شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ڀارو فقير

(1921ع کان 1952ع) جن ڄاتو، تن پاتو، جانب جو جمال، نانگا ٿيا نهال، جن ورتو گس گروءَ جو. ميگهه ونس جاتيءَ ۾ ڪيترائي سنت مهاتما فقير ٿي گذريا آهن. ٽاڀو فقير ڀڳت کيتارام جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ڪيترائي معجزا ڏيکاريا، جو اڄ تائين انهن کي ميگهواڙ توڙي ٻيون ذاتيون مڃن ٿيون، جن جا ميلا لڳن ٿا ۽ ڪيترائي ياتري اچي سندس اڱڻ جي حاضري ڀري دعائون حاصل ڪندا آهن. اهڙوئي هڪ فقير ۽ روحانيت وارو درويش، سرڳيه ڀارو ڳوٺ گوارڻ، تعلقو اسلام ڪوٽ، ضلعو ٿرپارڪر1921ع ۾ حاجو مل کنڀو ۽ مائي ڀاڳان ٻوچياڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان وٺي اُٺيون چاريندا هئا، ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا هئا. ننڍي هوندي کان ئي روحانيت ڏانهن لاڙو هوندو هو. اڪثر ڪري طبيعت خراب رهندي هئي، پاڻ اڻ پڙهيل هئا، 70 ايڪڙ زمين ذاتي هئي، جنهن تي ڪمائيندا هئا، سندن معجزي جا ڪيترائي واقعا اڄ به مشهور آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڪنداسين. پاڻ 1952ع ۾ وفات ڪري ويا، سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ گوارڻ ۾ واقع آهي، جتي نومبر مهيني ۾ ساليانو ميلو لڳندو آهي. سندس معجزن بابت سندس ڀاءُ جو پوٽو دسرت ولد تپيدار سگرام داس، انتهائي جذباتي انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته 1935ع ۾ ڳوٺ جهانگريءَ ۾ مسمات ڌائي جي پٽ (سائين ڏنو) خاصخيلي هڪ خون ڪيو، ڪيس عدالت ۾ هليو، ۽ عدالت خون جي ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائڻ واري هئي، ته ٻڍڙي ماءُ ڀارو فقير وٽ پهچي ويئي، ۽ پٽ ڇڏرائڻ لاءِ واسطا وڌا، جنهن تي مجبور ٿي فقيرڀارو عدالت پهچي ويو، ۽ جج کي درخواست ڪئي ته سائيني کي آزاد ڪيو وڃي، جج جواب ڏنو، ته عدالت جي ڇت مان نانگ هيٺ اچي جج جي ڳچيءَ ۾ پيو، جنهن تي جج کي مجبور ٿي جوابدار کي باعزت بري ڪرڻو پيو. دسرت ٻيو واقعو ٻڌائي ٿو ته ڏاڏي ڀارو جي طبيعت خراب هئي، سندس والد، دوست علي خاصخيلي، (پوليس جمعدار) لالو ۽ ڀارو فقير کي اٺن تي چاڙهي موڪليو، ته وڃو راضي شاهه تي دعا پني اچو، ته من طبيعت ٺيڪ ٿي وڃي، ٽيئي ڄڻا اٺن تي سوار ٿي وڄوٽو ڪراس ڪري، جڙيار ويندڙ لنڪ روڊ وٽ پهتا، ته ڀارو فقير آسماني سفر ڪندي نظرن کان غائب ٿي ويا، جڏهن ته دوست علي ۽ لالو مل راضي شاهه جي درگاهه تي پهتا، ته ڀارو فقير اڳ ۾ اُتي موجود هو. جتي سائين راضي شاهه جي درگاهه جا دروازا کلي ويا ۽ هندورو لڏڻ لڳو، جتي پاڻ به نظر اچڻ لڳا، ٿوري دير ۾ راضي شاهه ڀارو فقير کي چيو ته منهنجي ڀر ۾ فقير ستل آهي، سڏ ڪرينس ته ڪچهري ڪريون. لالو ۽ دوست علي جمعدار جي عيني شاهدي موجب هڪ قبر مان ڪاري رنگ جي لوئي اوڍيل، مٿي تي وار ڪونه هئس، نڪري آيو، ۽ هنن جي ڪچهريءَ ۾ ويهي رهيو ۽ سڄي رات خوب ڪچهري ٿي، جتي سائين راضي شاهه لالو ۽ دوست عليءَ کي چيو ته اوهان وڃو ڪفن وٺي اچو، ۽ ڀارو کي هتي دفنايو، ڇو ته اسان وٽ ڪچهري وارو ماڻهو ڪونهي. جنهن تي دوست علي جمعدار سائين راضي شاهه جي پيرن تي ڪري پيو، ۽ چيائين ته آئون ڀارو فقير جي پيءَ سان واعدو ڪري آيو آهيان، ته تنهنجي پٽ کي صحيح سلامت واپس پهچائيندس، ان ڪري هن هنڌ مون کي دفن ڪريو ۽ ڀارو فقير کي اجازت ڏيو. جنهن تي سائين راضي شاهه چيائين ته توهان وڃو، اسان جي اجازت آهي، باقي ڀارو فقير کي رڱي لال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي توهان کي وهي واپري جون اڳواٽ خبرون ڏيندو. ڀارو فقير جي ڀاءُ جو پوٽو دسرت انتهائي جذباتي انداز ۾ ڪيئي واقعا ٻڌائي ٿو. شايد اهوئي ڪارڻ آهي، جو گوارڻ ۾ نومبر جي مهيني ۾ ماڻهن جا ميلا مچن ٿا، اٺن ۽ گهوڙن جون ڊوڙون ٿين ٿيون ۽ ياتري دعائون گهرن ٿا.