شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ڪامريڊ سڳاڙچند (سيجو)

(1914-04-11 کان 1987-07-19) ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو، انهن سندي آنهيري ويٺا چِٻ چڙهي، وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئرن جو. (شاهه) ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي ۾ گهيريل پارڪر جي پٽ تي جتي سُور وِير روپلي ڪولهي جنم ورتو، اُتي مسڪين جهان خان کوسي جھڙو سماج سڌارڪ پڻ پيدا ٿيو. انهن کي سارو جڳُ سڃاڻي ٿو، جن کي شهرتن جي بلندين کي آڀو آڪاش به روڪي نه سگهيا، ۽ انهن جو پورهيو ڪڏهن به رائيگان نه ويو آهي ۽ نه ئي وڃڻو آهي. اڄ يا سڀاڻي ضرور تاريخ کين مڃتا ڏيندي. پارڪر جي سون ورڻي ڌرتي ڪيترن ئي سورهيه، سماجي خدمت گارن ۽ ماتر ڀوميءَ سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي جنم ڏنو آهي. اهڙو هڪ سورهيه ميگهه ونس سڳاڙچند سيجو تاريخ 11 اپريل 1914ع تي ڪارونجهر جي هنج ۾، ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ ۽ اولهه طرف مشهور ڳوٺ آڌيگام ۾ سترام داس مڪواڻي (سيجو) جي گهر اکيون کوليون. سندس ماتا جو نالو نوو ونجار جو جيڪا ڳوٺ سوراچند تعلقه ننگر پارڪر جي هئي. پاڻ شادي ڳوٺ ڪونڀاري مان تماچي جوڳوءَ جي نياڻي ٻاجُهوءَ سان ڪئي هئائين، جنهن مان کيس ٻه پُٽ آهن. هر هڪ نالي وِٺل ۽ ٻيو منسنک، جيڪي حيات آهن. هن پرائمري تعليم ڪانگريس طرفان جوڙايل پرائمري اسڪول آڌيگام ۾ ورتي، سيڪنڊري تعليم NJV اسڪول مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ کيس تُرت روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان نوڪري ملي ويئي. جتان پوءِ ترت ترقي ماڻي اسسٽنٽ مختيارڪار ٿيو. ٿر جو ميگهواڙ جاتيءَ جي پهرين اسسٽنٽ مختيارڪار جو اعزاز ماڻيائين. پاڻ ننگر پارڪر، سامارو ۽ ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪيائين. پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙن جا نالا اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ اُڪريل آهن ڪي ماضيءَ جو قصو بڻجي ماضيءَ ۾ ئي گُم ٿي ويا آهن. سڳاڙچند تائين هڪ ڊگهي لسٽ آهي. جنهن ۾ مسڪين جھان خان کوسو، عالمچند ڪولهي، گهمن سنگهه ڀيل، مڏو ڪولهي، واڌو سنگهه، سنت اميدرام، ڪوي لڪشانند، نيتي رام کان سنت کيتارام تائين کوڙ سارا ڪردار ملندا، جن پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳي، سماجي جاڳرتا لاءِ جاکوڙيو ۽ ڪارونجهر جو ڳاٽ اوچو ڪيو. سڳاڙچند جي دل ۾ سدائين مظلوم ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهيل مسڪين ماڻهن جو احساس هوندو هو. نوڪريءَ دوران رات جو ڳوٺن ۾ وڃي تعليم، صفائي ۽ سماجي ريتن رسمن تي ليڪچر ڏيئي معاشري جي ترقي، سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهندو هو. سڳاڙچند ۽ گهمن سنگهه گڏجي پارڪر جي پٺتي پيل ڳوٺن ۾ ڪانگريس جي سهڪار سان ڪيترائي اسڪول کولرايا، جنهن ۾ شيڊيول ڪاسٽ جا شاگرد آسانيءَ سان تعليم پرائي سگهندا هُئا. ياد رهي ته ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دؤر ۾ پارڪر تي ٺڪرن جو اثر رسوخ وڌيڪ هوندو هو. اسڪولن ۾ ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل شاگردن کي گڏ ويهي پڙهڻ ڪونه ڏيندا هئا. ان وقت ننگرپارڪر شهر ۾ شيڊيول ڪاسٽ ڪميونٽيءَ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي وڏي تڪليف هوندي هئي. ڪجهه کوهه هئا جن تي اپر ڪاسٽ جي ماڻهن جو قبضو هو. سڳاڙ چند ۽ سندس ساٿين ڪانگريس جي پليٽ فارم تان شريمتي وجڪوورٻا جي سهڪار سان سال 1935ع ۾ هريجنن لاءِ الڳ کوهه کوٽرايو، جنهن کي هن وقت آشرم کوهه سڏيو وڃي ٿو. ڪامريڊ سڳاڙ چند جي مسلسل جفاڪشي ۽ جاڳرتا جي نتيجي ۾ پارڪر جي ميگهواڙ ڪميونٽيءَ ۾ ايڪو ۽ اتحاد پيدا ٿيو. سندس سڏ تي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. هڪ ڀيري ڪاسبي ڳوٺ ۾ ڪجهه شرپسندن پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه ڏانهن ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو. جڏهن سڳاڙچند کي ان جي خبر پئي ته هو هزارين ماڻهو ساڻ ڪري اُتي پهتو، ۽ نه رڳو رستو کليو پر هميشه لاءِ 24 فوٽ ويڪرو رستو منظور ڪرايائين، سماجي مسئلن جي حل لاءِ سڳاڙچند ”پارڪر ميگهواڙ پنچائت“ قائم ڪئي، جڏهن ڪو به سماجي مسئلو پيدا ٿيندو هو، ته هڪدم پنچائت ڪوٺائي ان کي گڏيل حڪومت عمليءَ سان حل ڪيو ويندو هو. سال 1940ع ۾ پارڪر ميگهواڙ پنچائتي پلاٽ خريد ڪري، سڳاڙچند جي رهنمائيءَ ۾ هڪ پنچائتي ”دئارو“ ٺهرايو هو، اُها جاءِ اڄ به هر ماڻهو لاءِ آڌار بڻيل آهي. سال 53-1952ع واري اليڪشن ۾ هُن ننگرپارڪر جي اقليتي مخصوص سيٽ تي ايم. پي. اي. لاءِ فارم ڀرائي، سياست جي بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪري ڇڏيون. پاڻ اسسٽنٽ مختيارڪار جي پوسٽ تان استعيفيٰ ڏيئي، اليڪشن لڙيو. اُن اليڪشن ۾ راڻا چندر سنگهه جي عمر گهٽ هئڻ ڪري فارم ڀرجي نه سگهيو. سندس چاچو اليڪشن لڙيو هو. کيس چونڊ تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي لالچون، طرح طرح جون اٽڪلون ڪيون. آخر ۾ ڌمڪيون به ڏنيون وييون پر هو پنهنجي موقف تان نه هٽيو، ۽ ڪارونجهر وانگر مضبوط ٿي بيٺو رهيو. کيس خبر هُئي ته هو هارائي ويندو تنهن هوندي به هن همت نه هاري ۽ ڀرپور نموني سان اليڪشن وڙهيو. ٽمورتي سڳاڙچند، گهمن سنگهه ڀيل ۽ عالم چند ڪولهي، گڏجي اتحاد قائم ڪيو. پڙهيل لکيل شاگردن کي گهرائي مختلف ڳوٺن ۾ اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪري موڪليو. سوائي گونديءَ ۾ خوشحال، ڪاسبو ۾ ڪرشن لال ۽ رتن ڀيل، شولي ۾ ايجنٽ ٿي ويا هئا. سڳاڙچند اليڪشن هارائي هئي پر مسڪين ماڻهن جي ووٽ جو قدر ڪرايو. سڳاڙچند ”اڇوتن جو آواز“ جي نالي هڪ ڪتاب به لکيو هو. سال 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران سرحد جي هُن پار هليو ويو، ڀڄ جي ويجهو ڳوٺ پراگپور لڳ پنهنجو ذاتي ڳوٺ سُڳاڙپور جي نالي سان جوڙائي، اُتي رهيو. جتي هن جي من کي ڪڏهن به چين نه آيو. آڌيگام، ڪارونجهر، گهوٽياري، ڪاسبو کي ياد ڪري، هُن اکيون اوهيرا ڪري وهي پونديون هيون. وطن لاءِ سڪندي سڪندي 19 جولاءِ 1987ع تي، 73 ورهين جي ڄمار ۾ پارڪر جي مٽيءَ جو هيءُ سپوت پرلوڪ پڌاري ويو. پارڪر جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ هن وقت جو سڌارو آيو آهي انهيءَ جو بنياد سڳاڙچند رکيو هو. پارڪر جا ميگهواڙ اڄ به کيس دل سان ياد ڪندا رهن ٿا. هر ماڻهوءَ کي مرڻو آهي پر ڪردار جا نقش دلين تي چٽجي ويندا آهن. نسل در نسل اها ڇاپ منتقل ٿيندي رهندي آهي. پارڪر جي ميگهواڙ گيتارين، ”سڳاڙو“ گيت پڻ جوڙيو آهي، جيڪو اڄ به ٻار کي لاڏ ڪوڏ ڪندي ڳائينديون آهن: ”منهنجو پُٽ سڳاڙو ٿيندو، آئون لاڏ ڪوڏ ڪريان ٿي“ وٺــي هـر هـر جـنم وربـو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.