شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

پنهنجي پاران

جيئن ته مطالعو ڪرڻ منهنجو ننڍپڻ کان ئي شوق رهيو آهي. ان سلسلي ۾ مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن، ۽ منهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ به، هر موضوع تي لکيل کوڙ سارا ڪتاب موجود آهن. مختلف ۽ مهان نالي وارين شخصيتن تي لکيل سمورا ڪتاب پڙهيم، جن ۾ مهراڻ رسالا، سوانح حيات، اُهي ڏينهن ــ اُهي شينهن، جھڙا گُل گلاب جا ۽ ٻيا؛ جنهن ۾ ڪيترن ئي اديبن، سماج سڌارڪ ۽ سياستدانن جي تاريخ کي ويجهي کان پڙهيم. پر، مون کي ڏُک تڏهن ٿيو، جڏهن ڏٺم ته ميگهواڙ جاتيءَ جي مهان اديب ۽ استاد، ميگهواڙ رائچند راٺوڙ، جنهن ”تاريخ ريگستان“ جا ٻه شاهڪار جلد لکي، دنيا ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته، صحراءِ ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا جھڙي مڪمل ڄاڻ رکندڙ تاريخ اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو آهي. مون کي ان مهل ڏاڍو ڏک ٿيو، ته اهڙي عظيم اديب ۽ استاد جو ڪنهن به ڪتاب ۾ ذڪر نه ڪيو ويو آهي. شايد اڄ به ميگهواڙ جاتيءَ سان ٽي هزار سال پراڻي ”مَنو سمرتي“ واري سوچ ۽ تعصب، اسان جي برک اديبن ۽ ليکڪن ۾ موجود آهي، جو انهن ڪڏهن ٻه چار اکر رائچند راٺوڙ جي جنم ڏينهن، يا ورسيءَ جي موقعي تي لکي ڀيٽا ڏني هجي. رائچند راٺوڙ جي سوانح حيات حاصل ڪرڻ لاءِ مون ڪافي ڪتاب ڦلهوريا، اديب دوستن سان به رابطا ڪيم، پر ان جو مڪمل احوال ڪٿان به ملي نه سگهيو. سڀ کان اول ٿر بابت تاريخ، ضلع ٿرپارڪر جي عملدار، ڪيپٽن اسٽينلي نيپئر ريڪس 1859ع ۾ (بطور مئجسٽريٽ) لکي هئي. ان کان پوءِ ڪاڪي ڀيرو مل ”سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جو راڄ“ ڪتاب لکي، ٿر ۾ ٺڪرن جي حڪومت جي طريقيڪار، ۽ ٿر جو مجموعي ذڪر ڪيو آهي. پر، ميگهواڙ ڪردارن جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي. عمرڪوٽ جي تپيدار تيجسنگهه سولنڪي به ”عمرڪوٽ: سنڌ جو اتهاس“ نالي ڪتاب لکي تاريخي احوال سان گڏوگڏ ثقافتي صورتحال جي پڻ تصوير ڪشي ڪئي آهي. ان کان پوءِ محترم منگهارام اوجها، ”پراڻو پارڪر“ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هُن نه رڳو تاريخ، ماڳ ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان مالها ۾ لوڪ ڏاهپ جا موتي پڻ پرويا آهن. مسڪين جھان خان کوسي بابت مجنون بلوچ جو لکيل ڪتاب به خوبصورت تاريخي قلمي ڪاوش آهي. ان کان علاوه به کوڙ سارن اديبن ٿر بابت لکيو آهي، پر سچ ته سڀ کان وڏو تحقيقي ڪم، ٿر جي مرڪزي شهر چيلهار سان تعلق رکندڙ استاد رائچند راٺوڙ جو آهي. جنهن تاريخ ريگستان ٻن ڀاڱن ۾ لکي آهي، اهڙو مڪمل تفصيلي احوال اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو آهي. ائين کڻي چئجي ته ٿر جي سڄي تاريخ نويسيءَ جي عمارت جو بنياد به انهي هڪڙي تاريخ دان جي لکيل تاريخ تي بيٺل آهي، تنهن ڪري کيس ٿر جو Herodotus چئجي ته وڌاءُ ڪونهي. انهيءَ کانسواءِ تاريخ نويسن ڪڏهن به ڪنهن ميگهواڙ جاتيءَ جي ڪردارن جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو آهي! جيڪا ميگهواڙ جاتيءَ سان سراسر ناانصافي آهي. اهڙي تعصب ۽ ناانصافيءَ کي محسوس ڪندي مون قلم هٿ ۾ کنيو، ۽ پڪو عهد ڪيم ته اسان جي املهه هيرن ۽ بي بها موتين جي تاريخ لکي، دنيا کي ٻڌائيندس ته ميگهواڙ لوڪن جا مهان پرش ڪنهن کان به گهٽ نه آهن. منهنجو پهريائين اهو ارادو هو ته هڪ سئو شخصيتن جي تاريخ ڪتاب ۾ محفوظ ڪريان، پر پوءِ سوچيم ته مالها ۾ 108 موتي پرويل هوندا آهن، سو ڇو نه 108 ماڻهن جي تاريخ لکان؟ تنهن ڪري هڪ سئو اٺ ميگهواڙ جاتيءَ جي شخصيتن تي ريسرچ ڪرڻ شروع ڪيم، ۽ اهي ماڻهو جيڪي حيات آهن، انهن سان رابطا ڪري، سندن مڪمل هسٽري هٿ ڪيم، ۽ جيڪي حيات نه رهيا آهن، انهن جي مٽن مائٽن سان روبرو مليس ۽ پوءِ اُنهن جيڪا به معلومات ڏني، انهيءَ موجب هڪ حقيقت تي مبني هيءُ ڪتاب لکيو اٿم. جڏهن 108 ڪردارن جو ذڪر آهي، ته خيال ڪيم ته ڇو نه ڪتاب جو نالو ”ميگهه ونس مالها“ رکان، جيڪو 108 موتين جي مالها جيان آهي ــ ايئن ڪجهه دوستن جي صلاح مشوري کان پوءِ اهو ئي نالو موزون لڳو. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ڪيترائي انمول هيرا، موتيءَ داڻا پيدا ٿيا آهن، جن جو ڪردار صدين تائين هن ڪتاب جي ذريعي تاريخ ۾ امر ۽ ياد رهندو. درٻاري تاريخ نويسن رڳو درٻارين کي سُورما ڪري پيش ڪيو آهي. پارڪر جي سورهيه امر شهيد روپلي ڪولهي جي سورهيائپ، پنهون مل هميراڻي، سڳاڙ چند سيجو، امر وير ڪلارام جئپال جھڙن انقلابي، سماج سڌارڪ، اهڙيون هستيون هيون، جن تي دنيا جا مظلوم لوڪ ناز ڪن ٿا، پر مقامي تاريخ نويسن پنهنجي روايتي اڇوت پڻي جو مظاهرو ڪندي، کين اها مڃتا نه ڏني، جنهن جا هو حقدار هئا. انهيءَ کان سواءِ تنگ نظرئي جي ڌرمي پنڊتن ورڻ سرشتو ٺاهي ميگهواڙ جاتيءَ جي ماڻهن کي غلام ۽ داس بڻائي رکيو، ڇو ته انهن کي اها خبر هئي ته هيءَ جاتي ايڏي ته ذهين آهي، جو کيس آزاد ڇڏيو ويو ته سڀنيءَ کان مٿي اچي ويندي، جنهن جو مثال اڄ اوهان جي اڳيان آهي. انهن ڌرمي پنڊتن اسان سان وڏا ظلم ڪيا، اسان جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ مذهبي، سياسي مت ڀيد ۽ دل ڏاريندڙ جبر ڪيو ويو. ڌرتيءَ جي تاريخ گواهه آهي ته انهن فاشسٽ ۽ انسانن جي ويري عناصرن، نه رڳو هندو ڌرم جو پوسٽ مارٽم ڪيو، پر ٺڳيءَ جو ٺاهه ٺاهي، وڏي بدمعاشي ۽ چالاڪيءَ سان هن نسل جي نسل ڪشي پڻ ڪئي. انهن ميگهواڙ لوڪن کي سٺن ڪپڙن پائڻ، شاديءَ جي موقعي تي دهل وڄائڻ، معصوم ٻارن کي اسڪول ۾ پڙهڻ، عورتن کي سون ۽ چانديءَ جا زيور پائڻ، سواريءَ لاءِ ڀلا اُٺ ۽ گهوڙا ڌارڻ، اوطاقن ۾ کٽن تي ويهڻ، خوشين جي موقعي تي سٺا ڪاڄ ڪرڻ، پاڻي لاءِ کوهه کوٽائڻ ۽ نوان پڊ ٺاهي رهڻ کان وٺي مندرن ۾ وڃڻ تائينءَ جي سخت منع ٿيل هئي، ۽ برخلافيءَ جي صورت ۾ سخت ترين سزا ڏيڻ سان گڏوگڏ گيتا يا ويد ٻڌڻ ۽ پڙهڻ تي به ڪنن ۾ شيهو پلٽائڻ جھڙا غير انساني ۽ ڪريل سلوڪ ڪرڻ، ۽ روزگار جا سمورا وسيلا ڦري کين غلام بڻائي رکيو، پر اڄ اسين آزاد آهيون. ڇو ته اسان جي سماج ۾ اهڙا بهادر هيرا ۽ سماج سڌارڪ پيدا ٿيا، جن پنهنجي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو. انهن پهريون ڀيرو هريجن اسڪول کولرايا. سابق ميمبر سنڌ اسيمبلي، سوامي ڪرشنانند ۽ سوامي ليلا شاهه ٿر جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پيادل سفر ڪري، ميگهواڙ جاتيءَ ۾ طاقت ۽ اتساهه پيدا ڪري، جيئڻ جو ڏانءُ ڏنو. نتيجي طور پراڻيون مدي خارج دوکي جون ديوارون ڊهي پٽ پيون، ۽ آگ جا شعلا جڏهن آڪاش تي پهتا، تڏهن ظالم انسانن جا ٺهيل فرسوده ڪاڪ محل انهي مهل ڪري پيا ــ ۽ جڏهن شيڊول ڪاسٽ اڳواڻ، محترم جوڳندرناٿ منڊل کي پاڪستان جي تاريخ جو پهريون وفاقي وزير قانون مقرر ڪيو ويو. جنهن کي اهو به اعزاز مليل آهي، ته هن پهرين دستور ساز اسيمبليءَ جي صدارت ڪئي هئي، جنهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح بطور گورنر جنرل جي حلف کنيو هو. تعليم جي سڌاري ۽ ترقيءَ ۾ اسان جي جاتيءَ ۽ جي مهان استادن سچ ۽ سچائيءَ جي راهن تي هلي انسانيت جي اعليٰ آدرشن جو پرچار ڪري، سموري سنڌ ۽ ٿر جي ڀٽن ۾ بيداري آڻي، اونداهيءَ ۾ علم جي روشنيءَ جو ڏيئو جلائي، جڳ کي منوّر ڪيو. ميگهه ونس جاتي، سموري ٿر ۾ تخليقي سگهه جي صلاحيت رکندڙ، وڏا شاهه ڪاريگر، سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جيڪي به خوبصورت عمارتون ۽ بنگلا، جيڪي اڄ به ڪَرُ کڻيو بيٺا آهن، تن جا تخليقڪار يا ڪاريگر، ميگهواڙ لوڪ آهن. هن قوم جا ماڻهو دستڪاريءَ واري فن جا مڃيل ماهر آهن. جھڙوڪ؛ قالين سازي، لويون، کٿا، کيس، شالون، ڪپڙو، نوارون، کرڙ، ٻورا، اوني شالون، سون چانديءَ جا زيور، گهوڙن جا تل، اٺن جا ٿڙها، کٽون، هندورا، ميزون، پلنگ، ڪرسيون، الماڙيون، پاڃاريون، در دريون، سيمنٽ مان جاين لاءِ جاليون، گلم، جاجم، مود، اٺن جون سجايون تمام مشهور آهن. مطلب ته هر ڏات جا ڌڻي آهن. هن جاتيءَ جون عورتون به پوئتي نه آهن. سندس هٿن جون ٺهيل گنجيون، ٽوپلا، ميز پوش، پرس، کٽن جون چادرون، اڳٺ ۽ ٻيو ڪيترو ئي هٿ جي ڀرت جو سامان، جنهن کي پاڪستان توڻي بين الاقوامي صنعتي مارڪيٽ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته ميگهواڙ جاتيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به قبيلي وٽ ايترو هنر نه آهي. هن وقت ميگهواڙ جاتيءَ ۾ وڏا وڏا ڊاڪٽر، پروفيسر، سرجن، تعليمي ماهر، Ph.D هولڊر، وائيس چانسلر، جج، انجنيئر، پاڪ فوج جا ميجر، ڪيپٽن، سنت، مهاتما، مورتي ساز، شاعر، اديب، وڏا آفيسر، صحافي، سياستدان، MPA, MNA، سينيٽر، صلاحڪار، صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ فنڪار ۽ سوشل اڳواڻ وغيره آهن، جيڪي سموري دنيا جي هر خطي ۾ مختلف سيڪٽرن تي ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن به قبيلي کي هن جاتيءَ سان ڪمپيئر ڪبو، ته پڪ سان انهن ۾ مٿي ڄاڻايل سڀني ڪيٽيگرين جا ماڻهو مشڪل سان ملندا. اسان جا ماڻهو ڪنهن دؤر ۾ ايترا ته احساسِ ڪمتريءَ ۾ مبتلا هئا، جو اهي پاڻ کي راٺوڙ، پرمار، چوهاڻ ۽ ديوان سڏائيندا هئا. پر اڄ منجهن علم جي آگاهي اچڻ ڪري، اهي سرعام پاڻ کي ميگهواڙ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اهو تاريخ جو وڏو وهڪرو آهي. اسين ميگهواڙ آهيون، ميگهواڙ ٿي جيئنداسين ۽ ميگهواڙ ٿي مرنداسين. اسان نه هريجن آهيون نه دلت ۽ نه وري شيڊيول ڪاسٽ، صرف ۽ صرف ميگهواڙ آهيون ۽ وقت جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳڀرا آهيون. تاريخ جو ڪيڏو نه قهر آهي، جو اسان، جن رازا بڻجي ڀڳوان جا مندر تعمير ڪيا، تن کي وري مندرن کان به پري رکيو ويو! جن ڪاسبين پوکي کيڙي ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪيو، تن جي پيداوار جا مالڪ وري ٻيا بڻجي ويا. جن عمارتن ۽ محل تعمير ڪيا، تن ۾ رهائش مٿين ڪلاس کي نصيب ٿي، ۽ هن طبقي جا پورهيت ۽ جانٺا جوان، طبقاتي نظام جا شڪار ٿيندا رهيا. اهڙيءَ طرح صدين تائين هي پورهيت طبقو سماج جا ڏاڍ سهندو رهيو آهي. پر هنن همت ڪڏهن به نه هاري، پنهنجي محنت، عزم ۽ حوصلي سان جيئندا اڳتي وڌندا رهيا. علم جي شعور سان مالا مال ٿيا ۽ سجاڳيءَ جي وڏي لهر آئي، ته سڀئي سجاڳ ٿي ويا. اهي هاڻي سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ڇو ته هيءَ هڪ سچي، وفادار ۽ ايماندار ۽ محب وطن جاتي آهي، جنهن سڀني ظلمن ۽ زيادتين کي تاريخ جي تاريڪين ۾ دفن ڪري ڇڏيو. مون کي دل ۾ هڪ جذبو جاڳيو ته اسان جي عظيم ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿيل مهان ۽ عظيم هيرن کي ڪڍي ظاهر ڪجي، ۽ دنيا کي ٻڌائجي ته اسان جا انمول هيرا ۽ خوبصورت موتي، جيڪي تاريخ ۾ زندهه آهن، تن کي سهيڙي، هميشه جي لاءِ انهن کي ڪتابن جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي. ان لاءِ مون جيڪا به جاکوڙ ڪئي آهي، سا اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي. عام ماڻهن کي ته اها خبر ئي نه آهي ته سوين ماڻهن جي تاريخ لکڻ، سموري ڏيهه ۾ ڦهليل ماڻهن کان بايو ڊيٽا هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيڏي نه جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي! ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍڻا ٿا پون!! هر زندهه ڪردار سان روبرو ملڻ، فوٽو هٿ ڪرڻ، اسٽوريءَ تي ريسرچ ڪرڻ ڪو آسان ڪم آهي ڇا؟ جيڪي ڪردار هن وقت حيات نه رهيا آهن، تن بابت مواد گڏ ڪرڻ ڪيڏو نه مشڪل ترين ڪم آهي! آئون هن ڪتاب ڇپائڻ لاءِ مالي سهڪار ڪندڙ مسٽر راجا راول گھلڙو، انجنيئر ڪانجي مل (عمرڪوٽ)، انجنيئر سارنگرام ۽ ڪانجي مل رٽائرڊ مئنيجر جو تهدل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. محترم آسي زميني ۽ راڻو خان ميگهواڙ جا به وڏا وڙ جنهن هن ڪتاب جي پروفنگ ۽ فني شين کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. آئون ڪو وڏو اديب يا ليکڪ ڪونه آهيان، منهنجو تعلق اڪائونٽنگ سان رهيو آهي، جنهن ۾ رڳو انگن جي راند ٿيندي آهي، لفظن جي نه. تنهن هوندي به جاکوڙ ڪري، جيڪو ڪجهه هن ڪتاب ۾ لکيو آهي، سو اوهان جي هٿن ۾ آهي. ان ۾ پروف جون غلطيون ضرور ٿي سگهن ٿيون، پر ان لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان. هيءُ ڪتاب اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پڙهي پنهنجي راءِ ضرور ڏجو. اوهان جي تنقيد به مون کي حوصلو ڏيندي، مون کي اوسيئڙو رهندو اوهان جي خوبصورت راءِ ۽ تنقيد جو. ڌاراڻي محله، ڏيپلو پوسٽ آفيس ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر رابطي لاءِ # 3943672-0333 Email: somjidharani@yahoo.com نيڪ آشائن سان سومجي ڌاراڻي ”ميگهواڙ“