شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

دولت ٿري

اسان کي زمانو وساري نه سگهندو، اها ڳالهه ٻي ته لڙڪ هاري نه سگهندو. جيئڻ ڪارڻ جڳ ۾ ڪونڌر ڪُسن ٿا، انهن کي ڪڏهن موت ماري نه سگهندو. ٿر جي جنهن ڀوميءَ تي مهان انسان شري رائچند راٺوڙ، شري استاد ڀانو مل، شريمتي دادي لالي، شري پريمچند جھڙا ماڻڪ موتي ۽ لال پئدا ٿيا اُتي هڪ مهان ڪردار دولت ٿري جن تاريخ 1 مارچ 1978ع جو شري واسديو ذات روهلا سپروائيزنگ تپيدار ڳوٺ چيلهار، تعلقه مٺي ضلع ٿرپارڪر جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڌيئا ٻائي، ڌي ليلارام ذات پنئار ڳوٺ سيد غالب شاهه تعلقه مٺي، ضلعه ٿرپارڪر جي آهي. پاڻ پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول چيلهار مان پاس ڪيائين ۽ انٽر پرائيويٽ ۾ مٺيءَ مان پاس ڪيائين. سندس زندگيءَ جو داستان درد ۽ پيڙائن سان ڀريل رهيو آهي. ننڍپڻ کان ئي وقت ڏاڍو ڏکيو گذريو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ سال 1993ع کان سال 1999ع تائين دربدريءَ واري زندگي گذاري، تغاري کڻي مزوريءَ تي ڪم ڪيو، لارين ۽ گاڏين تي ڪلينڊري ڪيائين. کُڏين تي قالين جو ڪم ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ريڊيمينٽ گارمينٽ جو ڪم ڪيو. آفيس ۾ پٽيوالي ڪيائين، زميندارن وٽ منشي ٿي رهيو. هڪ فرمانبردار پُٽ هئڻ جي باوجود، ننڍپڻ کان مئٽرڪ تائين فقط پيءُ جا پادر کاڌائين ۽ پوءِ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد گهر مان ڀڄي جان ڇڏايائين. ماءُ پيءُ رڳو جنم ڏيئي جان ڇڏائي، مائٽن جو پيار اڄ ڏينهن تائين کيس نصيب نه ٿيو. مائٽ هوندي به يتيم آهي. پر پوءِ به جيڪي ڪجهه آهي سو ماءُ ۽ پيءُ جي ڪري آهي. جنم ڏيڻ جو ٿورو ڪڏهن ڪونه لاهي سگهندو. زماني جون ٺوڪرون کائيندي کائيندي، آخرڪار سال 1998ع کانپوءِ ذهني طور بالغ ٿي ويو، ۽ سوچن ۽ سمجهه ۾ ڦيرو آيو ۽ آهستي آهستي ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. دولت ٿري پنهنجي مرضيءَ سان شادي شريمتي گيتا سنڌو، ڌي هريش ڪمار، ذات جوڳو، اصل ڳوٺ ساهو ساند تعلقه مٺي سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٽي نياڻيون آهن، جن جا انقلابي نالا: 1. ڌرتي 2. جاگرتا ۽ آزادي آهن. جنهن دولت سان گڏ گيتا سنڌو، ڌرتي، جاگرتا ۽ آزادي هجي، ته اُهو دنيا جو خوشنصيب انسان ليکيو وڃي ٿو. سال 1998ع کان صحافت سان اڄ ڏينهن تائين واڳيل آهي. سال 2004ع کان پنهنجي پهرين سنڌي سلسليوار اخبار ”دلت آواز“ ڪڍي پيو، ادبي پورهئي سان مختلف موضوعن تي 8 ڪتاب شايع ڪرائي چُڪو آهي. 1. دراوڙن جي درد ڪٿا 2. تبديليءَ جو پٿر، گهر واري گيتا سنڌو جو جِيوَن سفر 3. گوڇارن ۾ گيت منهنجا، مرحوم استاد عبدالحميد منگريو جي اصرار تي کيس ڇپائي ڏنائين 4. ههڙا ٿين هاڃا، اربابن جي ظلم جي ڪهاڻي، ماڻهن جي زباني 5. ننگرپارڪر کان اسلام آباد تائين پيدل لانگ مارچ 6. دانهون منهنجي ديس جون (شاعري) 7. جمهوريت بهترين انتقام آهي، جمهوري دؤر جي ڪهاڻي، ميڊيا جي زباني 8. اُماڙي (شاعري). هي ميگهوار ڪميونٽيءَ جي تاريخي رڪارڊ جو پهريون ماڻهو آهي جنهن 35-36 سالن جي عمر ۾ مختلف موضوعن تي 8 ڪتاب لکي ڇپايا ۽ اخبار ”دلت آواز“ اڄ تائين ڪڍي رهيو آهي. ميگهه ونس جاتيءَ جي تاريخ جو جاکوڙيندڙ انسان آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي مقصد جي منزل تي هلي رهيو آهي. دولت ٿري صاحب ننگر پارڪر کان اسلام آباد تائين پيرن پيادل لانگ مارچ اٽڪل 40 ڏينهن ۽ 750 ڪوه پنڌ ڪيو، ۽ لانگ مارچ جو مقصد صرف ٽي مطالبا هُئا 1. پاڪستان ۾ انساني حقن جي آزادي، 2. بحالي آئين جي بالادستي ۽ 3. قانون جي حڪمراني. انهن ٽنهي مطالبن کي مڃرائڻ لاءِ گذريل 10 سالن کان 2004ع کان مسلسل ڪارا ڪپڙا پائي، گورنمينٽ آف پاڪستان خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اهو احتجاج زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين جاري رهندو. پهرين جنوري 2007ع کان ڪارو ڪفن به هر وقت هُن سان گڏ هوندو آهي، ۽ سندس وصيعت آهي ته مرڻ کانپوءِ به مونکي ڪاري ڪپڙي جو ڪفن ڏنو وڃي، ته جيئن قبر ۾ به منهنجو احتجاج جاري رهي. مرڻ کانپوءِ منهنجي فطري موت جي FIR گورنمينٽ آف پاڪستان خلاف داخلا ڪرائي وڃي، پر جي ڪنهن جي هٿان قتل ٿي وڃان ته هڪڙي قتل جي FIR قاتلن خلاف ۽ ٻئي FIR گورنمينٽ آف پاڪستان خلاف داخل ڪرائي وڃي. پر هيءُ مضبوط ارادي وارو شخص مسلسل احتجاج سبب بلڪل ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ غربت سبب ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. جيڪي انسان پڪو ارادو ڪري ڪوبه ڪم ڪرڻ چاهين ٿا اهو به ٻين لاءِ، جس هجي اهڙا انسان ٿورا پيدا ٿيندا آهن ڀڳوان ضرور ڪاميابي نصيب ڪندو، ۽ اهو هميشه لاءِ امر ٿي ويندو. سمورن درد وارن لاءِ اڃا جيئان جاڳي ٿو، تنهنجي سنگيت، سازن ۾ امر انسان جاڳي ٿو، تنهنجي آواز کي ماري سگهيو ناهي ڪوئي، ڀڳت تنهنجي آلاپ ۾ اڃا ڀڳوان جاڳي ٿو.