ڪجھه ذڪر سنڌي ادبي سنگت جو
سانگھڙ ضلعي ۾ سڀ کان پھريائين جھول شھر ۾ س-ا-س جو بنياد 1960ع ۾ قاضي محمد عالم ’معصوم ھالائي‘ رکيو. قاضي صاحب جي قائم ڪيل سنگت اڃان تائين جھول ۾ مير الھه بخش پبلڪ لائبريري سان قائم آھي. شروع ۾ سانگھڙ کان ڪجھه نوجوان ھر آچر تي جھول سنگت جي ادبي ڪچھرين ۾ اچي شريڪ ٿيندا ھئا. ”اياز نظاماڻي“ صاحب سانگھڙ مان سائيڪل تي جھول اچي ڪچھرين ۾ شريڪ ٿيندو ھو. آئون سنڌي ادبي سنگت جي ڪوششن جو ھتي ھڪ واقعو بيان ڪريان ٿو. جنرل ايوب پنھنجي حاڪميت جا ڏھه سال پورا ڪرڻ تي پاڪستان جي ھر شھر ۾ Decade of Development جي نالي ۾ پروگرام ۽ نمائشون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان تحت سانگھڙ ۾ ھڪ عاليشان صنعتي نمائش جو انتظام ڪيو ويو ھو. انهيءَ موقعي تي سانگھڙ جي ڊپٽي ڪمشنر صلاح الدين قريشيءَ آل پاڪستان اردو مشاعرو جيم خانه سانگھڙ ۾ منعقد ڪرايو. قاضي محمد عالم ’معصوم‘ ڊي- سي صاحب کي لکيو ته ” سنڌي زبان ۾ مشاعرو ڇونه؟“ ان تي ڊپٽي ڪمشنر قاضي محمد عالم کي گھرائي چيو ته سڀاڻي شام جو نمائش جي ثقافتي شو ۾ اوھان ڀلي اچي مشاعرو ڪريو. قاضي صاحب ڀڄ ڀڄان ڪري، ٻئي ڏينهن شام جو مشاعري کان ٿورو ٽائيم اڳ محترم شمشيرالحيدري، پرواني ڀٽي ۽ ھڪ ٻئي شاعر کي حيدرآباد مان وٺي آيو. ھتان جھول مان قاضي محمد عالم ’معصوم‘ صاحب ۽ مون مشاعري ۾ ھزارن سامعين سامھون پنھنجي شاعري پيش ڪئي. ان طرح سنڌي ٻوليءَ جي اھميت کي ڪامورا شاھي کان تسليم ڪرايوويو. ٻئي پاسي ڇا ٿيو جو سانگھڙ ۾ روزانه مھراڻ جي خاطو محمد حيات نظاماڻي مھراڻ اخبار ۾ ٽوڪبازي ڪندي اھا خبرشايع ڪرائي ته ”سانگھڙ واري نمائش ۾ سرخن شاعرن جو ٽيڊي مشاعرو ٿي گذريو!!“
ياد رھي ته ان زماني جا سنڌي اديب کاٻي ۽ ساڄي ڌرين ۾ تقسيم ٿيل ھئا ۽ مھراڻ اخبار ساڄي ڌر جي سرڪاري اديبن جي طرفدار ھئي. بھرحال ھن وقت سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم ۾ جھول خواھه سانگھڙ ۾ تمام بھترين ليکڪ ۽ شاعر سنڌي ادب جي آبياري ڪري رھيا آھن. جھول سنگت مان ”معصوم سانگھڙائي“ ( عبدالقادر مھر) تمام بھترين شاعر ٿي گذريو آھي. سانگھڙ سنگت ۾ ”امر لغاري“ شارٽ اسٽوري ۽ ناول جي صنف ۾ سنڌ مشھور اديب ليکيو وڃي ٿو. حر تحريڪ جي تاريخي ادب و ادب ۾ استاد نظاماڻي ۽ ولي محمد خاصخيلي پبلشر جي حيثيت ۾ تمام اھم ڪم ڪيو آھي.