شر ذات جا مک ماڻھو
شر بلوچ ذات جا ماڻھو خبر نه آھي ته ڪڏھين رڍن جا ڌڻ چاريندي اچي جھول جي بستيءَ جا مڪين بڻيا. ھن ذات جي ماڻھن جا جھول شھر جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي ڳوٺڙا ھئا. شر برادريءَ ۾ ٻه ٽي ڀائر مشھور ٿي گذريا آھن. وڏي ڀاءُ جو نالو حاجي محمد ادريس ھو ۽ سندس ننڍي ڀاءَ جو نالو حاجي محمد صالح، جيڪو جھول شھر جي جامع مسجد جو پيش امام ھو. حاجي محمد ادريس جا اڌ درجن پٽ ھئا. سڀئي پھلوان مڙس ھئا. عيسو شر پھرئين جوڙ جو ملھه ٿي گذريو آھي. حاجي محمد صالح دين دار ۽ علم وارو نهايت پرھيزگار بزرگ ھو. دير سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٽي پٽ آھن. حاجي صالح جو وڏو پٽ نيڪ نمازي، ٻڪرين پالڻ جو شوقين ۽ موسيقي ٻڌڻ جو خفتي، نهايت سنجيده شخص آھي.
شر ذات جي ماڻھن جو جھول شھر ۾ جامع مسجد جي تعمير ڪرڻ ۽ ان کي آباد رکڻ جو وڏو ڪردار آھي. سندن اھا روايت آھي ته جمعي جي ڏينهن ڌوتل پوتل ڪپڙا پھري، اڇيون پڳون ٻڌي جوق درجوق جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز خاطر اچي جمع ٿيندا آھن. ھيءَ مسجد سڳوري ايوب خان جي دور ۾ سرڪار پنھنجي تحويل ۾ ورتي. جيتوڻيڪ مسجد سڳوريءَ جي ملڪيت ۾ شاھي بازار ۾ ڪافي دوڪان آھن، پر انهن جي مسواڙ سرڪار جي خزاني ۾ وڃي پئي. ان ڪري مسجد جو ڪارووھنوار ھلائڻ لاءِ بھرحال چندي جو سھارو وٺڻو پوي ٿو. منھنجو پيارو دوست ۽ ھم مڪتب گل حسن شر ڪافي وقت کان جامع مسجد جي خدمت ڪندو پيو اچي.
چاچو مالڪ ڏنو شر، پنھنجي جواني ۾ پھلوان مڙس، جھول ۾ ھاري دوستن سان ڪچھرين جو ڪوڏيو، ملاکڙن ۾ ملھه پھلوانن کي انعام ڏيڻ ۾ اڳرو. کيس ڀلا ڏاند ڌارڻ جو شوق ۽ ڏاند رکڻ وارن سُريلن ھارين سان دوستي. منھنجي ڀاءُ محمد عرس وٽ به ھميشھ ڀلن ڏاندن جو جوڙو رھندو ھو، سندس چاچي مالڪ ڏني سان گھري دوستي ۽ روزانو ڪچھريون قائم ھيون. شرن جي پاڙي مان ڏور ڳجھارت، ڪچھريءَ جو ڪوڏيو بيربل شر نهايت قدآور بزرگ، گاڏڙ جو ڌنڌو ڪندو ھو. يعني ته پنھنجي ڍڳي گاڏيءَ تي واپارين جو مال اسٽيشن تان کڻي شھرن ۾ پھچائيندو ھو. ميلي ملاکڙي جو شوقين. جوانيءَ ۾ ملھه پھلوان رھيو ھيو. تنهنڪري مقامي ميلن، ملاکڙن ۾ پھلوان ملھن کي مقابلي وقت سندرا ٻڌرائڻ، ٻک وجھرائڻ ۽ پوءِ ملھه پھلوانن جا انگ، جانٺا ۽ وارا ڏسي، پھلوانن جي ھمت افزائي ڪرڻ سندس دلچسپيءَ جو مرڪز ھوندو ھو. ملاکڙن ۽ سگھڙ ڪچھرين ۾ مصروف رھڻ ڪري، بيربل شر جا ڏاند ڏاڍا ڏٻرا ھوندا ھئا، ڇوته انهن جي پرگھور لھڻ جو وٽس وقت ڪونه ھوندو ھو. ڪڏھين ڪڏھين ڇا ٿيندو ھو، جو بار سان ڀريل گاڏي ڪٿي ڪنهن کڏ کوٻي ۾ ڦاسي پوندي ھئي ۽ سندس ڏٻرو ڏاند زور لڳائي نه سگھندو ھو ته بيربل شر ڪمزور ڏاند جي پاسي کان پنھنجي ڪلھن جو زور لڳائي گاڏيءَ کي اڳتي ھلائيندو ھو.
حاجي ھمير شر ڪڻڪ پيھڻ جي مشين جو مستري ۽ جامع مسجد ۾ سريلي انداز ۾ مولود شريف پڙھندو ھو. جڏھن به ڪا مذھبي تقريب ٿيندي ھئي، ان ۾ شرڪت ڪري مولود پڙھڻ جي سلسلي ۾ حاجي ھمير شر مشھور ماڻھو ھو. چون ٿا ته حاجي ھمير صاحب جڏھين حج ڪرڻ ويو ته عرب آفيسرن سندس پاسپورٽ تي ھمير نالي کي ”حمير“ ڪري پڙھيو، وري ذات ۾ شَر َ پڙھي کلڻ لڳا. حالانڪه ”ھمير“ سنڌي نالو آھي. عربي معنى سان ان جو واسطو ناھي. بھرحال شر ذات جي ماڻھن ۾ ذھانت ته موجود آھي. سندن لاڙو مشين سازي ڏانهن وڌيڪ آھي. جيڪڏھن شوق سان تعليم حاصل ڪن ھا ته ترقي ڪرڻ ناممڪن ڪو نه ھئي. ھن وقت ٿورو گھڻو واپار ۽ ڇوٽو موٽو ڪاروبار ڪندڙ آھن.