بُڪيرا شريف جي ياترا
ھاڻي جڏھين پياري لنڊ ۾ رھندي، دوستن سان ھر طرح جي بي تڪلفي، نظرياتي ھم آھنگي سان گڏ ھڪ محبت جو رشتو قائم ٿي چڪو ھو. ان سان گڏ پياري لنڊ جي اُٺن ۽ اوٺارن جي سفر کي به سھسائي چڪاسون، تڏھين خبر نه آھي ڪھڙي سبب جي ڪري منھنجي ٽرانسفر جو آرڊر حيدرآباد مان اچي نازل ٿيو. مونکي پياري جي پيارن کان جدا ڪري ھاڻي ”بڪيرا شريف“ شھر جي مڊل اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. خليل دائودپوٽي وٽان خبر پئي بڪيرن جو اھو مڊل اسڪول، استاد طبقي لاءِ نهايت اوکو اسڪول آھي. بھرحال دوستن کان موڪلائي ھاڻي بڪيرا شريف جي ياترا لاِءِ نڪتاسون. مونکي دوستن ڏس ڏنو ته ٽنڊي الھيار شھر جي چمبڙ ناڪي وٽان ٽانگي جي سواري ملندي. اھا ڪچو رستو وٺي ڏکڻ طرف ڪجھه ڪلوميٽرن تي واقع بڪيرن جي شھر ۾پھچائيندي. ٻي نشاني اھا ٻڌايائون ته بڪيرن جو شھر ھڪ تمام اُتاھين دڙي مٿان اڏيل آھي ۽ شھر ۾ ھڪڙو قديم درگاھه آھي، جنهن ڪري ھن شھر کي ”بڪيرا شريف“ ڪوٺيو وڃي ٿو.
بھرحال ٽنڊي الھيار کان ٽانگي وسيلي بڪيرن جو سفر شروع ڪيوسون. رستي ۾ گوڏن برابر ڌوڙ ڇانيل ھئي. ان ڪري ڪپڙا لٽا ڌوڙ ٿي ويا. بڪيرن ويجھو ھڪ شاخ وٽ مون ڏٺو ته آفريڪن نسل جو عورتون ڪپڙا ڌوئي رھيون ھيون. ھا ٻيلي! مير صاحبن جو امپورٽ ڪيل ھي نسل جيئن لاڙ ڏي وڃبو، تيئن سندن آبادي وڌيڪ نظر ايندي وڃي ٿي. بھرحال ”ھوشو بھادر“ جا ھي مائٽ سنڌ جي نسلي رنگن ۾ ھڪ نئون رنگ ڀرين ٿا.
خير سان اوچو دڙو چڙھي، اسڪول جو پڇائيندي، وڃي شھر جي ڏاکڻي ڇيڙي تي ھڪ پراڻي عمارت ۾ موجود اسڪول تي پھتاسون. ان وقت اسڪول جي موڪل ٿي چڪي ھئي. ھڪ ماڻھو اتان جو سونهون ٿي ھليو، شھر ۾ ھڪ استاد جي رھائشگاھه تي. اتي مڊل اسڪول جو ھڪ استاد مٽيارين جو شاھه صاحب رھندو ھو. نوجوان شاھه مونسان ملي، نهايت خوشيءَ سان ان ننڍڙي جڳھه ۾ گڏجي رھڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪئي. بڪيرا شھر جي آسپاس ۾ زرعي زمين تمام زرخيز نظر آئي. ڪماند جو فصل وڏي ايراضيءَ ۾ پوکيل نظر آيو. ھونئن به ٽنڊي الھيار جي زمين سڄي سنڌ ۾ اول درجي جي زرعي زمين ليکي وڃي ٿي. انهيءَ زماني ۾ به ٽنڊي الھيار جي آسپاس انبن ۽ ڪيلن جا باغات ھئا. باقي بڪيرن جو شھر جنهن اونچي دڙي تي آباد ھو. انهيءَ مان مونکي اھو احساس ٿيو ته شايد ھي شھر پورالي سنڌو درياءَ جي ٻوڏ جي خطري ۾ ھوندو، جنهن جي ڪري ھن شھر جي ماڻھن اُتاھين دڙي تي پنھنجو مسڪن جوڙيو.
ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ استاد احمد ھالي پوٽي سان ملاقات ٿي، جنهن جو ڳوٺ ڀرپاسي ۾ ھو. احمد ھالي پوٽو نهايت فھميده طبيعت جو استاد آھي. ھن مونکي آٿت ڏني ته ھتي پنھنجو وقت سٺو گذرندو. اھو احمد خان ھاليپوٽو استاد مونکي دم دلاسا ڏيندو ھو ۽ اڪثر ڪري بڪيرن جي آسپاس گھمائڻ لاءِ وٺي ويندو ھو. خاص ڪري ان تر ۾ مولودن جون محفلون، دعوتون جاري رھنديون ھيون. جن ۾ نه صرف شرڪت ڪبي ھئي، پر ان سان گڏ کاڌخوراڪ جي پڻ دعوت ۾ ويلا ٽارڻ جو موقعو ملندو ھو. منھنجو ھي محترم استاد احمد خان ھاليپوٽو ترقي ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ قائم ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو. اُتي وڃڻ ٿيندو ھو ته بڪيرا شريف جون يادگيريون ھڪ ٻئي سان ونڊبيون ھيون،
انهيءَ زماني ۾ چمبڙ ۽ بڪيرا شريف جي تر ۾ انقلابي ھاري تحريڪ زورن تي ھئي. گھڻو پوءِ مونکي خبر پئي ته ھن تر ۾ ھڪ انقلابي سيد بخاري زيرزمين ھاري تحريڪ ۽ انقلاب جي تبليغ ڪندڙ ھو. ايتري قدر جو ھاري تحريڪ کي ھڪ خاص حيثيت ملي وئي، جنهن ڪري زميندارن جي ھارين سان ڏاڍاين جا فيصلا ھاري ليڊر ڪرڻ لڳا. اھي خبرون مونکي گھڻي قدر محترم خورشيد قائم خاني جي وسيلي پيون. انهيءَ وڌندڙ ھاري تحريڪ دوران ھن تر، پياري لنڊ ۽ چمبڙ واري تر ۾ اچانڪ مشھور ڌاڙيل پيدا ٿي پيا ۽ ماڻھن ۾ ڏھڪاءُ پيدا ڪيائون. ميرآباد واري مير صاحب کي ٿيٻي ذات جي مشھور ڌاڙيل قتل ڪري، ھن علائقي ۾ خوف جي حالت طاري ڪري ڇڏي. نتيجي ۾ اڀرندڙ ھاري تحريڪ درجي به درجي پوئتي پئجي وئي. مونکي اڄ تائين اھو شڪ آھي ته اھي ڌاڙيل ھاري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ھڪ پلان تحت بڇيا ويا ھئا. بھرحال بڪيرا شريف ۾ جيڪي لکئي جي ليک جا ڏينهن مقرر ھئا، اھي نيٺ پڄاڻيءَ تي پھتا ۽ اتان کان منھنجي ٽرانسفر گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ ٿي. ھتي اچي مون سک جو ساھه کنيو، ڇوته ھاڻي اچي گھر ڀيڙو ٿيس.