منھنجو شھر جانان- ميرپور خاص
حر ڪئمپ مان نڪري جھول شھر ۾ آباد ٿياسون. مينهون چاريندي چاريندي اسڪول وڃي پڙھڻ جو شوق جاڳيو. ھاڻي جھول جا وڻ ڇڏي، علم جي تلاش ۾ جڏھين 1955ع ڌاري وڃي ميرپور خاص شھر جا درشن ڪيم، ان وقت منھنجي لاءِ شھر ميرپور خاص وڏو روشنين ۽ باغن بستانن، گلن ۽ سونهن ڀريو شھر لڳو. مير صاحبان جو وسايل ھيءُ شھر مون لاءِ تمام وڏو اتساھه ڀريو شھر ثابت ٿيو.
الفقراءَ جي آفيس نائي پاڙي بخاري پڙ ۾ واقع ھئي. ھن نائي پاڙي جا لڏي آيل ماڻھو گھڻو ڪري، راجستان سان واسطو رکندڙ آھن. مطلب ته ورھاڱي وقت جڏھين ھنن فيصلو ڪيو ته ھاڻي ھجرت ڪري ھلون ٿا Promised land ڏانهن، تنهنڪري جئھ پور ۽ جوڌپور سندن قافلا راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ جوق در جوق سوار ٿي اچي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ميرپور خاص جنڪشن واري شھر انهن کي ڪشش ڪئي پوءِ لڏو لاھي لھي پيا ميرپور ۾. ھنن لاءِ گھر، محل، ماڙيون، دوڪان ۽ ھتان لڏي ويل ھندو خالي ڪري ڇڏي ويا ھئا. ھنن نوان لڏي آيل لوڪن، نيون ٻوليون ٻوليندڙ ماڻھن ڪجھه اوپري ديدار ۽ پوشاڪ وارن اچي ھيءُ شھر وسايو. نائي پاڙي ۾ پير غلام رسول شاھه جيلانيءَ جو حويلي نما گھر ھو. پير صاحب جا نوڪر ۽ نوڪراڻيون (ڏاڏا ۽ ڏاڏيون) بخاري پڙ وٽان گذرندي نظر ايندا ھئا. پير غلام رسول شاھه صاحب جو خاندان، پنھنجي روحاني جماعت جو رھبر ته ھيو، پر ميرپور خاص شھر ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو وڏو قدردان چيو ويندو ھو. پير صاحب ھر سال سموري ملڪ مان ڪلاسيڪي راڳي گھرائي ٽن ڏينهن لاءِ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي محفل سجائيندو ھو.
ميرپور ۾ اچڻ کان پوءِ مونکي خيال ٿيو ته ھاڻي ھي شھر جانان گھمي ڦري ڏسجي. اڪيلو وڃڻ کان لھرايم پئي، جو واپسي مھل گھر جون گھٽيون ڀلجي ٿي ويس. ان ڪري الفقراءَ جي نوڪر مشتاق کي چيم ته ”يار! گڏجي ھل ته شھر گھمي ڏسجي.“ نائي پاڙي جي ھڪ پاسي ھڪ گھٽي ھئي، جنهن ۾ ڪپھه پڃڻ وارا پينڃارا ڪم ڪندڙ ھئا. ان گھٽيءَ جي ٻئي پاسي تيلين جو پاڙو ھو، اھي تيلي به سڀ راجستان مان لڏي آيل ھئا. ان گھٽيءَ مان ھلندي ”ڪاھو بازار“ ۾ داخل ٿبو ھو. ان وقت ڪاھو بازار جي اھا گھٽي ٿوري ويران ٿي ڏٺي، ان ۾ ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪي ٿورا دڪان آباد ھئا. ڪاھو بازار وڃي ميرپور جي شاھي بازار ۾ پوندي ھئي. ميرپور خاص جي شاھي بازار چڱي خاصي ڊگھي بازار ٿي ڏٺي. ان جي ٻنهي طرفن کان دوڪان موجود ھئا. شاھي بازار جي منهن وٽ ميرپور جي مشھور حلوائي ”ڦوٽي حلوائي“ جو مشھور دوڪان ھيو. ھيءُ نالي وارو حلوائي ھو. ٻڌو اٿم اڃان تائين سندس نالي سان مٺائي جو دوڪان ھلندڙ آھي. اتان ھلندي اچي ميونسپل چوڪ تي پھچبو ھو جتان کان ھڪ رستو حيدرآباد روڊ شروع ٿيندو ھو ۽ اسٽيشن جي پاسي ھلندي ٻنهي پاسن کان ھڪ وسيع رستي واري بازار ھئي. جنهن جي ھڪ طرف فروٽ جا نهايت سجايل دوڪان ھوندا ھئا ۽ پاسي ۾ جنرل اسٽورن جي قطار. اھا بازار وڃي ”مامون جي شاپ“ ھوٽل ۽ وڏو جنرل اسٽور واقع ھو، اتي پهچندي هئي. ياد رھي ته ھن ھوٽل جو وڏو معيار ھو، جتي غريب غُربي جي جاءِ نه ھئي، فقط زميندار طبقي جا ماڻھو کاڌ پيت ڪندا ھئا.
ٿورو اڳتي اسٽيشن ڏانهن ھلندي، مسافر خانه ۽ ھوٽلون شروع ٿينديون ھيون. ھڪ پاسي ريڊيو دھلي ھوٽل ته ٻئي پاسي پھلوان ھوٽل واقع ھئا. جتي تمام وڏن لائوڊ اسپيڪرن جي ذريعي فلمي گانن ۽ قوالين جي موسيقي گونجندي رھندي ھئي.
سامھون ميرپور خاص جنڪشن جي شاندار ريلوي اسٽيشن واقع ھئي. ھيءَ اسٽيشن ان زماني ۾ منھنجي رومانٽڪ مشاھدي جو مرڪز ھوندي ھئي. ھن اسٽيشن تي الفقراءَ اخبار جي ڪم سانگي ھفتي ۾ ھڪ ٻه دفعا وڃڻو پوندو ھو. ھن اسٽيشن تي انگريزي طرز جو ھڪ عاليشان ريسٽورنٽ ھو. جنهن جي ٻاھرين پارڪ ۾ شام جو خاص ڪلاس جا ماڻھو ويٺل ڏسبا ھئا. باوردي بئرن جي اچ وڃ لڳي پئي ھوندي ھئي.