تربيت جي پڄاڻي
روئندي کلندي تربيت جو ھڪ سال ذري گھٽ اچي اختتام تي پھتو. ٻن سالن جي نصاب کي ھڪ سال ۾ Condensed ڪري مڪمل ڪيو ويو. سالياني امتحان جا عملي سبق به سڪرنڊ ۾ ھلي ڇيھه ٿيا. مٿان اعلان ٿيو ته ضلعي سانگھڙ جا زير تربيت استاد ھاڻي سانگھڙ جي ٽريننگ اسڪول ۾ وڃي دخلڪار ٿي ساليانو امتحان سانگھڙ ۾ ڏين.
موڪلاڻيءَ جون تقريبون ٿي گذريون، سائين صالح محمد شاھه، جيڪو تمام سنجيدھه ۽ سخت گير استاد ھو، ان پنھنجي تقرير ۾ چيو ته ”اسان برابر اوھان کي سخت محنت ۽ مطالعي ۾ مصروف رکيو. اھو عمل ٿڪائيندڙ ضرور ھو، پر ائين سمجھو ته اسان، اوھان کي علم جي بٺيءَ ۾ پچائي راس ڪيو آھي. ھاڻي اوھان پنھنجي پيشي جا ماھر استاد سڏائڻ جا حقدار ٿي چڪا آھيو.“ استاد صاحب جي اھا ڳالھه بلڪل صحيح ھئي. اسان جي ان گروپ جا ڪيترائي دوست ايم اي- ايم ايڊ تائين نهايت آسانيءَ سان ڊگريون محنت سان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
1964ع ۾ ساليانو امتحان سانگھڙ ۾ ٿيو. ھن امتحان جي نتيجي ۾ منھنجو ٽيون نمبر ھو. امتحان پورو ٿيڻ بعد ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس طرفان اسان کي واپس اسڪولن ۾ مقرري جا آرڊر ڏنا ويا. منھنجي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جھول ۾ نائب استاد جي حيثيت ۾ مقرري ٿي. ياد رھي ته ھن اسڪول جو آئون شاگرد رھي چڪو ھوس. ۽ ھاڻي ساڳئي اسڪول ۾ استاد جي منصب تي مقرر ٿيس. ان زماني ۾ سانگھڙ ضلعي جي پرائمري تعليم جو جڳ مشھور آفيسر حافظ عبدالستار ميمڻ ھو. حافظ صاحب گوسڙو ماسترن لاءِ تمام سخت گير ثابت ٿيو. لائق استادن جو ساڳئي وقت قدردان پڻ ھوندو ھو.