آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

بيورو آف ڪريڪيولم- آپا شمس عباسيءَ جو دور

ضياءَ الحق جي دور ۾ سنڌ جي نصاب سازي واري اداري کي غير معمولي اھميت ڏني ويئي. سنڌ جون سڀ ٽريننگ ڪاليجون تعليم کاتي بدران، بيورو آف ڪريڪيولم جي ڪنٽرول ۾ اٽيچ ڊپارٽمينٽ قرار ڏيئي، ان جي حوالي ڪيون ويون. انسپيڪٽر آف ٽريننگ انسٽيٽيوشنس جو عھدو برقرار رکيو ويو. انهيءَ زماني ۾ آپا شمس عباسي بيورو جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ اچي انتظام سنڀاليو. آپا شمس عباسي حيدرآباد جي قاضي خاندان مان ھئي. سندس رھائي رسائي اسلام آباد تائين ھوندي ھئي. آپا جي اچڻ بعد ھن کاتي مان بيورو ڪريسي وارا طريقا بلڪل ختم ٿي چڪا. ڇاڪاڻ ته آپا جو چوڻ ھيو ته ”No bossing in bureau“ يعني بيورو ۾ افسرشاھي بلڪل ختم. آپا ساڳي وقت سڀني ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ بيورو ۾ ڪم ڪندڙ ماھرِ مضمون آفيسرن کي اھو ٻڌائي ڇڏيو ته اوھان جو رويو ٽريننگ ڪاليجن جي استادن سان تعليمي ۽ دوستانه رھندو. نتيجو اھو نڪتو جو سنڌ جي سڀني تربيتي ادارن ۾ ھڪ مثبت تبديلي اچي وئي. ان زماني ۾ عالمي بئنڪ ۽ آمريڪا سرڪار پڻ پاڪستان تي تمام گھڻي مھربان ھئي. نصاب جي سڌاري ۽ استادن جي تربيت لاءِ تمام گھڻا پروجيڪٽ جاري ٿيا. ان ڪم ۾ آپا شمس عباسيءَ جو وڏو ڪردار رھيو. ھيءَ مائي سندس انتظام ھيٺ ڪم ڪندڙ سموري عملي جي خبر چار رکندي ھئي. مجال آھي جو ڪو ڪلارڪ يا اڪائونٽنٽ ڪا اڙي ڪري.
آپا صاحبه جي ڪوشش ھوندي ھئي ته تربيتي ادارن ۾ پاڙھيندڙ استادن جو علمي استعداد بلند ڪيو وڃي. ان لاءِ مختلف مضمونن بابت سيمينارن جو ھڪ سلسلو جاري ٿيو. جنهن ۾ ولايت مان آيل ماھر اچي تربيت ڏيندا ھئا. ان زماني ۾ منعقد ٿيندڙ سيمينار نه رڳو تعليمي، تدريسي سرگرمين جي ڪري دلچسپ ھئا پر انهن ۾ شرڪت ڪندڙ خواتين و حضرات پڻ ديکا ديکي ديدارخواھه پوشاڪ ۾ سھڻا لڳندا ھئا. آپا جي ڪوشش ھئي ته ھنن ڪاليجن ۾ پاڙھيندڙ HST جا عھدا وڌائي کين سترھين گريڊ ۾ ليڪچرر جو عھدو ڏنو وڃي ۽ ٽريننگ اسڪولن جو درجو وڌائي ”اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن“ قرار ڏنو وڃي. اھي ترقياتي ڪم آپا صاحبه جي دور ۾ ٿي گذريا. آپا صاحبه جي اھڙين ڪوششن سبب استادن جي تربيت جو معيار بلند ٿيو. نه صرف ايترو پر تربيتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي ٻاھرين ملڪن برطانيه، آمريڪا خواھه آسٽريليا ۾ مطالعاتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ جا موقعا پڻ فراھم ڪيا ويا. آئون يقين سان چوان ٿو ته سنڌ جي ٽيچر ايجوڪيشن جو آپا جي سربراھي وارو دور سونهري دور ٿي گذريو آھي. آپا شمس عباسي جڏھين رٽائر ٿي سموري سنڌ جي ٽريننگ ڪاليجن آپا جي مان ۾ انڊس ھوٽل حيدرآباد ۾ شاندار الوداعي پارٽي ڏني. آپا صاحبه کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ھڪ سونو ھار به ڀيٽا طور ڏنو.