاريخي ڪتابن جو مون خوب مطالعو ڪيو ۽ شاعري جي شروعات ڪيم. دوستن ڪافي ھمت افزائي ڪئي. اھڙي طرح ادبي حلقن ۾ اٿڻ ويھڻ جو موقعو مليو. مقامي مشاعرن ۾ شاعري پڙھڻ لڳس. ان زماني ۾ شھدادپور ڪاليج، جنهن جو پرنسپال گل محمد گلاڻي صاحب ھڪ ادب دوست ۽ شاعر ھيو، سو ان ڪاليج ۾ سالانه آل پاڪستان اردو سنڌي مشاعرھ منقعد ڪرائيندو ھو. ھنن مشاعرن ۾ سينيئر شاعرن کي روبرو ٻڌڻ جو موقعو مليو. انهن ادبي سرگرمين جي ڪري منھنجي دل ۾ تعليم کي اڳتي جاري رکڻ جو اتساھه پيدا ٿيو. فرسٽ ييئر جو امتحان نوابشاھه ۾ ڏنوسين، انٽر جي امتحان جو سينٽر ھالا مقرر ٿيو. ھالا نوان ۾ انٽر جي امتحان دوران ھالا نوان ۽ پراڻا جو تعارف ٿيو. اھڙي طرح علم جي واٽ تي اڳتي ھلڻ جو سلسلو جاري رھيو. انهيءَ عرصي ۾ پرائمري استادن جي پيشھ ورانه تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جو تعليم کاتي طرفان حڪم جاري ٿيو ته ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ ۾ وڃي دخلڪار ٿي، ٻن سالن جي S.V ٽيچر جي تربيت حاصل ڪريو. بھرحال ھتان کان بسترا گول ڪري ھالا نوان پھچي، سڪرنڊ ويندڙ بس ذريعي روانا ٿي، سڪرنڊ ڪاليج پھتاسون.