ڪرنل رچرڊسن سان دلچسپ ملاقات
ٻئي ڏينهن اسڪول آف ايجوڪيشن جي پرنسپال ڪرنل صاحب جي آفيس ۾ وڃي پھتاسين. ڪرنل صاحب اسان لاءِ نهايت پرتڪلف چانهه بسڪوٽن جو اھتمام ڪيو ھو. پھريائين پرنسپال صاحب ڪرنل رچرڊسن پنھنجو تعارف ڪرايو. ھن صاحب ٻڌايو ته ھو ڪئپٽن جي حيثيت ۾ برٽش-انڊين آرمي ۾ شامل ٿيو. ھاڻي اسان جي تعارف جو وارو آيو. پشاور واري ھمراھه تعارف ڪرايو ته ڪرنل صاحب چيو ته آئون پشاور ۾ سروس ڪري چڪو آھيان. مون کيس سانگھڙ بجاءِ حيدرآباد جو ٻڌايو. چيائين ته حيدرآباد به رھي چڪو آھيان. ڏاڍو گرم علائقو آھي. مطلب ته ستر سالن جي عمر وارو پوڙھو پرنسپال سموري برصغير ۾ رھي چڪو ھو. اھو ٻه ٻڌايائين ته پاڻ قائداعظم محمد علي جناح صاحب سان به ملي چڪو ھو. ھيءُ بزرگ تاريخ جي مضمون ۾ ايم اي ۽ قانون جي ڪا ڊگري رکندڙ ھو. ڪچھري دوران ھن اسان کان ھڪ عجيب سوال پڇيو! Are there bara sahib in Pakistan? ان سوال کان پوءِ ھن برٽش انڊيا جي بڙي صاحبن جي ھڪ دلچسپ ڪھاڻي ٻڌائي. چيائين ته ٻي جنگ عظيم دوران آئون ھماليه/ دارجلنگ جي پاسي جنگي محاذ تي وڃڻ لاءِ ريل گاڏي جي فرسٽ ڪلاس ۾ وڃي سوار ٿيس. ٿوري دير کان پوءِ ريلوي جي آفيسر اچي چيو ته ”ھيءَ بوگي انڊين ريلوي کاتي جي جنرل مئنيجر لاءِ بوڪ ٿيل آھي. تنهنڪري توھان اھا خالي ڪريو!“ مون نوجوان فوجي ڪپتان جي سيٽ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ ريلوي جي عملي گڏجي مونکي بڙي صاحب جي گاڏي مان لاھي ڇڏيو! خير ريل گاڏي ھلڻ شروع ڪيو، بدقسمتي سان چار پنج ميل ھلڻ کان پوءِ ٽرين پٽڙي تان لھي بيھي رھي! چيائين ته مون ڇا ڪيو جو پنھنجي فوجي ڪٽ ڪلھي تي رکي واپس اسٽيشن ڏانهن پيدل ھلڻ شروع ڪيو. انهيءَ دوران بڙي صاحب چيو ته اسٽيشن ماسٽر کي ٽرين بابت اطلاع ڏجانءِ! مون کي صاحب تي ڪاوڙ ھئي، تنهنڪري مون اھڙو اطلاع ڪونه ڏنو ۽ ڪنهن ٻي ٽرين ۾ سوار ٿي محاذ تي ھليو ويس. پر بڙي صاحب منھنجي خلاف آرمي ۾ شڪايت موڪلي ڇڏي. جيڪا منھنجي سروس بوڪ ۾ لکجي وئي. سو ھاڻي اوھان جي پاڪستان ۾ ڪي اھڙا بڙا صاحب آھن يا نه؟ مون ٻڌايو ته توھان وارن گورن صاحبن کان اسان وارا بڙا صاحب ٻه ٽي ڊگريون وڌيڪ مغرور آھن. دوستن مون ڏي اکيون ڦوٽاري نهاريو. پر سچ چوڻو ھو سو مون چئي ڇڏيو! ڪرنل صاحب مسڪرائيندي چيو ته ريلوي واري بڙي صاحب سان منھنجي آخري ملاقات ڪراچيءَ جي بيچ لگزري ھوٽل ۾ 1947ع ڌاري پاڪستان بنجڻ کان پوءِ ٿي. مون ڏٺو ته مون واري ٽيبل تي ھڪ انگريز تمام عجب حال ۾ اخبار پڙھي رھيو ھو. مون کيس سڃاڻي ورتو ته اھو ساڳيو مغرور بڙو صاحب آھي. جنهن مونکي زبردستي ريل گاڏيءَ جي بوگيءَ مان لاھي ڇڏيو ھو. ھن وقت سندس طبيعت جو برو حال ھو. مون چرچي طور ٻڌايو ته آئون اھو ساڳيو ڪئپٽن آھيان، جنهن کي تو پنھنجي بوگيءَ ۾ سفر ڪرڻ نه ڏنو ھو. ٿورو شرمندو ٿي ٻڌايائين ته ھتان جي سروس ختم ٿيڻ بعد ھاڻي جھاز جي انتظار ۾ آھيان ته جيئن واپس برطانيھ وڃي سگھان! بھرحال ڪرنل رچرڊسن ڏاڍو دلچسپ ماڻھو ھو. سندس عملي جا سڀ پروفيسر P.H.D ھئا ۽ ھي صاحب محض ايم اي ھو. مون ڊاڪٽر وينزٽيءَ سان اھا ڳالھه ڪئي. ھن چيو ته ڪرنل صاحب وڏو ليکڪ ۽ تاريخ دان آھي، اسان جو قومي اثاثو آھي. جيستائين چاھي اھو عھدو ماڻي سگھي ٿو.
ڪئنبرا ڪاليج آف ايڊوانس ايجوڪيشن نالي ۾ ته ڪاليج ھو پر تعليم جي جديد شعبن جا ڪيترائي ادارا ان ۾ ھلندڙ ھئا. وسيع ۽ خوبصورت پارڪن، گلن ڦلن جي ماحول ان کي وڌيڪ پرڪشش بنائي ٿي ڇڏيو. ڪاليج جي ڪينٽين ۾ شاگردن کي سندن ڪارڊن موجب تمام گھٽ قيمت تي ناشتو ۽ لنچ فراھم ڪئي ويندي ھئي. ھن ڪاليج ۾ نون ڪتابن جو وڏو دوڪان ۽ اسٽوڊنٽ يونين بوڪ شاپ جنهن ۾ سيڪنڊ ھئنڊ سستا ڪتاب موجود ھئا. اتان کان مون ٻولي جي سکيا بابت ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. ڪاليج جي سينٽرل لائبريري رات جو دير تائين مطالعو ڪندڙ شاگردن لاءِ کليل رھندي ھئي.
ھن ڪاليج ۾ اسان پاڪستانين جي گروپ لاءِ عليحده ڪلاس ھلندو ھو، جنهن ۾ ايجوڪيشن بابت ليڪچر ٿيندا ھئا.
شھر مان ايندڙ شاگردن لاءِ بس سروس جو ھڪ سلسلو ھلندڙ ھو. اسان واري ھوٽل جي سامھون بس اسٽاپ تي ٽائيم ٽيبل موجب بس سروس موجود ھئي. جيڪا انتهائي خوبصورت وجود کڻي علم جي جنت ۾ پھچائيندي ھئي.