چريا پڙي عرف ”پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ“ جو دفتر
ڪامريڊ حسن عسڪري جي سربراھيءَ ۾ ”پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ“ جو ضلعي دفتر کوليو ويو. ان جي آفيس بيت الفضل جي ڏاکڻي گھٽيءَ ۾ ڏھن فوٽن جي ھڪ ننڍڙي جڳھه ۾ قائم ھئي. جنهن ۾ روزانه شام جو کاٻي ڌر وارن دوستن جون ڪچھريون قائم ھيون. اتي دوست گڏجي ويھندا ھئا ۽ پنھنجي پنھنجي انقلابي مطالعي بابت ڳالھه ٻولھه ٿيندي ھئي. ھتي ھڪ ننڍي ڪٻٽ ۾ ڪتابن جي لائبريري پڻ قائم ھئي، جنهن ۾ سوويت يونين جي مشھور ليکڪن جا ڪتاب موجود ھوندا ھئا. ھن آفيس ۾ ڪڏھن ڪڏھن محترم لکمير ڏاھري پڻ شريڪ ٿيندو ھو. لکمير ڏاھري، رسول بخش پليجي صاحب جو پرجوش ڪارڪن ھيو. ھي صاحب، حسن عسڪري صاحب سان اختلافي بحث مباحثا ڪندو رھندو ھو. ھن آفيس ۾ ھري لوھاڻو جيڪو پوءِ ھري ”آزاد“ سڏائيندو ھو، به سوشلسٽ پارٽيءَ جي ”يوٿ ليگ“ جو ڪارڪن ھو. ھڪ ٻه مالھي ذات جا نوجوان پڻ يوٿ ليگ ۾ شامل ھئا. انهن مان شنڀو مالھي اڃان تائين عسڪري صاحب کان آشيرواد حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو رھندو آھي.
اسحاق مڱريو پھريان جيئي سنڌ وارن جي ھڪ زبردست ليڊر جي قافلي ۾ شامل ھيو. اجرڪ ڪنڌ ۾، جھول ۾ منھنجي لاءِ عبدالغني ميمڻ جي ميڊيڪل اسٽور تي پمفليٽ ۽ پوسٽر رکي ويندو ھو. اسحاق مڱريو اڀپور ۾ سائين علي ڏني شاھه جي اوطاق تي اڪثر ڏٺو ويندو ھو. علي ڏنو شاھه جيتوڻيڪ پپلزپارٽي جو پرجوش ورڪر ھوندو ھو. پر ان سان گڏ شعر و شاعري سان دلچسپي رکندڙ ۽ سنڌي ادبي سنگت جھول جي ادبي گڏجاڻين ۾ پيش ٿيندڙ لکتن تي زبردست تنقيد ڪندو ھو.
ضياءُالحق جي دور ۾ اسحاق مڱريو قومپرستي جو ڪم ڇڏي، عسڪري صاحب جي سوشلسٽ پارٽيءَ ڏي مائل ٿيو. ساڻس گڏ گل حسن سريوال جي ڳوٺ جو نوجوان مير حسن سريوال به ”يوٿ ليگ“ جو پرجوش ڪارڪن بنجي ويو. ان ننڍڙي دفتر جي سارسنڀال محترم قيوم لانڊر جي حوالي ھوندي ھئي. اسڪول ٽائيم کان پوءِ جڏھن ھن انقلابي آفيس ۾ حسبِ معمول وڃڻ ٿيندو ھو ته اتي قيوم لانڊر ھڪڙي بئنچ تي ڪارل مارڪس جو ضخيم ڪتاب ”داس ڪئپيٽال“ سيراندي ڏيو ستو پيو ھوندو ھو. پوءِ آھستي آھستي ٻيا دوست اچي ڪٺا ٿيندا ھئا. حسن عسڪري صاحب پنھنجي kava saki موٽر سائيڪل تي پھچي ويندو ھو ۽ پوءِ اھا تات شروع ته ڪڏھن ٿو مغرب کان مارڪس جو لينن انقلاب اچي. ھتي دوست پنھنجي پنھنجي مطالعي جو نچوڙ ٻين دوستن سان شيئر ڪندا ھئا.
لڳ ڀڳ انهيءَ زماني ۾ ميان مير حسن سريوال کي سندس پارٽيءَ سوويت يونين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. ان زماني ۾ اسحاق مڱريو بي روزگار ھو. ھن ڪجھه رقم ھٿ ڪري اسڪول ورڪس کاتي ۾ ٺيڪيداريءَ جو ڪم شروع ڪيو پر جلد ئي ڏيوالو ڪڍي بيٺو. سانگھڙ ۾ بجري سپلاءِ ڪرڻ وارو لالو وصولي لاءِ سندس ڳولا ڪندو رھندو ھو. پوءِ کيس حسن عسڪري صلاح ڏني ته ”جاڳو“ اخبار جو سانگھڙ مان عيوضي ٿي وڃي ۽ صحافت اختيار ڪري. اھڙي طرح اسحاق مڱريو صحافت جي ميدان ۾ ھليو ويو. آئون کيس ائنٿروپالوجي جي پس منظر ۾ شڪاري قبيلي بابت مضمون لکڻ جا ڏس ڏيندو ھئس. ھي ھمراھه اڄ ڪلھه وڏو ڍينگ صحافي آھي ۽ کيس کاھوڙي جو لقب ڏنو وڃي ٿو.
حسن عسڪريءَ کي ان ڳالھه جو بھرحال ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو، جو ھن صاحب سانگھڙ جي نوجوانن ۾ سيڪيولر سوچ ۽ انقلابي ذھن پيدا ڪرڻ جي ڪافي قدر ڪامياب ڪوشش ڪئي. حالانڪه انهن ڏينهن ۾ وٽس ڪو پارٽي فنڊ وغيره موجود ڪونه ھو. ايتري قدر جو پارٽي آفيس جي معمولي مسواڙ ڏيڻ به مشڪل مرحلو ھو. ھڪ دفعي جاءِ جي مالڪ مسواڙ نه ملڻ ڪري، ان تي پنھنجو تالو ھڻي ڇڏيو. مٿان کان وري ڇا ٿيو جو اچي مينهن پيا ۽ آفيس ۾ پاڻي ڪاھي پيو. عسڪري صاحب جڏھن ھتان ھتان ڪجھه رقم گڏ ڪري، آفيس کولي ته انقلابي ڪتاب پاڻي جي نذر ٿي چڪا ھئا. مون انهن مان ”داس ڪئپيٽال“ جو ڪتاب کڻي اچي گھر ۾ خشڪ ڪيو ۽ نهايت باريڪ بيني سان ان جي مرمت ڪري، نئون جلد ٻڌي محفوظ ڪيو. اڃان تائين قيوم لانڊر کي چوندو آھيان ته سندس تڪئي وارو ڪتاب مون وٽ آھي. جي سيراندي ڪري سمھڻ چاھي ته کيس پيش ڪريان.
سانگھڙ ۾ چريا پڙي تي باقاعده گڏجاڻيون ڪندڙ نوجوانن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ٿيو. ان زماني ۾ سوشلسٽ پارٽيءَ جو معمر رھنما جناب انيس ھاشمي صاحب، ھتي اچي ليڪچر ڪندو ھو. ياد رھي ته ھاشمي صاحب انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر رھي چڪو ھو. سندس خاندان جا دھليءَ ۾ رھندڙ فرد به ساڳي طرح انقلابي ھئا. انيس ھاشمي صاحب کانسواءِ حيدرآباد مان ڊاڪٽر مبارڪ علي خان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جو سربراھه پروفيسر شيخ فريدالدين به سانگھڙ ۾ اچي پروگرامن ۾ حصو وٺندا ھئا. انهن عالمن جو سانگھڙ ۾ اچي ننڍن وڏن پروگرامن ۾ جديد انقلابي خيال پيش ڪرڻ، سانگھڙ جي نوجوانن لاءِ ھڪ قسم جي جدوجھد جي راھه تي ھلڻ جو ڪارڻ بنيو. سانگھڙ جا ماڻھو اسان جي ھن بيٺڪ کي ”چريا پڙي“ ان ڪري ڪوٺيندا ھئا جو اسين چانهه پاپا کائي سڄو ڏينهن جاگيردارن کان زمين ضبط ڪري ھارين ۾ تقسيم ڪرڻ جون ڳالھيون ڪندا ھئاسين.