آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

استادن جو ذڪر

استادن جو ذڪر

اسان جي سنڌي سيڪشن ۾ سائين نور محمد ناريجو صاحب رياضيءَ جو ٽيچر تمام چست اداڪار ٽيچر، سائين الھڏنو مھر صاحب به پنهنجا سبجيڪٽ پاڙھڻ ايندا ھئا. پھريون ڀيرو جڏھن ”ڊرائينگ“ جو پيرڊ لڳو ته سمورو ڪلاس مٿئين منزل ۾ ” ڊرائينگ ھال“ ۾ وڃي ويٺو. ڊرائينگ ھال ننڍين وڏين تصويرن سان تمام سھڻو سينگاريل ۽ متاثر ڪندڙ ھو. اسان جو ڊرائينگ جو ٽيچر سائين ٺارو شاھه نالي تمام ڀلوڙ استاد ھو. مزيدار ڳالھه اھا ته سائين ٺارو شاھه جو تعلق به سنڌ جي شھر ٺارو شاھه سان ھو. جيڪو مشھور راڳي ماسٽر چندر جو شھر ھيو. ڊرائينگ ھال ۾ پنھنجي پنھنجي ڊيسڪ تي ويٺاسين. استاد صاحب چوٿو پنو ڊرائينگ پيپر، ھڪ پينسل ۽ رٻڙ ھرھڪ شاگرد کي ڏنو ۽ پاڻ بورڊ تي ڪنهن شئي جي نمائشي تصوير ڪڍي سمجھائيندو به ويو ۽ پوءِ اسان کي چوندو ھو ته اھا تصوير پينسل سان ڏنل ڪاغذ تي ٺاھي پنھنجو نالو ۽ ڪلاس لکي استاد جي حوالي ڪريو. آئون جيڪو وقت ھاءِ اسڪول ۾ ھوس. انهن ٽن چئن سالن دوران ” ڊرائينگ ھال“ منھنجي لاءِ آرٽ جو ھڪ نمايان نمائشي ھال رھيو. مون ڏٺو ته ڊرائينگ ۾ ڪيترائي شاگرد تمام وڏيون تصويرون ٺاھي رھيا ھئا. ان اسڪول ۾ مولوي قادر بخش ميرپور خاص واري جامع مسجد نزد ريلوي اسٽيشن جو خطيب عربي پاڙھيندو ھو. آئون فارسي پڙھندو ھوس، جيڪا عباسي صاحب ھڪ بندري قد جو تمام چست ۽ سخت طبيعت وارو استاد پاڙھيندو ھيو. اھو عباسي صاحب جنرل ايوب جي زماني ۾ پوءِ اسلام آباد ڪنهن آفيسرانه عھدي تي چونڊجي ويو ۽ پوءِ اسان جو جماعتي استاد الھڏتو مھر صاحب پوليس ۾ ASI ڀرتي ٿي ڪراچي ھليو ويو.
اردو ڪلاسن جي استادن ۾ نمايان ”قمر صاحب“ چوٿين درجي جو ڪلاس ٽيچر، پينٽ ۽ شيرواني ۾ ملبوس ۽ نڪ تي خاص عينڪ پاتل ھڪ شاعر نما استاد ھوندو ھيو. سندس شخصيت به متاثر ڪندڙ ھئي. اھو ان لاءِ ٿو چوان جو شايد پنجين، ڇھين ڪلاس دوران آئون ھڪ مھينو لاڳيتو غير حاضر رھيس ۽ ڪلاس مان منھنجو نالو خارج ڪيو ويو. مھيني کان پوءِ واپس جڏھن اسڪول ويس ته مونکي ھيڊ ماستر دين محمد آرائين صاحب وٽ پيش ڪيو ويو. مون وري داخلا لاءِ عرض ڪيو، دين محمد صاحب غيرحاضري بابت سخت سرزنش ڪرڻ کان پوءِ چيو ته سنڌي سيڪشن ۾ ڪابه سيٽ خالي نه آھي، باقي اردو سيڪشن ۾ تنھنجي داخلا بحال ٿي سگھي ٿي. مون لاچار ھا ڪئي. ان سال اردو سيڪشن جو ڪلاس ٽيچر محترم ”قمر صاحب“ ھيو، جنهن تمام پياري انداز ۾ مونکي ڪلاس ۾ ويھاريو ۽ جڏھن لوڪل امتحان ٿيو ته ان ۾ منھنجو ٻيو نمبر اچڻ تي ڪلاس ۾ اسٽيج تي سڏي اردو شاگردن کي چيائين ته ”ڏسو ھي سنڌي ميڊيم جو شاگرد ھڪ سال اوھان سان گڏ اردو ميڊيم ۾ پڙھيو ۽ نمايان نمبر حاصل ڪيو اٿس.“
انهيءَ عرصي دوران ھڪ ڏينهن مولوي قادر بخش بزرگ صورت عالم، فاضل عربيءَ جو استاد اسان جي ڪلاس ۾ آيو ۽ چيائين ته عربي ڪلاس ۾ تمام گھٽ طالب علم آھن، حالانڪه اھا اسان جي قرآن شريف جي ٻولي آھي، ان جي تعليم حاصل ڪرڻ ھر ھڪ مسلمان لاءِ تمام ضروري آھي. تنهن ڪري منھنجي عربي ڪلاس ۾ اچي نالا داخل ڪرايو. آئون پنھنجي اسلامي جذبي سان سرشار ٿي وڃي عربي ڪلاس ۾ ويٺس ۽ فارسيءَ کي الوداع ڪيم. حالانڪه ڪئمپ جي قيد دوران ڪئمپ جي مدرسي ۾ ناظره قرآن پڙھڻ سان گڏ، آئون ڪافي قدر فارسيءَ جو درس حاصل ڪري چڪو ھئس. مونکي ان ڪتاب مان ”ڪريما به بخشاء برحال ما- ڪ ھستم اسيري ڪمندِ ھوا“ سمورو ياد ھو. باقي عربي پڙھڻ مان ثواب ته ٿيڻو ھو سو ٿيو، باقي عربي زبان جي سمجھڻ، پڙھڻ، لکڻ، ڳالھائڻ ۾ ڪابه نمايان حاصلات ڪو نه ٿي. اڄ تائين اسان جي اسڪولن ۾ عربي لازمي مضمون ته آھي، پر پاڙھڻ وارا مولوي صاحبان ٻولي سکيا (Teaching of language) بابت ڪجھه به ڪونه ٿا ڄاڻن. تنهنڪري اھو مضمون نقل سڪل ڪري فقط پاس ڪرڻ لاءِ ھوندو آھي. اصل مطلب ھو اسان جي مدرسائي ۽ جديد تعليمي نظام منجھان سعودي اشاري تي فارسي کي نيڪالي ڏيڻ. باقي فارسي ته سنڌ جي مدرسن ۾ مغلن، ارغونن، ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ رائج ھئي ۽ مغل/ ايراني سامراج جي زيردست ٻولي ليکبي ھئي. ان دور ۾ فارسي جي ايتري ئي اھميت ھئي، جيتري ھينئر انگريزي جي آھي. ٻيوته فارسي سامراج دوران جيڪو به ادب برصغير بابت لکيو ويو، اھو نوي سيڪڙو فارسي ٻوليءَ ۾ ھيو. پر فارسي پاڪستان مان ايراني ۽ عربي تڪرار سبب تڙجي ويئي ۽ عربي ڪو چاڙھو ڪونه ڪيو، ڇاڪاڻ ته عربي ٽيچر صرف نالي جا عربي استاد ھئا، ھنن وٽ عربيءَ جي مھارت بلڪل ڪونه ھئي. تنهن ھوندي به مون جڏھن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته عربيءَ جي مضمون ۾ Distinction حاصل ڪيم.
اسڪول ۾ باز خان نالي انگريزي فوج مان ريٽائر ٿيل اسان جو ڊرل ماستر عجيب غريب شخص ھو. ٿورو منڊائي ھلندو ھو ۽ پريڊ ڪرائڻ وقت قدم کڻڻ جي ٽائمنگ ۽ ٻار جي پوزيشن جو وڏو خيال ڪندو ھو. اسان جي ڪلاس ۾ لال داس نالي ڇوڪرو پڙھندو ھو، سندس ماءُ، پيءُ سيشن جج جي بنگلي تي صفائي جي عملي ۾ شامل ھئا. اتي ئي سرونٽ ڪوارٽر ۾ رھندا ھئا. لال داس صاف سٿرو ۽ سھڻو ٻار ھو، سندس ليفٽ رائيٽ باز خان کي ڏاڍي وڻندي ھئي. ڪوئيڪ مارچ جو آرڊر ڏيڻ کان پوءِ ”باءِ دي ليفٽ“ جو آواز ڪندي زور سان چوندو ھو ته ”لال داس ڪا پوزيشن بھت اڇا ھي.“ مطلب ته لال داس جا قدم باز خان کي پسند ھئا.
ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر دين محمد آرائين صبح جي اسيمبليءَ ۾ ھڪ حديث شريف جو ڪتاب کڻي واعظ فرمائيندو ھو. گرميءَ جي موسم ۾ سندس واعظ تمام ڊيگھه ڪندو ھو. ڪڏھين ڪڏھين ڪمزور ٻار ڦيري کائي زمين تي ڪري به پوندا ھئا پر سندس فرمان ھوندو ھئو ته ” ڪمزور لڙڪي بيٺ جائين اور واعظ سنين!!“
موڪل کان پوءِ اڪثر ڪري آئون ۽ خوشي رام پھلوان گڏجي نڪرندا ھئاسين. ڪليڪٽوريٽ جي آفيس کان اچي حيدرآباد روڊ وٺي شھر ڏانهن ھلندا ھئاسين. پادري اسپتال کان ٿورو اڳتي ھلندي، پوليس لائين جي مخالف طرف شاھه لطيف گرلس ڪاليج ايندي ھئي. اھا ھڪ تمام وسيع ۽ قلعي نما عمارت ۾ قائم ھئي. ان وٽان گذرندي خوشي رام چوندو ھئو ” الھورايا! اھا بلڊنگ اسان جي ھئي، ڀيڻ ......... (گار ڏئي) اسان کان ڦري ورتي، ھاڻي اسين پنھنجي ٻي جڳھه ۾ رھون ٿا.“ ھڪ دفعو اسڪول جي ڪم سانگي اسان ڪجھه شاگرد ان گرلز ڪاليج ۾ وياسين، مون ڏٺو ته بلڪل قلعي نما ديوار اندر ھڪ وسيع محلات تعمير ٿيل ھئي! انهيءَ عمارت جي سڄ ڌڄ ڏسڻ بعد مون سوچيو ته خوشي رام جي ان جارحانه انداز ۾ ڪيتري نه سچائي ھئي. ميرپور ڇڏڻ کان پوءِ نه وري ڪو لال داس سان ملاقات ٿي، نه ڪو خوشي رام پھلوان مليو، جئي بابت مون ٻڌوته ھو انڊيا لڏي ويا آھن. (جئھ ميرپور خاص جي وڏي سيٺ جو پٽ ھو) انهن ھم ڪلاسي دوستن مان فقط مظھر عباسي سان ملاقات ٿي سگھي. ھو ھاءِ اسڪول جو سينيئر ٽيچر ھو، پرائمري سپروائزر به رھيو ۽ جڏھين ميرپور ۾ بورڊ قائم ٿيو ته بورڊ ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندڙ ھو. ھڪڙا ٻه ڄڻا چاچڙ برادرز به منهنجا ھم ڪلاسي ھئا. اصل ۾ اتر پاسي جا ھئا. سندن مائٽ ٽيليفون ڊيپارٽمينٽ ۾ ملازم ھئا، انهن يارن سان به اسڪول لائيف بعد ملاقات ڪو نه ٿي. ٻڌو اٿم ته ھمراھه ساڳئي ٽيليفون کاتي ۾ ملازمت ڪندا رھيا.