1965ع واري پاڪ ھند جنگ
اڃان اسان وارو اسڪول سيٺ ڪلياڻ داس واري ماڙيءَ ۾ ھلندڙ ھو، انهيءَ دوران پاڪستان ۽ ھندستان جي وچ ۾ جنگ لڳي. انهيءَ جنگ جي ڪري، رات جو روشني ڪرڻ، باھه ٻارڻ جي سختي سان منع ڪيل ھئي، رات جو مڪمل بليڪ آئوٽ رھندي ھئي. ريڊيو پاڪستان تي سڄو ڏينهن جنگي ترانا پيا نشر ٿيندا ھئا. ھڪ دفعي ڇا ٿيو جو اسان واري جي ڀرسان جيڪو گرلس پرائمري اسڪول ھلندڙ ھيو، اتي ڊاڪٽر شفيع نالي ھڪ ھمراھه ڀڄندو آيو، ھن اسڪول ۾ سندس ننڍڙيون نياڻيون پڙھنديون ھيون. ان ھمراھه بدحواسيءَ ۾ اچي ليڊي ٽيچر کي چيو ته سانگھڙ ۾ اطلاع آيو آھي ته ھندستان ھتي ھوائي حملو ڪرڻ وارو آھي. تنهنڪري ٻارن کي موڪل ڏيو!“ اھو ٻڌي ٻارن ۾ رڙو رڙ پئجي وئي.
1965ع جي جنگ دوران اسان جو سنڌي پرائمري اسڪول، جيڪو سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ ۾ ھلندڙ ھيو، سو نئين جڳھه ڏانهن منتقل ٿيو. اسڪول لاءِ ھي نئين جاءِ وڌيڪ بھتر ٿي. ھن جڳھه تي ٽن طرفن کان ڪمرا ۽ ورانڊو تعمير ٿيل ۽ وچ ۾ اسيمبليءَ لاءِ ڪافي وسيع اڱڻ موجود ھو. مونکي ياد آھي ته ھن اسڪول ۾ اچڻ وقت، شھر جي دوڪانن ۾ پاڪ ھند جي جنگ سبب ڪافي شين جي کوٽ پيدا ٿي. خاص ڪري کنڊ جو ملڻ محال ٿي چڪو ھو. چانهه جي موالين ۽ ھوٽل وارن کنڊ جي جاءِ تي ڳُڙ جو استعمال شروع ڪيو. ايتري قدر جو ڳُڙ به مارڪيٽ مان گم ٿيڻ لڳو.
جنگ جي ايمرجنسيءَ ۾ اسان استادن جون رات جي وقت، ريلوي اسٽيشن، پوسٽ آفيس، ٽيليگراف آفيس ۽ فون لائين تي ڊيوٽيون لڳايون ويون. سورنهن سترھن ڏينهن کان پوءِ جنگ بند ٿي ۽ روزمرھ جو ڪاروبار ھلڻ لڳو ۽ اسان استادن به وڃي سک جو ساھه کنيو.