سانگھڙ جي ادبي لڏي جو ذڪر
آئون 1970ع ۾ جڏھين گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ مقرر ٿيس، تڏھين ان جي اسٽاف ۾ ادبي مطالعي وارو سينيئر استاد محمد صالح گوپانگ ھو، جنهن سان ادبي ڪچھريون ٿينديون ھيون. استاد محمد عمر چنڙ صاحب به ساڳئي اسڪول ۾ پاڙھيندو ھو. محمد عمر چنڙ انتهائي جذباتي قومپرست سوچ جو استاد ھو. پنھنجي نظرياتي ڳالھه منهن تي مخالفن کي ڦھڪائي ھڻندو ھو. ڪڏھين ڪڏھين محترم لکمير ڏاھري کپري کان ايندي ويندي ملندو ھو. پليجي صاحب جي جماعت سان لاڳاپو رکندڙ سنڌي قومپرست ۽ وڏيرا شاھي جوسخت مخالف ماڻھو، تنهن ڪري ان کي سدائين سزا طور کپري جي دور دراز علائقن ۾ رکندا ھئا ۽ سندس ڪمال ھو جو ٿر بر ۾ به پنھنجي ھم خيال ٻالڪن جو حلقو ٺاھي ويندو ھو.
سانگھڙ ھاءِ اسڪول جي پنجابي استادن مان ديھه 22 جو محبوب آرائين بلڪل ھڪ مثالي استاد ھو. باقي چڪن مان فوجي گھراڻن مان ايندڙ استاد صرف لٺ جي زور تي علم پکڙيندا ھئا. ان زماني ۾ محترم اقبال ملڪ انگلينڊ مان رياضي جي تعليم وٺي سانگھڙ ھاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿيو. فوجي پسمنظر جي باوجود ھي بلڪل اشراف ماڻھو ۽ پنھنجي سبجيڪٽ جو مثالي استاد ثابت ٿيو. اقبال ملڪ صاحب پوءِ ترت ئي نصابي اداري ۾ بدلي ٿي ويو. حاجي ولي محمد صاحب ھڪ ”دبنگ“ نظاماڻي استاد رھيو. ڪافي شاگرد ولي محمد صاحب کي Like ڪندا ھئا. مون سانگھڙ ھاءِ اسڪول طرفان ”مئگزين“ شايع ڪرڻ جي رٿ سيد باقر رضا کي پيش ڪئي، ڇاڪاڻ ته ھو ادبي پس منظر رکندڙ شخص ھو. تنهن ان رٿ کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. مونکي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾ مون سانگھڙ جي حر تحريڪ جو ذڪر لکيو. اردو ۽ انگريزي سيڪشن ٻين استادن ايڊٽ ڪيا. ھن مئگزين ۾ استادن جا گروپ ڦوٽو ۽ شاگردن جي سرگرمين جو حال احوال ۽ تصويرون شايع ٿيون.