شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

سنت جيوراج

(1926ع کان 18.03.2013) چرخو ائين چور، جيئن ڀونءَ ڀڻڪو نه سڻي، آڌيءَ جو ”عنات“ چوي، ويهي آتڻ اور، تينهان پوءِ تور، ته سُٽ تنهنجو سونَ ٿيئي. سرڳواسي سنت جَيوَراج صاحب تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ، لوڻيهار ۾ 1926ع ۾ شري مولچند ميگهواڙ ۽ شريمتي سروپان ٻائيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڳوٺ ۾ اسڪول نه هجڻ ڪري پاڻ نصابي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا، پر پوءِ به 1935ع ۾ مٺي شهر جي ڪنهن پاٺ شالا ۾ اچي هندي ۽ سنسڪرت جي تعليم ورتي، ڪجهه عرصو ڳوٺ مان آئوٽ بيڪ ڪندا رهيا، پر ٿوري عرصي بعد اها به تعليم اڌوري رهجي وئي. گهر ۾ وڏو پٽ هجڻ جي ناتي هُن ڪافي ذميواريون نڀايون. جلد سندس والد مولچند صاحب لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن بعد 1954ع ۾ سندس شادي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ هنج تل ۾، ڀڳت ڀلورام جي گهران، شريمتي سونو ٻائيءَ سان ڪرائي وئي، جن جي عمر هن وقت اٽڪل 86 ورهين کن هوندي، ۽ شاديءَ کان ٻه سال اڳ 1952ع ۾ سنت جيوَ راج صاحب ڪلوئي شهر جي رهواسي، سنت ڀلجي رام مهراج جي شرڻ ۾ اچي گرو ڌارڻا ورتي، سنت جيوَ راج شروع ۾ موچڪو ڌنڌو ڪندا هئا، پر بعد ۾ الرجي جي بيماري ٿيڻ سبب ان کي الوداع ڪري، کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن مان سمورن گهر وارن جو پيٽ گذر ٿيندو هو. پاڻ ننڍي هوندي کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رکندا هئا. سارڪتاولي، هري رس (ايسر ٻارس جو ڪتاب) رام پرڪاش آچاريه، ٻاووَ ڏونگر پوري، گيتا صاحب جا سمورا سار، رامائڻ، گيتا گايتري، چارئي ويد، ڪبير ڀڳت، شاهه ڀٽائي، سچل، سامي، روحل فقير، رويداس، ميران ٻائي، هنس نرواڻ، بابا بلي شاهه، شيخ اياز، دادو فقير، سوامي وويڪانند، سناتن ڌرم، صوفي ازم ۽ روحاني منزلن جي مختلف ڪتابن سميت 5 هزار کن ڪتاب پڙهيا، ۽ اٽڪل 230 شاگرد ٺاهيا، جن کي هندي ۽ سنسڪرت سيکاري، ۽ نام جو وچن پڻ ڏنو. سنت جيوَراج صاحب جوانيءَ ۾ پاڻ ڳائيندا به هئا، برهمانند جي 360 ڀڄنن جي ڪَٺَ ٻُڌڻ وارن کي موهي ڇڏيندي هئي. ايتري حد تائين جو پرڻجڻ واري رات به ساهرن ۾ ستسنگ جي محفل رچائي، سنگت جيوَ راج کان ڀڄن واڻي ٻڌي وئي، جنهن ۾ سڄي رات برهمانند جا ڀڄن ٻڌائڻ جو اصرار ڪيو ويو، جنهن ۾ ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ۽ هنج تل کان 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڀڳتاڻي ڍاڻي جا رهواسي، مصرو ڀڳت ۽ هنچل سنگهه ٺڪر، جيڪو ان وقت 68 سالن جو هو، سنگت جيوَ راج جا پريمي بڻجي ويا ۽ خاص مهمانيون ڪري، وڌي آڌرڀاءُ سان نوازيو ويو. سهپ ۽ صبر جي بلندين تي پهتل سنتَ جيوَ راج صاحب سير وَ سفر جو گهڻو شوق رکندا هئا. اتر سنڌ، لاڙ، ونگو، ولاسو، ڍٽ ۽ ننگرپارڪر جا ڪيترائي ڳوٺ گهميا، ۽ انسانيت جي علمبرداري جو پيغام پهچايو، پاڻ سنسڪرت، هندي، سنڌي، اردو، فارسي، گرمگي، سرائيڪي، ۽ گجراتي ٻولين ۾ تلفظ، معنيٰ، سمجهاڻي۽ روانيءَ سان ڳالهائڻ ۾ عبور رکندا هئا. ايتري حد تائين جو ستسنگ يا محفل موسيقيءَ ۾ ڪٿي به غلط شاعري يا غلط تلفظ جو استعمال ٿيندو هو، ته پاڻ سختيءَ سان نوٽيس وٺندا هئا، ان کي درست ڪري پڙهڻ جي سکيا به ڏيندا هئا، جنهن ڪري وڏا وڏا گائيڪ ۽ سنگيت جا ماهر به سندس اڳيان ڳائڻ يا شاعري پڙهڻ کان لنوائيندا هئا. سنت جيوَ راج جا ڪافي شش اڄ به مڃتا جي لائق آهن، جن ۾ ڀڳت گنگو مل (ڍوڙڪيون واسي) جهامن داس کتري (نيو ڇور) وڪيل واسديو (عمر ڪوٽ) تپيدار چندن لال (مٺي) ماستر گرڌاري لال (مٺي) ڀڳت رڻڇو مل (هرو جي ڍاڻي) ڪرشن (جهامڙي سر) پرتاب (ڀريلو) سوڌو ڪنري، ٻوسٽان، راهمور، اڪڙي، پير پٿورو، کپرو، ڇور، نيو ڇور، حويلي، عمرڪوٽ، گنبي جو دڙو، ۽ ٻين هنڌن تي سنت جيوَراج صاحب جا شش ۽ چاهيندڙ اڄ به موجود آهن. سنگت جيوَ راج صاحب جي شش ڀڳت گنگو مل جو چوڻ آهي ته 1994ع ۾ مون گرو ڌارڻا ورتي، نام جي وچن بعد گرو صاحب ڀڳتيءَ، جي لاهن چاڙهن بابت سکيا ڏني. هندي ۽ سنسڪرت به سيکاري، ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي واٽ ڏني. گرو صاحب ڄاڻ جي کاڻ هو. سنت صاحب جي ڀائٽي ۽ شش ماستر گرڌاري لال ۽ سندس پٽ روي شنڪر ٻڌايو، ته سنت جيوَ راج صاحب گهر ڀاتين سميت هر پِراڻيءَ جو احساس رکندڙ هئا، ۽ ٻين جا ڏک جلد محسوس ڪري وٺندا هئا. سنت َجيو راج صاحب زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾، هڪ هفتو کن سخت بيمار رهيا، ۽ 18 مئي 2013ع تي مٺي شهر جي ڌرماڻي ڪالونيءَ ۾ واقعي پنهنجي گهر ۾ چولو مٽائي، حقيقي مالڪ حوالي ٿي ويا. پريوار ۾ هڪ پٽ روي شنڪر ۽ نياڻي ڌائو ٻائي ۽ هڪ گهر واري سونو ٻائي ڇڏيا آهن.